Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 10:6 - Hindu Sindhi Bible

6 ۽ هميشہ هميشہ تائين جيوت رهندڙ ايشور جنهن آڪاش، ڌرتي، سمنڊ ۽ جيڪي انهن ۾ آهي تن کي پيدا ڪيو آهي، انهيءَ جو قسم کڻي چيائين تہ ”هاڻي وڌيڪ دير نہ ٿيندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 ۽ جيڪو هميشہ جيئرو آهي، ۽ جنهن آسمان ۽ جيڪي منجهس آهي، ۽ زمين ۽ جيڪي منجهس آهي، ۽ سمنڊ ۽ جيڪي منجهس آهي سو پيدا ڪيو، تنهن جو قسم کڻي چيائين تہ، وڌيڪ دير نہ ٿيندي!

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

6 ۽ هميشہ هميشہ تائين زندہ رهندڙ خدا جنهن آسمان، زمين، سمنڊ ۽ جيڪي انهن ۾ آهي تن کي پيدا ڪيو آهي، انهيءَ جو قسم کڻي چيائين تہ ”هاڻي وڌيڪ دير نہ ٿيندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

6 ۽ سدائين زندہ خدا جنھن آسمان، زمين، سمنڊ ۽ جيڪي منجھن آھي تن کي پيدا ڪيو آھي، انھيءَ جو قسم کڻي چيائين تہ ”ھاڻي وڌيڪ دير نہ ٿيندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 10:6
14 Iomraidhean Croise  

۽ اهو آهيان جيڪو جيوت رهان ٿو. آءٌ مري تہ ويو هئس، پر ڏس آءٌ هميشہ تائين جيوت رهان ٿو. موت توڙي مئلن جي سنسار جون چاٻيون مون وٽ آهن.


تنهنڪري اي آڪاشؤ ۽ آڪاشن جا رهاڪؤ! اوهين خوشيون ڪريو. پر اي ڌرتي ۽ سمنڊ! اوهان لاءِ مصيبت آهي، ڇاڪاڻ تہ شيطان اوهان تي اچي پيو آهي. هو ڏاڍيءَ ڪاوڙ ۾ آهي ڇو جو هو ڄاڻي ٿو تہ سندس وقت باقي ٿورو وڃي بچيو آهي.“


جڏهن ستين دوت پنهنجو پيالو هوا ۾ هاريو تہ هيڪل مان تخت واري پاسي کان هڪڙو وڏو آواز آيو، جنهن چيو تہ ”پورو ٿيو.“


هن مون کي وڌيڪ چيو تہ ”اهي ڳالهيون پوريون ٿي چڪيون آهن. آءٌ اول ۽ آخر، شروعات ۽ پڇاڙي آهيان. جيڪو اڃايل آهي تنهن کي آءٌ امرت‌جل جي چشمي مان مفت پيئاريندس.


تڏهن اهي چوويهہ مهاتما منهن ڀر ڪري انهيءَ جي آڏو سيس ٿا نوائين، جيڪو تخت تي ويٺو آهي ۽ هميشہ هميشہ تائين جيوت رهي ٿو. اهي سيس نوائيندي پنهنجا تاج ان تخت جي اڳيان رکي چون ٿا تہ


”اي پرڀو، اسان جا ايشور! تون مهما، مان‌سمان ۽ شڪتيءَ جي لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تو ئي سڀ شيون پيدا ڪيون آهن. هائو، تنهنجي ئي مرضيءَ سان هر ڪا شيءِ پيدا ٿي ۽ وجود ۾ آئي آهي.“


جڏهن اهي ساهوارا انهيءَ جي مهما، مان‌سمان ۽ شڪرگذاري ڪن ٿا جيڪو تخت تي ويٺو آهي ۽ هميشہ هميشہ تائين جيوت رهندو،


تڏهن انهن مان هر هڪ کي اڇو جبو پارايو ويو ۽ کين چيو ويو تہ ”اوهين اڃا ٿوري وقت تائين آرام ڪريو، جيستائين اوهان سان گڏ سيوا ڪندڙن ۽ اوهان جي ٻين ڀائرن ڀينرن جو تعداد پورو نہ ٿئي، جيڪي اوهان وانگر قتل ڪيا ويندا.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan