Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




فلپين 4:21 - Hindu Sindhi Bible

21 يسوع مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل هر هڪ کي نمسڪار ڏجو. جيڪي وشواسي ڀائر ڀينر مون سان گڏ آهن سي اوهان کي نمسڪار ٿا چون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

21 سڀ ڪنهن پاڪ ٿيل شخص کي مسيح يسوع ۾ سلام ڏجو. جيڪي ڀائر مون سان آهن سي اوهان کي سلام ٿا ڏين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

21 عيسيٰ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل هر هڪ کي سلام ڏجو. جيڪي هم‌ايمان ڀائر ڀينر مون سان گڏ آهن سي اوهان کي سلام ٿا ڏين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

21 عيسيٰ مسيح جي سڀني ايمان وارن کي سلام ڏجو. جيڪي ايمان وارا مون سان گڏ آھن سي اوھان سڀني کي سلام ٿا ڏين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




فلپين 4:21
11 Iomraidhean Croise  

وري جيڪڏهن اوهين رڳو پنهنجن وشواسي ڀائرن ڀينرن جو ڀليڪار ڪريو ٿا تہ اوهان ڪا خاص ڳالهہ تہ ڪانہ ڪئي، ڇو تہ غير وشواسي بہ ائين ئي ڪن ٿا.


هي خط ڪرنٿس شهر ۾ ايشور جي منڊليءَ ڏانهن لکجي ٿو، يعني اوهان ڏانهن جيڪي يسوع مسيح ۾ پوِتر ڪيا ۽ چونڊيا ويا آهيو. هي انهن سڀني جي نالي پڻ لکجي ٿو جيڪي هر هنڌ پرڀو يسوع مسيح جو نالو وٺن ٿا، جيڪو انهن جو ۽ اسان جو پرڀو آهي.


جيڪي وشواسي هتي مون سان گڏ آهن سي سڀ بہ اوهان گلتيا صوبي وارن جي وشواسي منڊلين ڏانهن هي خط موڪلڻ ۾ شامل آهن.


سو نہ رڳو هنن مڃيو، پر منهنجو يوناني ساٿي طيطس توڙي جو ختنو ٿيل نہ هو، تڏهن بہ مٿس ختنو ڪرائڻ لاءِ ڪو زور ڪونہ ڀريائون.


هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو ايشور جي مرضيءَ سان مسيح يعني يسوع جو خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهيان. هي خط اِفسس شهر ۾ رهندڙ اوهان مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن ڏانهن لکجي ٿو، جيڪي يسوع مسيح جا وفادار پوئلڳ آهيو.


هي خط مون پولس ۽ تيمٿيس جي طرفان آهي، جيڪي مسيح يعني يسوع جا داس آهيون. هي خط وشواسي منڊليءَ جي سنڀاليندڙن ۽ سيوڪن سميت يسوع مسيح ۾ انهن سڀني چونڊي پوِتر ڪيلن ڏانهن لکجي ٿو جيڪي فلپي شهر ۾ رهن ٿا.


تڏهن ايشور جي شانتي، جيڪا انساني سمجھہ کان بلڪل ٻاهر آهي، سا اوهان جي دلين ۽ خيالن کي يسوع مسيح ۾ محفوظ رکندي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan