Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 10:11 - Hindu Sindhi Bible

11 پوءِ مون کي چيو ويو تہ ”تو لاءِ اهو لازم آهي تہ تون گھڻين قومن، قبيلن، ٻولين وارن ۽ راجائن جي باري ۾ ايشور جو وڌيڪ فرمان ٻڌاءِ.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 ۽ مون کي چيو ويو تہ توکي ضرور گهڻين اُمتن، ۽ قومن، ۽ ٻولين، ۽ بادشاهن جي نسبت ۾ پيشنگوئي ڪرڻي پوندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

11 پوءِ مون کي چيو ويو تہ ”تو لاءِ اهو لازم آهي تہ تون گھڻين قومن، قبيلن، ٻولين وارن ۽ بادشاهن جي باري ۾ خدا جو وڌيڪ فرمان ٻڌاءِ.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

11 پوءِ مون کي چيو ويو تہ ”تو کي ھڪ دفعو وري اُمتن، قومن، ٻولين ۽ بادشاھن جي باري ۾ پيشنگوئي ڪرڻي پوندي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 10:11
13 Iomraidhean Croise  

مون اهو ننڍڙو ويڙهوٽو دوت کان وٺي کائي ڇڏيو. منهنجي وات ۾ تہ اهو ماکيءَ جهڙو مٺو لڳو، پر جڏهن کائي بس ڪيم تہ منهنجو پيٽ ڪؤڙو ٿي پيو.


پوءِ مون کي ماپ ڪرڻ لاءِ هڪڙو ڪانو ڏنو ويو ۽ چيو ويو تہ ”اُٿ ۽ وڃي ايشور جي هيڪل ۽ ان جي ٻليدان واري جاءِ جي ماپ ڪر ۽ جيڪي اُن ۾ ڀڳتي ڪن ٿا تن کي ڳڻ.


انهن جي لاشن کي سڀني قومن، قبيلن، ٻولين وارن ۽ ذاتين منجھان ڪجھہ ماڻهو ساڍن ٽن ڏينهن تائين ڏسندا رهيا ۽ کين دفن ٿيڻ نہ ڏنائون.


تنهن کان پوءِ مون هڪڙو دوت مٿي اڏامندي ڏٺو، جنهن وٽ ڌرتيءَ جي رهاڪن يعني سڀني قومن، قبيلن، ٻولين وارن ۽ ذاتين کي ٻڌائڻ لاءِ هميشہ واري خوشخبري هئي.


انهن مان پنج ڪري پيا آهن، هڪڙو موجود آهي ۽ ٻيو اڃا آيو ئي ڪونهي ۽ جڏهن اهو ايندو تہ کيس رڳو ٿوري وقت تائين راجا رهڻو آهي.


جيڪي ڏهہ سڱ تو ڏٺا سي اهي ڏهہ راجا آهن، جن کي اڃا تائين راڄ‌ڀاڳ ڪونہ مليو آهي. پر انهيءَ حيوان سان گڏ کين هڪڙي ڪلاڪ لاءِ راجائن جهڙو اختيار ملندو.


پوءِ دوت مون کي چيو تہ ”جن دريائن جي ڀرسان تو وئشيا کي ويٺل ڏٺو، سي قومون، قبيلا، ٻولين وارا ۽ ذاتيون آهن.


گھيٽڙي جي پيرن تي ڪرندي ئي اهي هڪڙو نئون ڀڄن ڳائڻ لڳا تہ ”تون ئي اهو ويڙهوٽو وٺڻ ۽ انهيءَ جي مُهرن کي ٽوڙڻ جي لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ تو پنهنجي رت سان سڀ ڪنهن قوم، قبيلي، ٻوليءَ ۽ ذات منجھان ماڻهن کي ايشور جي لاءِ خريد ڪيو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan