Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




فلپين 4:2 - Hindu Sindhi Bible

2 آءٌ ڀيڻ يوئوديا ۽ ڀيڻ سنتخي ٻنهي کي وينتي ٿو ڪريان تہ پرڀو يسوع جون هئڻ ڪري هڪ دل ٿي رهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 آئون يوئوديہ کي نصيحت ٿو ڪريان ۽ صنتخيءَ کي بہ، تہ اُهي خداوند ۾ يڪدل ٿي رهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

2 آءٌ ڀيڻ يوئوديا ۽ ڀيڻ سنتخي ٻنهي کي گذارش ٿو ڪريان تہ خداوند عيسيٰ جون هئڻ ڪري هڪ دل ٿي رهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

2 آءٌ يووئديا کي گذارش ٿو ڪريان ۽ صنتخيءَ کي بہ، تہ خداوند سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري يڪدل ٿي رھن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




فلپين 4:2
12 Iomraidhean Croise  

سو لوڻ چڱي شيءِ آهي، پر جيڪڏهن انهيءَ مان لوڻياٺ ئي نڪري وڃي تہ پوءِ ان کي ڇا سان وري لوڻياٺو ڪري سگھبو؟ تنهنڪري پاڻ ۾ لوڻ واري خاصيت رکو ۽ هڪٻئي سان صلح ۾ رهو.“


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي نالي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين پاڻ ۾ هڪ راءِ ٿيو تہ جيئن اوهان ۾ ڪابہ ڌڙابندي پيدا نہ ٿئي. اهڙيءَ طرح اوهين سڀ هڪ دل ۽ هڪ راءِ ٿي مڪمل طور ٻڌيءَ سان رهو.


بهرحال اسان کي رڳو ايترو ڪرڻو آهي تہ جنهن حد تائين اسين سمجھون ٿا، تنهن موجب جيون گذاريون.


هائو، سندن انهيءَ سيوا جي ڪري پيار سان کين وڏو مان ڏيو. اوهين پاڻ ۾ ميل ميلاپ سان رهو.


سڀني ماڻهن سان صلح وَ شانتيءَ سان رهڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ انهيءَ پوِترتائيءَ جا ڳولائو ٿيو، جنهن کان سواءِ ڪوبہ پرميشور کي نہ ڏسندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan