Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 1:16 - Hindu Sindhi Bible

16 هن جي ساڄي هٿ ۾ ست تارا هئا ۽ وات مان هڪڙي ٻِہ‌منهين تکي تلوار ٿي نڪتس. سندس شڪل ٻپهريءَ جي چمڪندڙ سج جهڙي هئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 ۽ انهي جي ساڄي هٿ ۾ ست تارا هئا: ۽ هن جي وات مان هڪڙي ٻہ منهين ترار ٿي نڪتي: ۽ اُنهي جي شڪل چمڪندڙ سج جهڙي هئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

16 هن جي ساڄي هٿ ۾ ست تارا هئا ۽ وات مان هڪڙي ٻِہ‌منهين تکي تلوار ٿي نڪتس. سندس شڪل ٻپهريءَ جي چمڪندڙ سج جهڙي هئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

16 ھن جي ساڄي ھٿ ۾ ست تارا ھئا ۽ وات مان ھڪڙي ٻہ⁠منھين تلوار ٿي نڪتس ۽ سندس شڪل چمڪندڙ سج جھڙي ھئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 1:16
26 Iomraidhean Croise  

اتي هنن جي ڏسندي ڏسندي يسوع جو روپ بدلجي ويو. هن جو منهن سج وانگر چمڪڻ لڳو ۽ سندس پوشاڪ اڇي تجليدار ٿي پيئي.


اهو منجھند جو وقت هو، تڏهن، اي راجا اگرپا! رستي ويندي مون آڪاش مان هڪڙي روشني ڏٺي جيڪا سج کان بہ وڌيڪ تجليدار هئي، سا مون تي ۽ منهنجي ساٿين تي اچي چمڪي.


پنهنجي مٿي تي مڪتيءَ جو لوهي ٽوپ پايو ۽ پوِتر آتما جي تلوار، يعني ايشور جو وچن پاڻ سان کڻو.


انهيءَ ڳالهہ کي ڌيان ۾ رکو، ڇاڪاڻ تہ ايشور جيڪي بہ فرمائي ٿو سو جيوت ۽ اثرائتو آهي. اهو اهڙو تکو آهي جو جان کي آتما کان ائين ڌار ڪريو ڇڏي، جيئن ٻِہ‌منهين تلوار سنڌن کي مِکُ کان ڌار ڪريو ڇڏي. اهو دل جي خيالن ۽ ارادن کي جاچي ٿو وٺي.


اهي ست تارا جيڪي تون منهنجي ساڄي هٿ ۾ ڏسين ٿو، تن جو ۽ ستن سونن شمعدانن جو ڀيد هي آهي تہ ست تارا ستن منڊلين جا دوت آهن ۽ ست شمعدان ست منڊليون آهن.“


پوءِ مون هڪڙي شڪتيوان دوت کي آڪاش مان لهندي ڏٺو، جيڪو ڪڪر سان ويڙهيل هو ۽ سندس مٿي تي انڊلٺ هئي. هن جو منهن سج جهڙو هو ۽ سندس ٽنگون باهہ جي ٿنڀن جهڙيون هيون.


پوءِ آڪاش ۾ هڪڙو وڏو عجيب نشان ڏسڻ ۾ آيو، يعني هڪ ناري نظر آئي، جنهن کي سج چادر جيان ويڙهيل هو، چنڊ انهيءَ جي پيرن هيٺان هو ۽ سندس مٿي تي ٻارهن تارن جو تاج پاتل هو.


هن جي وات مان هڪڙي تکي تلوار ٿي نڪتي، تہ جيئن هو قومن کي ماري. هائو، هو پاڻ لوهہ جي لٺ سان مٿن حڪمراني ڪندو ۽ سروِشڪتيوان ايشور جي خوفناڪ ڏمر واري حوض ۾ انگورن وانگر کين لتاڙيندو.


باقي ٻيا ماڻهو انهيءَ اڇي گھوڙي جي سوار جي تلوار، جيڪا سندس وات مان ٿي نڪتي تنهن سان ماريا ويا، جن جو ماس کائي سڀني پکين ڍءُ ڪيو.


هن مون کي اِفسس واري وشواسي منڊليءَ جي دوت ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جنهن کي پنهنجي ساڄي هٿ ۾ ست تارا آهن ۽ جيڪو ستن سونن شمعدانن جي وچ ۾ هلي ٿو، سو تنهنجي منڊليءَ وارن کي فرمائي ٿو تہ


هن مون کي پرگمن واري وشواسي منڊليءَ جي دوت ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جنهن وٽ ٻِہ‌منهين تکي تلوار آهي سو تنهنجي منڊليءَ وارن کي فرمائي ٿو تہ


سو توبهہ‌تائب ٿيو، نہ تہ آءٌ جلد اوهان وٽ ايندس ۽ پنهنجي وات جي تلوار سان انهن سان وڙهندس.


هن مون کي سرديس واري وشواسي منڊليءَ جي دوت ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جنهن وٽ ايشور جون ست آتمائون ۽ ست تارا آهن، سو تنهنجي منڊليءَ وارن کي فرمائي ٿو تہ ”آءٌ اوهان جي عملن کي ڄاڻان ٿو. ماڻهو اوهان کي آتما جي لحاظ کان جيوت سمجھن ٿا، پر اوهين تہ مئل آهيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan