Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




فلپين 4:7 - Hindu Sindhi Bible

7 تڏهن ايشور جي شانتي، جيڪا انساني سمجھہ کان بلڪل ٻاهر آهي، سا اوهان جي دلين ۽ خيالن کي يسوع مسيح ۾ محفوظ رکندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 ۽ خدا جو اطمينان، جو سمجهہ کان بلڪل ٻاهر آهي، سو اوهان جي دلين ۽ خيالن جي مسيح يسوع ۾ نگهباني ڪندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

7 تڏهن خدائي سلامتي، جيڪا انساني سمجھہ کان بلڪل ٻاهر آهي، سا اوهان جي دلين ۽ خيالن کي عيسيٰ مسيح ۾ محفوظ رکندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

7 تڏھن خدائي اطمينان، جيڪو سمجھہ کان بلڪل ٻاھر آھي، سو عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي حالت ۾ اوھان جي دلين ۽ دماغن جي نگھباني ڪندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




فلپين 4:7
43 Iomraidhean Croise  

جيڪا شانتيءَ واري رستي جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ اسان سڀني تي چمڪندي، جيڪي اونداهيءَ ۽ موت جي پاڇي ۾ رهون ٿا.“


”آڪاش تي ايشور جي مهما هجي ۽ ڌرتيءَ تي انهن ماڻهن لاءِ امن وَ شانتي، جن کان هو راضي آهي.“


آءٌ اوهان کي شانتي ڏيئي ٿو وڃان، اهڙي نہ ٿو ڏيان جهڙي سنسار ڏئي ٿو، بلڪ پنهنجي شانتي ڏيان ٿو. سو اوهين پنهنجي دل ۾ پريشان نہ ٿيو، نڪي ڊڄو.


مون اهي ڳالهيون اوهان کي انهيءَ لاءِ ٻڌايون آهن تہ جيئن مون ۾ اوهان کي شانتي ملي. سنسار ۾ اوهين تڪليفون سهندا رهو ٿا، پر همت نہ هاريو. مون سنسار تي سوڀ حاصل ڪئي آهي.“


هي خط اوهان سڀني ڏانهن آهي، جيڪي روم شهر ۾ ايشور جا پيارا آهيو ۽ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيا ويا آهيو. شل اوهان تي اسان جي پتا ايشور ۽ پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا ۽ شانتي هجي.


ياد رک، ايشور جو راڄ کائڻ پيئڻ تي مدار نہ ٿو رکي، بلڪ اهو سچائيءَ، ڀائيچاري ۽ انهيءَ خوشيءَ تي ٻڌل آهي جيڪا اسان ۾ پوِتر آتما جي هئڻ ڪري آهي.


هاڻ جڏهن تہ اوهين وشواس تي قائم آهيو، تڏهن شل اميد بخشيندڙ ايشور اوهان کي خوشيءَ ۽ شانتيءَ سان ڀرپور ڪري، تہ جيئن پوِتر آتما جي شڪتيءَ سان اوهان جي اميد ۾ گھڻو واڌارو ايندو وڃي.


جيئن تہ اسين وشواس رکڻ جي ڪري ايشور ڏانهن سچار بڻايا ويا آهيون، تنهنڪري اسان جو پنهنجي پرڀو يسوع مسيح جي وسيلي ايشور سان ميل ميلاپ ٿي ويو آهي.


انساني فطرت واري سوچ موت آهي، پر پوِتر آتما واري سوچ جيون ۽ ايشور سان ميل ميلاپ آهي.


يعني انهن اجاين دليلن ۽ هٺ وارين ڳالهين کي مِٽائي ٿا ڇڏيون، جيڪي ايشور کي ڄاڻڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي اُڀرن ٿيون. اسين هر هڪ خيال کي قيد ڪري مسيح جي وس هيٺ ٿا ڪريون.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آخر ۾ آءٌ چوان ٿو تہ خوش رهو، سڌرندا رهو، منهنجي نصيحت تي عمل ڪندا رهو، هڪ دل ٿي رهو ۽ سک وَ شانتيءَ سان جيون گذاريندا رهو. اهڙيءَ طرح ايشور جيڪو پريم ۽ شانتيءَ وارو آهي سو اوهان ساڻ هوندو.


پر پوِتر آتما جو ڦل آهي پيار، خوشي، شانتي، صبر، ڪرپا، نيڪي، وفاداري،


شل اوهين مسيح جي انهيءَ پريم کي ڄاڻي سگھو جيڪو بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي، تہ جيئن اوهين ايشور جي سڄي ڀرپوريءَ سان ڀرپور ٿي وڃو.


هي خط مون پولس ۽ تيمٿيس جي طرفان آهي، جيڪي مسيح يعني يسوع جا داس آهيون. هي خط وشواسي منڊليءَ جي سنڀاليندڙن ۽ سيوڪن سميت يسوع مسيح ۾ انهن سڀني چونڊي پوِتر ڪيلن ڏانهن لکجي ٿو جيڪي فلپي شهر ۾ رهن ٿا.


شل اوهان تي اسان جي پتا ايشور ۽ پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا ۽ شانتي هجي.


ائين منهنجو ايشور پنهنجي جھجھي خزاني مطابق يسوع مسيح جي وسيلي اوهان جي هر هڪ ضرورت کي پورو ڪندو.


يسوع مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل هر هڪ کي نمسڪار ڏجو. جيڪي وشواسي ڀائر ڀينر مون سان گڏ آهن سي اوهان کي نمسڪار ٿا چون.


جيڪي بہ ڳالهيون اوهان مون کان سکيون، حاصل ڪيون يا ٻڌيون، يا وري مون ۾ ڏٺيون آهن، تن تي عمل ڪندا رهو. پوءِ شانتي بخشيندڙ ايشور اوهان سان گڏ هوندو.


ان کان علاوہ مسيح جي شانتي، جنهن لاءِ اوهين هڪ شرير ٿيڻ جي واسطي سڏيا ويا آهيو، تنهن کي پنهنجي دلين تي حڪمراني ڪرڻ ڏيو ۽ شڪرگذار رهو.


هاڻي شانتي بخشيندڙ پرڀو يسوع پاڻ اوهان کي هميشہ ۽ هر طرح سان شانتي بخشي. شل پرڀو يسوع اوهان سڀني ساڻ هجي.


هاڻ شانتي بخشيندڙ ايشور جنهن رڍن جي مهان ڌنار، يعني اسان جي پرڀو يسوع کي سندس رت سان ٻڌل امر وچن جي وسيلي مئلن مان وري جيوت ڪري اٿاريو،


هي خط مون يهوداہ جي طرفان آهي، جيڪو يسوع مسيح جو داس ۽ يعقوب جو ڀاءُ آهيان. هي انهن ڏانهن لکجي ٿو، جيڪي ايشور پتا جي پيار ۽ يسوع مسيح جي سنڀال هيٺ رهڻ لاءِ سڏيا ويا آهن.


هي سنديش يوحنا جي طرفان وشواسين جي انهن ستن منڊلين ڏانهن آهي جيڪي آسيا صوبي ۾ آهن. شل اوهان تي ايشور جي ڪرپا ۽ شانتي هجي، جيڪو آهي، جيڪو هو ۽ جيڪو اچي عدالت ڪندو. انهيءَ کان علاوہ جيڪي ست آتمائون ايشور جي تخت جي اڳيان آهن، تن وٽان بہ اوهان تي ڪرپا ۽ شانتي هجي


جنهن کي ڪن آهن سو پوِتر آتما جون ڳالهيون ٻڌي جيڪي اها وشواسي منڊلين کي فرمائي ٿي. جيڪو آزمائشن تي حاوي پوندو تنهن کي آءٌ لڪل مَنَ مان ڪجھہ ڏيندس ۽ هڪڙو اڇو پٿر بہ ڏيندوسانس. انهيءَ پٿر تي هڪڙو نئون نالو لکيل هوندو، جنهن کي ٻيو ڪوبہ نہ ڄاڻيندو، سواءِ انهيءَ جي جنهن کي ملندو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan