Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 13:4 - Hindu Sindhi Bible

4 ماڻهن ازدها اڳيان سيس نوايو، ڇاڪاڻ تہ هن انهيءَ حيوان کي پنهنجو اختيار ڏنو هو. هنن حيوان اڳيان بہ سيس نوايو ۽ چيائون تہ ”هن حيوان جهڙو ڪير آهي ۽ ڪير هن سان وڙهي ٿو سگھي؟“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 ۽ ڇالاءِ جو ازدها پنهنجو اختيار انهي حيوان کي ڏنو هو، تنهنڪري انهن ازدها جي پرستش ڪئي؛ ۽ انهي حيوان جي بہ پرستش ڪيائون، ۽ چيائون تہ هن حيوان جهڙو ڪير آهي؟ ۽ ڪير هن سان وڙهي ٿو سگهي؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

4 ماڻهن ازدها کي سجدو ڪيو، ڇاڪاڻ تہ هن انهيءَ حيوان کي پنهنجو اختيار ڏنو هو. هنن حيوان کي بہ سجدو ڪيو ۽ چيائون تہ ”هن حيوان جهڙو ڪير آهي ۽ ڪير هن سان وڙهي ٿو سگھي؟“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

4 ماڻھن ازدھا جي پوڄا ڪئي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن انھيءَ حيوان کي اختيار ڏنو ھو. ھنن حيوان جي بہ پوڄا ڪئي ۽ چيائون تہ ”ھن حيوان جھڙو ڪير آھي ۽ ڪير ھن سان وڙھي ٿو سگھي؟“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 13:4
18 Iomraidhean Croise  

اهي وشواس نہ ٿا آڻين، ڇاڪاڻ تہ شيطان جنهن کي هو هن سنسار جو ڀڳوان ڪري مڃين ٿا، تنهن سندن عقل کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي. هو چاهي ٿو تہ مسيح جيڪو ايشور جو روپ آهي، تنهن جي مهانتا جي باري ۾ خوشخبريءَ جي روشني هو ڏسي نہ سگھن.


هو پاڻ کي انهن سڀني کان مٿاهون ڄاڻيندو ۽ انهن جي مخالفت ڪندو، جيڪي ڀڳوان يا ديوتا ٿا سڏجن، ايتري قدر جو هو ايشور جي پوِتر گھر ۾ ويهي اها دعويٰ ڪندو تہ ”ايشور آءٌ آهيان.“


ان وقت آڪاش ۾ هڪڙو ٻيو نشان نظر آيو، يعني هڪڙو وڏو ڳاڙهو ازدها، جنهن کي ست مٿا ۽ ڏهہ سڱ هئا. سندس مٿن تي ست تاج هئا.


انهيءَ پنهنجي پڇ سان آڪاش جي تارن جو ٽيون حصو ڇڪي ڌرتيءَ تي ڪيرائي وڌو. پوءِ ازدها ٻار ڄڻيندڙ انهيءَ ناريءَ جي اڳيان وڃي بيهي رهيو، تہ جيئن سندس ٻار کي پيدا ٿيندي ئي ڳڙڪائي ڇڏي.


پوءِ مون هڪڙي ٻئي حيوان کي ڌرتيءَ مان نڪرندي ڏٺو، جنهن کي گھيٽڙي وانگر ٻہ سڱ هئا، پر هن ازدها وانگر ٿي ڳالهايو.


انهيءَ ٻئي حيوان کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ پهرئين حيوان جي بت ۾ آتما ڦوڪي، تہ جيئن اهو بت ڳالهائي ۽ جيڪي ماڻهو انهيءَ اڳيان سيس نہ نوائين تن کي مارائي ڇڏي.


مون جيڪو حيوان ڏٺو سو چيتي جهڙو هو، پر سندس پير رڇ جهڙا هئا ۽ وات شينهن جي وات جهڙو هئس. ازدها انهيءَ حيوان کي پنهنجي طاقت، پنهنجو تخت ۽ وڏو اختيار ڏنو.


اهي گھيٽڙي سان جنگ ڪندا، پر گھيٽڙو مٿن حاوي پوندو، ڇاڪاڻ تہ هو پرڀوئن جو پرڀو ۽ راجائن جو راجا آهي. هن جا وفادار جن کي هن سڏي چونڊيو آهي، سي ساڻس گڏ هوندا.“


اهي هن شهر جي سڙڻ جو دونهون ڏسي رڙيون ڪندي چوندا تہ ”ڇا ڪڏهن ڪو هن جهڙو وڏو شهر هو؟“


جيڪي ماڻهو انهن آفتن مان باقي بچيا، تن بڇڙائيءَ کان توبهہ نہ ڪئي. هائو، اهي برين آتمائن ۽ سون، چانديءَ، پتل، پٿر ۽ ڪاٺ جي ٺهيل بتن جي پوجا ڪرڻ کان نہ مڙيا، جيڪي نہ ڏسي سگھن ٿا، نہ ٻڌي سگھن ٿا ۽ نہ وري گھمي ڦري ٿا سگھن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan