Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 1:10 - Hindu Sindhi Bible

10 پرڀوءَ واري ڏينهن، يعني آچر جي ڏينهن آءٌ پوِتر آتما جي ضابطي ۾ اچي ويس ۽ پنهنجي پٺيان توتاري جي آواز جهڙو هڪڙو وڏو آواز ٻڌم،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 خداوند جي ڏينهن آئون روح ۾ اچي ويس، ۽ پنهنجي پٺيان تريءَ جهڙو هڪڙو وڏو آواز ٻُڌم.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

10 خداوند واري ڏينهن، يعني آچر جي ڏينهن آءٌ پاڪ روح جي ضابطي ۾ اچي ويس ۽ پنهنجي پٺيان توتاري جي آواز جهڙو هڪڙو وڏو آواز ٻڌم،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

10 خداوند واري ڏينھن آءٌ رويا جي حالت ۾ اچي ويس ۽ پنھنجي پٺيان ھڪڙو اھڙو وڏو آواز ٻڌم جيڪو توتاري جي آواز وانگر ھو،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 1:10
13 Iomraidhean Croise  

تنهن تي يسوع چين تہ ”پوءِ ڪيئن دائود پوِتر آتما جي هدايت تي هن کي ’پرڀو‘ ٿو سڏي؟ ڇاڪاڻ تہ دائود پاڻ چيو آهي تہ


انهيءَ ساڳئي آچر جي ڏينهن شام جو جڏهن چيلا يهودي اڳواڻن جي ڊپ کان در دروازا بند ڪيو ويٺا هئا تہ يسوع اچي سندن وچ ۾ بيٺو ۽ چيائين تہ ”اوهان تي شانتي هجي.“


هفتي کان پوءِ چيلا وري گھر ۾ گڏ ويٺا هئا ۽ هن ڀيري توما بہ ساڻن گڏ ويٺو هو. گھر جا در دروازا بند هئا تہ يسوع اچي سندن وچ ۾ بيٺو ۽ چيائين تہ ”اوهان تي شانتي هجي.“


ڇنڇر جي شام جو اسين رسوئي کائڻ لاءِ گڏ ٿياسين. تڏهن اتي پولس ماڻهن سان ڳالهائڻ لڳو. جيئن تہ هو ٻئي ڏينهن تي روانو ٿيڻ وارو هو، تنهنڪري سندس ڳالهائڻ رات جو دير تائين جاري رهيو.


تنهنڪري آءٌ اوهان کي سمجھائڻ گھران ٿو تہ ايشور جي آتما جي اثر هيٺ ڪوبہ نہ چوندو تہ يسوع لعنتي آهي ۽ نہ وري ڪو پوِتر آتما کان سواءِ چئي سگھندو تہ يسوع ئي پرڀو آهي.


هر آچر جي ڏينهن تي اوهان مان هر هڪ پنهنجي ڪمائيءَ آهر ڪجھہ بچائي پاڻ وٽ رکي تہ جيئن منهنجي اچڻ تي چندي گڏ ڪرڻ جي ضرورت نہ پوي.


پوءِ اهو دوت مون کي پوِتر آتما جي ضابطي واري حالت ۾ بيابان ڏانهن وٺي ويو. اُتي مون هڪڙي ناري ڏٺي، جيڪا لال ڳاڙهي رنگ جي حيوان تي ويٺي هئي. انهيءَ حيوان کي ست مٿا ۽ ڏهہ سڱ هئا ۽ سڄو شرير ايشور نندا جي نالن سان ڀريو پيو هئس.


هو مون کي پوِتر آتما جي ضابطي واري حالت ۾ هڪڙي وڏي ۽ مٿاهين جبل تي وٺي ويو ۽ پوِتر شهر يروشلم ايشور وٽان آڪاش مان لهندو ڏيکاريائين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan