Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 10:5 - Hindu Sindhi Bible

5 ان کان پوءِ جنهن دوت کي مون سمنڊ ۽ زمين تي بيٺل ڏٺو، تنهن پنهنجو ساڄو هٿ آڪاش ڏانهن کنيو

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 ۽ جنهن ملائڪ کي مون سمنڊ تي ۽ زمين تي بيٺو ڏٺو، تنهن پنهنجو ساڄو هٿ آسمان ڏانهن کنيو،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

5 ان کان پوءِ جنهن ملائڪ کي مون سمنڊ ۽ زمين تي بيٺل ڏٺو، تنهن پنهنجو ساڄو هٿ آسمان ڏانهن کنيو

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

5 ان کان پوءِ جنھن ملائڪ کي مون سمنڊ ۽ زمين تي بيٺو ڏٺو، تنھن پنھنجو ساڄو ھٿ آسمان ڏانھن کنيو،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 10:5
29 Iomraidhean Croise  

”اي انسانؤ! اوهين هي ڇا ٿا ڪريو؟ اسين بہ اوهان جهڙا عام انسان آهيون. اسين تہ اوهان کي خوشخبري ٻڌائڻ آيا آهيون تہ اوهين هنن ڪوڙين ريتن رسمن کان پاسو ڪري رڳو انهيءَ جيوت ايشور کي مڃو، جنهن آڪاش، ڌرتي، سمنڊ ۽ ٻيو جيڪي انهن ۾ آهي سو پيدا ڪيو آهي.


جيڪو مون گھمندي گھمندي اوهان جي ڀڳتيءَ وارين شين تي غور ڪري ڏٺو آهي. مون ٻليدان واري هڪڙي جاءِ ڏٺي جنهن تي لکيل هو تہ ’اڻڄاتل ديوتا جي لاءِ.‘ سو اوهين ڄاڻڻ سڃاڻڻ کان سواءِ جنهن جي ڀڳتي ٿا ڪريو، تنهن جي ئي آءٌ اوهان کي خبر ٿو ڏيان.


هائو، ايشور جون ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ صفتون، يعني سندس امر شڪتي ۽ ذات سنسار جي شروعات کان وٺي سندس رچيل شين مان چٽيءَ طرح ظاهر پيون ڏسجن. تنهنڪري اهڙن ماڻهن کي ڪوبہ بهانو نہ آهي.


ايشور جڏهن ابرهام سان وچن ڪيو تڏهن هن پنهنجو ئي قسم کنيو، ڇاڪاڻ تہ کانئس وڏو ڪوبہ نہ آهي.


۽ اهو آهيان جيڪو جيوت رهان ٿو. آءٌ مري تہ ويو هئس، پر ڏس آءٌ هميشہ تائين جيوت رهان ٿو. موت توڙي مئلن جي سنسار جون چاٻيون مون وٽ آهن.


هن جي هٿ ۾ هڪڙو ننڍڙو کُليل ويڙهوٽو هو. هن پنهنجو ساڄو پير سمنڊ تي ۽ کاٻو پير زمين تي رکيو.


هُن وڏي آواز سان چيو تہ ”ايشور جو خوف رکندي سندس مهانتا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ سندس عدالت جو وقت اچي پهتو آهي. انهيءَ جي ڀڳتي ڪريو، جنهن آڪاش، ڌرتي، سمنڊ ۽ پاڻيءَ جا چشما پيدا ڪيا آهن.“


جڏهن ستين دوت پنهنجو پيالو هوا ۾ هاريو تہ هيڪل مان تخت واري پاسي کان هڪڙو وڏو آواز آيو، جنهن چيو تہ ”پورو ٿيو.“


”اي پرڀو، اسان جا ايشور! تون مهما، مان‌سمان ۽ شڪتيءَ جي لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تو ئي سڀ شيون پيدا ڪيون آهن. هائو، تنهنجي ئي مرضيءَ سان هر ڪا شيءِ پيدا ٿي ۽ وجود ۾ آئي آهي.“


جڏهن اهي ساهوارا انهيءَ جي مهما، مان‌سمان ۽ شڪرگذاري ڪن ٿا جيڪو تخت تي ويٺو آهي ۽ هميشہ هميشہ تائين جيوت رهندو،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan