Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 1:6 - Hindu Sindhi Bible

6 ۽ جنهن اسان کي ڪاهنن جو هڪڙو راڄ بڻايو تہ جيئن اسين سندس پتا يعني ايشور جي سيوا ڪري سگھون. شل انهيءَ جي مهانتا ۽ شڪتي هميشہ هميشہ تائين قائم رهي. آمين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 ۽ اسان کي هڪڙي بادشاهت بنايو، ۽ پنهنجي خدا يعني پيءُ لاءِ ڪاهن ڪيو؛ انهي جي وڏائي ۽ بادشاهي شل هميشہ تائين قائم هجي، آمين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

6 ۽ جنهن اسان کي ڪاهنن جي هڪڙي بادشاهت بڻايو تہ جيئن اسين سندس پيءُ يعني خدا جي خدمت ڪري سگھون. شل انهيءَ جي عظمت ۽ قدرت هميشہ هميشہ تائين قائم رهي. آمين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

6 ھن اسان کي ڪاھنن جي ھڪڙي بادشاھت بڻايو تہ جيئن اسين سندس خدا ۽ پيءُ جي خدمت ڪري سگھون. شل انھيءَ جي وڏائي ۽ قدرت ھميشہ تائين قائم رھي. آمين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 1:6
23 Iomraidhean Croise  

اسان کي آزمائش ۾ پوڻ نہ ڏي، پر جيڪڏهن آزمائش ۾ پئون تہ اسان کي بڇڙائيءَ کان بچاءِ.‘


اهو انهيءَ لاءِ آهي تہ سڀيئي ماڻهو پٽ کي اهڙي نموني مان ڏين جهڙي نموني پتا کي مان ڏين ٿا. تنهنڪري جيڪو پٽ کي مان نہ ٿو ڏئي سو پتا کي مان نہ ٿو ڏئي، جنهن کيس موڪليو آهي.


بيشڪ سڀيئي شيون ايشور جون ئي پيدا ڪيل آهن، انهيءَ جي ڪري ئي وجود ۾ آهن ۽ انهيءَ جي لاءِ ئي آهن. شل ايشور جي مهانتا جي مهما هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.


انهيءَ لاءِ تہ اوهين سڀ گڏجي هڪ زبان سان ايشور جي مهما ڪريو، جيڪو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جو پتا آهي.


۽ هر هڪ زبان اقرار ڪري تہ ”يسوع مسيح ئي پرڀو آهي،“ تہ جيئن ايشور پتا جي مهانتا جي مهما ٿئي.


رڳو اهو ئي ابناسي آهي ۽ هو انهيءَ روشنيءَ ۾ ٿو رهي، جنهن تائين ڪوبہ پهچي نہ ٿو سگھي. هن کي نہ ڪنهن ماڻهوءَ ڏٺو آهي ۽ نہ ڪو ڏسي ٿو سگھي. شل انهيءَ ايشور جو مان‌سمان ٿيندو رهي ۽ سندس شڪتي هميشہ تائين قائم رهي. آمين.


شل سو ئي اوهان کي هر چڱي آسيس بخشي ڪامل بڻائي، تہ جيئن اوهين سندس مرضي پوري ڪريو. شل هو يسوع مسيح جي وسيلي اسان سڀني ۾ اهو ڪجھہ پيدا ڪري جيڪو کيس پسند آهي. سندس مهانتا جي مهما هميشہ ٿيندي رهي. آمين.


مثال طور جيڪڏهن ڪو ماڻهو اُپديش ڏئي تہ اهڙيءَ طرح ڏئي جو ڄڻ تہ هو ايشور جو فرمان پيش ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن ڪو سيوا ڪري تہ انهيءَ طاقت موجب ڪري جيڪا ايشور کيس بخشي ٿو. اهو سڀ انهيءَ طرح ڪريو جو سڀني ڳالهين ۾ يسوع مسيح جي وسيلي ايشور جي مهما ٿئي. شل سندس مهانتا ۽ شڪتي هميشہ هميشہ تائين قائم رهي. آمين.


شل انهيءَ جي شڪتي هميشہ هميشہ تائين رهي. آمين.


ان جي بدران اوهين اسان جي پرڀوءَ ۽ مڪتي ڏيندڙ يسوع مسيح جي ڪرپا جي وسيلي کيس ڄاڻڻ ۾ وڌندا رهو. شل انهيءَ جي مهانتا جي مهما هاڻي بہ ٿئي ۽ هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.


۽ جيڪو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي وسيلي اسان کي مڪتي ڏئي ٿو، تنهن اڪيلي ايشور کي مهانتا، شڪتي، اختيار ۽ مهما سونهي، جيئن شروعات کان هو، هاڻي آهي ۽ هميشہ تائين هوندو. آمين.


آءٌ يوحنا اوهان جو وشواسي ڀاءُ، يسوع جو هئڻ ڪري ستائجڻ ۾، ايشور جي راڄ ۾ ۽ ثابت قدميءَ ۾ اوهان سان شريڪ آهيان. آءٌ ايشور جي سنديش ٻڌائڻ ۽ يسوع بابت شاهدي ڏيڻ ڪري انهيءَ ٻيٽ ۾ ڇڏيو ويو هئس جيڪو پتمس ٿو سڏجي.


سڀاڳا ۽ پوِتر آهن اهي جيڪي انهيءَ پهرئين جيوت ٿي اٿڻ ۾ شريڪ ٿا ٿين. اهڙن ماڻهن تي ٻئي موت جو ڪوبہ اختيار نہ ٿو هلي. اهي ايشور ۽ مسيح جا ڪاهن هوندا ۽ ساڻس گڏ هزار سالن تائين راڄ ڪندا.


”اي پرڀو، اسان جا ايشور! تون مهما، مان‌سمان ۽ شڪتيءَ جي لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تو ئي سڀ شيون پيدا ڪيون آهن. هائو، تنهنجي ئي مرضيءَ سان هر ڪا شيءِ پيدا ٿي ۽ وجود ۾ آئي آهي.“


تو انهن کي هڪ اهڙو راڄ بڻايو، جنهن جو هر فرد ڪاهن بڻجي اسان جي ايشور جي سيوا ڪري. اهي ڌرتيءَ تي راڄ ڪندا.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan