Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 1:9 - Hindu Sindhi Bible

9 آءٌ يوحنا اوهان جو وشواسي ڀاءُ، يسوع جو هئڻ ڪري ستائجڻ ۾، ايشور جي راڄ ۾ ۽ ثابت قدميءَ ۾ اوهان سان شريڪ آهيان. آءٌ ايشور جي سنديش ٻڌائڻ ۽ يسوع بابت شاهدي ڏيڻ ڪري انهيءَ ٻيٽ ۾ ڇڏيو ويو هئس جيڪو پتمس ٿو سڏجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 آئون يوحنا، جو اوهان جو ڀاءُ ۽ يسوع مسيح جي مصيبت، ۽ بادشاهت، ۽ صبر ۾ اوهان جو شريڪ آهيان، آئون خدا جي ڪلام ۽ يسوع جي شاهديءَ لاءِ اُنهي ٻيٽ ۾ هئس، جو پتمس ٿو سڏجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

9 آءٌ يوحنا اوهان جو هم‌ايمان ڀاءُ، عيسيٰ جو هئڻ ڪري ستائجڻ ۾، خدا جي بادشاهيءَ ۾ ۽ ثابت قدميءَ ۾ اوهان سان شريڪ آهيان. آءٌ خدا جي پيغام ٻڌائڻ ۽ عيسيٰ بابت شاهدي ڏيڻ ڪري انهيءَ ٻيٽ ۾ ڇڏيو ويو هئس جيڪو پتمس ٿو سڏجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

9 آءٌ يوحنا اوھان جو ڀاءُ ۽ عيسيٰ جي مصيبت، بادشاھت ۽ صبر ۾ اوھان سان شريڪ آھيان. آءٌ خدا جي ڪلام ٻڌائڻ ۽ عيسيٰ جي شاھدي ڏيڻ ڪري انھيءَ ٻيٽ ۾ قيد ھوس جيڪو پتمس ٿو سڏجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 1:9
35 Iomraidhean Croise  

تنهن تي يسوع انهن کي چيو تہ ”بيشڪ اوهين منهنجو پيالو پيئندا. پر پنهنجي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ويهارڻ منهنجي اختيار ۾ نہ آهي. اهي جايون انهن جون آهن جن جي لاءِ منهنجي پتا تيار ڪيون آهن.“


انهن چيس تہ ”هائو، ائين ڪري سگھون ٿا.“ تنهن تي يسوع انهن کي چيو تہ ”بيشڪ اوهين بہ اهو پيالو پيئندا جيڪو مون کي پيئڻو آهي ۽ اوهين بہ اها بپتسما وٺندا جيڪا مون کي وٺڻي آهي.


مون اهي ڳالهيون اوهان کي انهيءَ لاءِ ٻڌايون آهن تہ جيئن مون ۾ اوهان کي شانتي ملي. سنسار ۾ اوهين تڪليفون سهندا رهو ٿا، پر همت نہ هاريو. مون سنسار تي سوڀ حاصل ڪئي آهي.“


هڪڙي ڏينهن جڏهن اٽڪل هڪ سؤ ويهہ وشواسي اچي گڏ ٿيا، تڏهن پطرس انهن جي وچ ۾ اُٿي بيٺو ۽ چيائين تہ


هنن هر هنڌ پرڀوءَ جي پوئلڳن جي وشواس کي مضبوط ڪيو ۽ کين نصيحت ڪئي تہ هو وشواس تي قائم رهن. هنن کين ٻڌايو تہ ”اسان سڀني کي ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترين ئي مشڪلاتن مان لنگھڻو پوندو.“


جيڪڏهن اسين هن جا ٻار آهيون تہ وارث بہ آهيون، يعني ايشور جا وارث ۽ مسيح سان ورثي ۾ شريڪ آهيون، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن اسين مسيح سان تڪليفن ۾ شريڪ ٿيون ٿا تہ پوءِ ساڻس گڏ جوت ۾ بہ شريڪ ڪيا وينداسون.


پر جيڪڏهن اسين اهڙيءَ شيءِ جي اميد ٿا ڪريون جيڪا اڃا ڏسڻ ۾ نہ آئي آهي، تہ پوءِ اسين صبر سان ان جو بيحد انتظار ٿا ڪريون.


تنهنڪري اسان کي اوهان لاءِ پڪي اميد رهي ٿي تہ اوهين همت نہ هاريندا، ڇاڪاڻ تہ اسين ڄاڻون ٿا تہ جهڙيءَ طرح اوهين ڏک سور ۾ اسان سان شريڪ رهو ٿا، تهڙيءَ طرح انهيءَ دلداريءَ ۾ بہ شريڪ آهيو جيڪا اسان کي ملي ٿي.


سو اهو مناسب آهي تہ آءٌ اوهان سڀني جي باري ۾ خوش رهان، ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجي دل ۾ موجود آهيو ۽ ايشور جي ڪرپا ۾ مون سان شريڪ آهيو، نہ رڳو هن وقت جڏهن آءٌ قيد ۾ آهيان بلڪ مخالفن آڏو خوشخبريءَ کي سچو ثابت ڪرڻ ۽ قبول ڪندڙن اڳيان ان جو پرچار ڪرڻ وقت بہ.


تنهن هوندي بہ اوهان چڱو ڪيو جو مدد ڪندي منهنجي تڪليفن ۾ شامل ٿيا.


شل پرڀو يسوع اوهان جي اهڙي رهنمائي ڪري جو جيئن جيئن اوهين ايشور جي پريم ۾ وڌندا رهو، تيئن تيئن مسيح جي ثابت قدميءَ ۾ بہ وڌندا رهو.


تنهنڪري اسان جي پرڀو يسوع بابت شاهدي ڏيڻ کان شرم نہ ڪر. نڪي مون کان شرم ڪر جيڪو سندس واسطي قيدي آهيان. ان جي بدران ايشور کان ملندڙ شڪتيءَ سان خوشخبريءَ جي خاطر سختي سهڻ ۾ مون سان شريڪ ٿيءُ.


هائو، اوهان کي ثابت قدميءَ سان منهن ڏيڻ گھرجي، انهيءَ لاءِ تہ ايشور جي مرضي پوري ڪري اوهين اهو ڪجھہ حاصل ڪريو، جنهن جو ايشور پاڻ وچن ڪيو آهي، جيئن هن پوِتر شاستر ۾ فرمايو آهي تہ


اوهان وشواسين ۾ جيڪي منڊلين جا اڳواڻ آهن تن کي آءٌ، جيڪو انهن اڳواڻن مان هڪڙو، مسيح جي تڪليفن جو شاهد ۽ ظاهر ٿيڻ واري سندس جوت ۾ پڻ شامل هوندس، تاڪيد ٿو ڪريان تہ


هن شاستر ۾ انهن ڳالهين جو بيان آهي، جيڪي يسوع مسيح ظاهر ڪيون. اها آڪاش‌واڻي ايشور هن کي انهيءَ لاءِ ڏني تہ هو پنهنجي داسن کي اهي ڳالهيون ڏيکاري جيڪي جلد ٿيڻ واريون آهن. مسيح پنهنجي دوت جي وسيلي پنهنجي داس يوحنا تي اهي ڳالهيون ظاهر ڪيون.


پوءِ يوحنا انهن سڀني ڳالهين جي شاهدي ڏني جيڪي هن ڏٺيون، يعني ايشور جو سنديش ۽ يسوع مسيح جي شاهدي.


هي سنديش يوحنا جي طرفان وشواسين جي انهن ستن منڊلين ڏانهن آهي جيڪي آسيا صوبي ۾ آهن. شل اوهان تي ايشور جي ڪرپا ۽ شانتي هجي، جيڪو آهي، جيڪو هو ۽ جيڪو اچي عدالت ڪندو. انهيءَ کان علاوہ جيڪي ست آتمائون ايشور جي تخت جي اڳيان آهن، تن وٽان بہ اوهان تي ڪرپا ۽ شانتي هجي


۽ جنهن اسان کي ڪاهنن جو هڪڙو راڄ بڻايو تہ جيئن اسين سندس پتا يعني ايشور جي سيوا ڪري سگھون. شل انهيءَ جي مهانتا ۽ شڪتي هميشہ هميشہ تائين قائم رهي. آمين.


پوءِ مون ڏٺو تہ جڏهن انهن پنهنجي اها شاهدي پوري ڪئي، تڏهن اوڙاهہ مان نڪرڻ وارو حيوان ساڻن وڙهيو ۽ مٿن حاوي پئي کين ماري وڌائين.


اسان جا ڀائر ڀينر گھيٽڙي جي رت جي وسيلي ۽ پنهنجي شاهديءَ جي ڪري مٿس حاوي پيا. هنن مرڻ گھڙيءَ تائين پنهنجو ساهہ پيارو نہ ڪيو.


ازدها کي ناريءَ تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. تنهنڪري هو ناريءَ جي باقي اولاد، يعني جيڪي ايشور جي حڪمن تي هلن ٿا ۽ يسوع بابت شاهديءَ تي قائم آهن، تن سان جنگ ڪرڻ لاءِ هليو ويو


جيڪڏهن ڪو قيد ٿيڻو آهي تہ اهو قيد ۾ ويندو ۽ جيڪڏهن ڪو تلوار سان قتل ٿيڻو آهي تہ اهو تلوار سان قتل ڪيو ويندو. مطلب تہ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل ثابت قدم ۽ وشواس ۾ مضبوط رهن.


مطلب تہ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل ثابت قدم رهن، جيڪي ايشور جي حڪمن تي ٿا هلن ۽ يسوع تي وشواس ٿا رکن.


تڏهن آءٌ هن جي اڳيان سيس نوائڻ لاءِ سندس پيرن تي ڪري پيس. پر هُن مون کي چيو تہ ”خبردار، متان ائين ڪرين! رڳو ايشور آڏو ئي سيس نواءِ! آءٌ تہ تو وانگر ۽ تنهنجي ڀائرن ڀينرن وانگر سيوا ڪرڻ وارو آهيان جيڪي سڀ يسوع بابت شاهدي ڏيڻ تي قائم آهيون، ڇاڪاڻ تہ يسوع بابت شاهدي ئي ايشور جي سنديش جو نچوڙ آهي.“


پوءِ مون تخت ڏٺا ۽ جيڪي انهن تي ويٺا هئا، تن کي عدالت ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو. هي اهي ماڻهو هئا جن جون سسيون يسوع بابت شاهدي ڏيڻ ۽ ايشور جي سنديش ٻڌائڻ جي ڪري لاٿيون ويون هيون. هنن نہ انهيءَ حيوان ۽ سندس بت جي پوجا ڪئي، نڪي ان جو نشان پنهنجي پيشانيءَ ۽ هٿ تي هڻايو. اهي جيوت ٿي مسيح سان گڏ هزار سالن تائين راڄ ڪندا رهيا.


جيئن تہ اوهين منهنجي حڪم مطابق ثابت قدم رهيا آهيو، تنهنڪري آءٌ آزمائش جي انهيءَ گھڙيءَ ۾ اوهان جي سنڀال ڪندس، جيڪا ڌرتيءَ تي رهڻ وارن جي آزمائش لاءِ سڄي سنسار تي اچڻي آهي.


جڏهن گھيٽڙي پنجين مُهر ٽوڙي، تڏهن مون ٻليدان واري جاءِ جي هيٺان انهن جون آتمائون ڏٺيون، جيڪي يسوع بابت ايشور جي سنديش ۽ سندس شاهدي ڏيڻ تي قائم رهڻ سبب ڪُٺا ويا هئا.


مون جواب ڏنو تہ ”اي منهنجا سوامي! اوهين ئي ڄاڻو ٿا.“ هن مون کي چيو تہ ”هي اهي آهن جيڪي ستائجڻ واري تڪليف مان نڪري آيا آهن. انهن پنهنجا جبا گھيٽڙي جي رت ۾ ڌوئي پوِتر ڪري اڇا ڪيا آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan