Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 1:4 - Hindu Sindhi Bible

4 هي سنديش يوحنا جي طرفان وشواسين جي انهن ستن منڊلين ڏانهن آهي جيڪي آسيا صوبي ۾ آهن. شل اوهان تي ايشور جي ڪرپا ۽ شانتي هجي، جيڪو آهي، جيڪو هو ۽ جيڪو اچي عدالت ڪندو. انهيءَ کان علاوہ جيڪي ست آتمائون ايشور جي تخت جي اڳيان آهن، تن وٽان بہ اوهان تي ڪرپا ۽ شانتي هجي

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 يوحنا جي طرفان اُنهن ستن ڪليسيائن ڏانهن يا جي آسيا ۾ آهن. جو آهي، ۽ جو هو، ۽ جو اچڻو آهي، انهي وٽان فضل ۽ اطمينان شل اوهان تي هجي؛ ۽ اُنهن ستن روحن وٽان جي سندس تخت جي اڳيان آهن؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

4 هي پيغام يوحنا جي طرفان انهن ستن ڪليسيائن ڏانهن آهي جيڪي آسيا صوبي ۾ آهن. شل اوهان تي خدا جو فضل ۽ سلامتي هجي، جيڪو آهي، جيڪو هو ۽ جيڪو اچي عدالت ڪندو. انهيءَ کان علاوہ جيڪي ست روح خدا جي تخت جي اڳيان آهن، تن وٽان بہ اوهان تي فضل ۽ سلامتي هجي

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

4 ھي پيغام يوحنا جي طرفان ايشيا پرڳڻي جي ستن ڪليسيائن ڏانھن آھي. شال اوھان تي انھيءَ جو فضل ۽ اطمينان ھجي، جيڪو آھي، جيڪو ھو ۽ جيڪو اچڻو آھي. اھي برڪتون اوھان ڏانھن انھن ستن روحن وٽان بہ آھن جيڪي خدا جي تخت جي اڳيان آھن،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 1:4
41 Iomraidhean Croise  

سنسار جي شروعات کان اڳي ئي وچن موجود هو، وچن ايشور سان هو ۽ وچن ايشور هو.


اهو سلسلو ٻن سالن تائين هلندو رهيو ۽ جيڪي آسيا صوبي جا يهودي ۽ غير قوم وارا هئا تن سڀني مسيح بابت پرميشور جو سنديش پئي ٻڌو.


ڇاڪاڻ تہ اسين پارٿين، مادئين ۽ عيلامين جي ملڪن ۾ رهندڙ توڙي مسوپتاميہ، يهوديہ، ڪپدُڪيا، پنطس، آسيا،


هي خط اوهان سڀني ڏانهن آهي، جيڪي روم شهر ۾ ايشور جا پيارا آهيو ۽ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيا ويا آهيو. شل اوهان تي اسان جي پتا ايشور ۽ پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا ۽ شانتي هجي.


شل اوهان تي اسان جي پتا ايشور ۽ پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا ۽ شانتي هجي.


شل اوهان تي اسان جي پتا ايشور ۽ پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا ۽ شانتي هجي.


يسوع مسيح ڪالهہ توڙي اڄ، بلڪ هميشہ تائين ساڳيو ئي آهي.


هر چڱي ۽ ڪامل بخشش مٿان کان آهي، يعني انهيءَ ايشور پتا جي طرفان ملي ٿي، جيڪو آڪاش مان روشني ڏيندڙ شين جو پيدا ڪندڙ آهي. هو ڦرندڙ پاڇن وانگر تبديل نہ ٿو ٿئي.


هن شاستر ۾ انهن ڳالهين جو بيان آهي، جيڪي يسوع مسيح ظاهر ڪيون. اها آڪاش‌واڻي ايشور هن کي انهيءَ لاءِ ڏني تہ هو پنهنجي داسن کي اهي ڳالهيون ڏيکاري جيڪي جلد ٿيڻ واريون آهن. مسيح پنهنجي دوت جي وسيلي پنهنجي داس يوحنا تي اهي ڳالهيون ظاهر ڪيون.


جنهن چيو تہ ”جيڪي تون ڏسين ٿو، سو شاستر ۾ لک ۽ اهو ستن ئي منڊلين ڏانهن ڏياري موڪل، جيڪي اِفسس، سمرنا، پرگمن، ٿواتيرہ، سرديس، فلدلفيا ۽ لوديڪيا شهرن ۾ آهن.“


جڏهن مون هن کي ڏٺو تہ سندس پيرن تي ڪري مُڙدي وانگر پئجي رهيس. هن پنهنجو ساڄو هٿ مون تي رکي چيو تہ ”ڊڄ نہ، آءٌ شروعات، پڇاڙي


اهي ست تارا جيڪي تون منهنجي ساڄي هٿ ۾ ڏسين ٿو، تن جو ۽ ستن سونن شمعدانن جو ڀيد هي آهي تہ ست تارا ستن منڊلين جا دوت آهن ۽ ست شمعدان ست منڊليون آهن.“


پرڀو پرميشور، جيڪو آهي، جيڪو هو ۽ جيڪو اچي عدالت ڪندو، اهو سروِشڪتيوان فرمائي ٿو تہ ”اول ۽ آخر آءٌ ئي آهيان.“


آءٌ يوحنا اوهان جو وشواسي ڀاءُ، يسوع جو هئڻ ڪري ستائجڻ ۾، ايشور جي راڄ ۾ ۽ ثابت قدميءَ ۾ اوهان سان شريڪ آهيان. آءٌ ايشور جي سنديش ٻڌائڻ ۽ يسوع بابت شاهدي ڏيڻ ڪري انهيءَ ٻيٽ ۾ ڇڏيو ويو هئس جيڪو پتمس ٿو سڏجي.


ان وقت مون پاڻيءَ تي مقرر ڪيل دوت کي هي چوندي ٻڌو تہ ”اي پوِتر هستي! تون جيڪو آهين ۽ جيڪو هئين، تون انصاف وارو آهين ۽ تو ئي اهڙو انصاف ڪيو،


هن مون کي پرگمن واري وشواسي منڊليءَ جي دوت ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جنهن وٽ ٻِہ‌منهين تکي تلوار آهي سو تنهنجي منڊليءَ وارن کي فرمائي ٿو تہ


هن مون کي ٿواتيرہ واري وشواسي منڊليءَ جي دوت ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ ايشور جو پٽ جنهن جون اکيون مشعل وانگر ٻرن ٿيون ۽ جنهن جا پير صاف ٿيل پتل جهڙا آهن، سو تنهنجي منڊليءَ وارن کي فرمائي ٿو تہ


هن مون کي سمرنا واري وشواسي منڊليءَ جي دوت ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جيڪو شروعات ۽ پڇاڙي آهي، جيڪو مري ويو هو ۽ وري جيوت ٿيو، سو تنهنجي منڊليءَ وارن کي فرمائي ٿو تہ


پرڀو يسوع چوي ٿو تہ ”مون يسوع پنهنجو دوت انهيءَ لاءِ موڪليو آهي تہ هو وشواسي منڊلين کي انهن ڳالهين جي شاهدي ڏئي. آءٌ راجا دائود جي پيڙهيءَ ۽ خاندان مان آهيان ۽ صبح جو چمڪندڙ تارو آهيان.“


آءٌ يوحنا اهو آهيان جنهن اهي ڳالهيون ٻڌيون ۽ ڏٺيون. سو جڏهن مون ٻڌو ۽ ڏٺو تڏهن انهيءَ دوت جي پيرن تي ڪري سندس آڏو سيس نوائڻ لڳس، جنهن مون کي اهي ڳالهيون ڏيکاريون.


هن مون کي سرديس واري وشواسي منڊليءَ جي دوت ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جنهن وٽ ايشور جون ست آتمائون ۽ ست تارا آهن، سو تنهنجي منڊليءَ وارن کي فرمائي ٿو تہ ”آءٌ اوهان جي عملن کي ڄاڻان ٿو. ماڻهو اوهان کي آتما جي لحاظ کان جيوت سمجھن ٿا، پر اوهين تہ مئل آهيو.


هن مون کي لوديڪيا واري وشواسي منڊليءَ جي دوت ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جيڪو آمين، يعني وفادار ۽ سچو شاهد آهي ۽ جنهن جي وسيلي ايشور سڀ ڪجھہ بڻايو، سو تنهنجي منڊليءَ وارن کي فرمائي ٿو تہ


هن مون کي فلدلفيا واري وشواسي منڊليءَ جي دوت ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جيڪو پوِتر ۽ سچو آهي، جنهن وٽ دائود جي راڄ جي چاٻي آهي، جنهن جي کوليل کي ڪوبہ بند نہ ٿو ڪري سگھي ۽ جنهن جي بند ڪيل کي ڪوبہ کولي نہ ٿو سگھي، سو تنهنجي منڊليءَ وارن کي فرمائي ٿو تہ


انهيءَ تخت مان کِنوڻين جا چمڪاٽ، وڏا آواز ۽ گجگوڙون پئي نڪتيون. تخت جي اڳيان ست باهہ جا مشعل پئي ٻريا، جيڪي ايشور جون ست آتمائون آهن.


انهن چئني ساهوارن مان هر هڪ کي ڇهہ پر هئا ۽ چوڌاري ٻاهرين توڙي اندرين پاسي اکين سان ڀريا پيا هئا. اهي رات ڏينهن سدائين اهو چون پيا تہ ”پوِتر، پوِتر، پوِتر، پرڀو پرميشور سروِشڪتيوان، جيڪو هو، جيڪو آهي ۽ جيڪو اچي عدالت ڪندو.“


پوءِ مون چئن ساهوارن ۽ انهن مهاتمائن جي وچ ۾ رکيل انهيءَ تخت وٽ هڪڙو گھيٽڙو بيٺل ڏٺو. ائين ٿي لڳو تہ هن کي ڪُٺو ويو هجي. انهيءَ کي ست سڱ ۽ ست اکيون هيون. اهي اکيون ايشور جون ست آتمائون آهن جيڪي سڄي ڌرتيءَ تي موڪليون ويون آهن.


پوءِ مون اهي ست دوت ڏٺا، جيڪي ايشور جي اڳيان بيٺا هوندا آهن. انهن کي ست توتارا ڏنا ويا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan