Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 13:10 - Hindu Sindhi Bible

10 جيڪڏهن ڪو قيد ٿيڻو آهي تہ اهو قيد ۾ ويندو ۽ جيڪڏهن ڪو تلوار سان قتل ٿيڻو آهي تہ اهو تلوار سان قتل ڪيو ويندو. مطلب تہ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل ثابت قدم ۽ وشواس ۾ مضبوط رهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 جيڪڏهن ڪو قيد لاءِ آهي تہ اُهو قيد ۾ ويندو. جيڪڏهن ڪو ترار سان قتل ڪندو، تہ اهو ترار سان قتل ڪيو ويندو. پاڪ ٿيلن جو صبر ۽ ايمان اهو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

10 جيڪڏهن ڪو قيد ٿيڻو آهي تہ اهو قيد ۾ ويندو ۽ جيڪڏهن ڪو تلوار سان قتل ٿيڻو آهي تہ اهو تلوار سان قتل ڪيو ويندو. مطلب تہ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل ثابت قدم ۽ ايمان ۾ مضبوط رهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

10 جيڪڏھن ڪو قيد ٿيڻو آھي تہ اھو قيد ۾ ويندو ۽ جيڪڏھن ڪو تلوار سان قتل ٿيڻو آھي تہ اھو تلوار سان قتل ڪيو ويندو. اھو آھي خدا جي قوم جو صبر ۽ ايمان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 13:10
29 Iomraidhean Croise  

مطلب تہ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل ثابت قدم رهن، جيڪي ايشور جي حڪمن تي ٿا هلن ۽ يسوع تي وشواس ٿا رکن.


جيئن تہ اوهين منهنجي حڪم مطابق ثابت قدم رهيا آهيو، تنهنڪري آءٌ آزمائش جي انهيءَ گھڙيءَ ۾ اوهان جي سنڀال ڪندس، جيڪا ڌرتيءَ تي رهڻ وارن جي آزمائش لاءِ سڄي سنسار تي اچڻي آهي.


سو انهن ڳالهين تي ثابت قدم رهي پنهنجي جان بچايو.“


سو اوهين سست نہ ٿيو، پر انهن جي نموني تي هلو، جيڪي وشواس ۽ ثابت قدميءَ جي وسيلي اها ميراث حاصل ڪن ٿا، جنهن جو وچن ايشور ڪيو آهي.


”مون کي اوهان جي عملن، يعني اوهان جي سخت محنت ۽ ثابت قدميءَ جي ڄاڻ آهي ۽ اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ اوهين بڇڙائي ڪندڙن کي برداشت ڪري نہ ٿا سگھو. جيڪي پاڻ کي خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت ٿا سڏائين پر آهن ڪين، تن کي اوهان آزمائي ڏٺو تہ اهي ڪوڙا نڪتا.


تڏهن يسوع انهيءَ کي چيو تہ ”پنهنجي تلوار مياڻ ۾ وجھہ، ڇاڪاڻ تہ جيڪي بہ تلوار ٿا هلائين سي تلوار سان ئي ماريا وڃن ٿا.


ڇاڪاڻ تہ جن ماڻهن مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن ۽ ايشور جو سنديش ڏيندڙن جو رت وهايو آهي، تن کي تو رت پيئڻ لاءِ ڏنو. اهي انهيءَ جي ئي لائق آهن.“


آءٌ يوحنا اوهان جو وشواسي ڀاءُ، يسوع جو هئڻ ڪري ستائجڻ ۾، ايشور جي راڄ ۾ ۽ ثابت قدميءَ ۾ اوهان سان شريڪ آهيان. آءٌ ايشور جي سنديش ٻڌائڻ ۽ يسوع بابت شاهدي ڏيڻ ڪري انهيءَ ٻيٽ ۾ ڇڏيو ويو هئس جيڪو پتمس ٿو سڏجي.


تنهنڪري پنهنجو اهو جذبو ياد ڪريو جيڪو اوهان کي سنديش قبول ڪرڻ وقت هو. انهيءَ سکيا تي عمل ڪريو ۽ توبهہ‌تائب ٿيو. جيڪڏهن اوهين سجاڳ نہ ٿيندا تہ آءٌ چور وانگر ايندس. هائو، اوهان کي سڌ ئي ڪانہ پوندي تہ آءٌ ڪهڙي وقت اچي اوهان جي مٿان ڪڙڪندس.


”مون کي اوهان جي عملن، يعني اوهان جي پيار ۽ وشواس، سيوا ۽ ثابت قدميءَ جي ڄاڻ آهي. آءٌ اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ جيڪي عمل اوهين هاڻي ڪري رهيا آهيو، سي اوهان جي پهرين عملن کان وڌيڪ آهن.


انهيءَ لاءِ ضروري آهي تہ اوهين سندس مهانتا واري شڪتيءَ سان هر طرح ٻلوان ٿيندا وڃو. پوءِ اوهين هر حالت ۾ صبر ۽ برداشت ڪندي خوشيءَ سان


ڇاڪاڻ تہ جهڙيءَ طرح اوهين ٻين جا عيب اُگھاڙيندا، تهڙيءَ طرح ايشور بہ اوهان جا عيب اُگھاڙيندو. هائو، جهڙي ماپي سان اوهين ٻين کي ماپي ڏيندا، ساڳي ئي ماپي سان اوهان کي بہ ماپجي ملندو.


قومن کي ڪاوڙ لڳي ۽ تنهنجو ڏمر پرگھٽ ٿيو. هاڻ اهو وقت اچي ويو آهي، جڏهن مري ويلن جو انصاف ٿيندو. هائو، تنهنجا داس، يعني تو ايشور جو سنديش ڏيندڙ، ۽ مسيح ۾ چونڊي سڀيئي پوِتر ڪيل ننڍا توڙي وڏا، جيڪي تنهنجو خوف رکن ٿا، تن کي سندن ڦل ڏنو ويندو، ۽ جيڪي ڌرتيءَ کي برباد ڪن ٿا، تن کي برباد ڪيو ويندو.“


اهو حيوان جيڪو تو ڏٺو، سو اڳي هو ۽ هاڻي ڪونهي. پر اوڙاهہ مان نڪري اچڻ تي آهي ۽ پوءِ برباد ڪيو ويندو. ڌرتيءَ جا اهي رهاڪو جن جا نالا سنسار جي شروعات کان وٺي جيون شاستر ۾ لکيل نہ آهن، سي انهيءَ حيوان جو وري ظاهر ٿيڻ ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا، ڇاڪاڻ تہ اهو حيوان اڳي هو ۽ هاڻي ڪونهي.


جيڪو حيوان اڳي هو ۽ هاڻي ڪونهي، سو اٺون راجا آهي ۽ انهن ستن مان ئي هڪ آهي. هو پڻ برباد ڪيو ويندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan