Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




فلپين 2:9 - Hindu Sindhi Bible

9 تنهنڪري ئي ايشور هن کي تمام گھڻو مٿاهون ڪيو، ۽ کيس اهو نالو بخشيائين جيڪو هر نالي کان اتم آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 انهي ڪري خدا بہ هن کي گهڻو سر بلند ڪيو، ۽ کيس اهو نالو ڏنائين جو سڀني نالن کان اعليٰ آهي؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

9 تنهنڪري ئي خدا هن کي تمام گھڻو سربلند ڪيو، ۽ کيس اهو نالو عطا ڪيائين جيڪو هر نالي کان اعليٰ آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

9 تنھنڪري خدا ھن کي تمام گھڻو سربلند ڪيو، ۽ کيس اھو نالو عطا ڪيائين، جيڪو سڀني نالن کان اعليٰ آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




فلپين 2:9
46 Iomraidhean Croise  

شڪر ڪرڻ کان پوءِ هن چيو تہ ”منهنجي پتا مون کي سڀ شيون سونپي ڇڏيون آهن. پتا کان سواءِ ڪوبہ پٽ کي نہ ٿو سڃاڻي، نڪي پٽ کان سواءِ پتا کي ڪو سڃاڻي ٿو، يا رڳو اهو جنهن تي پٽ کيس ظاهر ڪرڻ چاهي.


يسوع چيلن جي ويجھو اچي کين چوڻ لڳو تہ ”مون کي ڌرتيءَ ۽ آڪاش تي پورو اختيار ڏنو ويو آهي.


شڪر ڪرڻ کان پوءِ هن چيو تہ ”منهنجي پتا مون کي سڀ شيون سونپي ڇڏيون آهن. پتا کان سواءِ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ پٽ ڪير آهي ۽ پٽ کان سواءِ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ پتا ڪير آهي، يا رڳو اهو جنهن تي پٽ کيس ظاهر ڪرڻ چاهي.“


يسوع ڄاتو ٿي تہ ”پتا مون کي سڀ ڪجھہ هٿ ۾ ڏنو آهي.“ هن اهو بہ ڄاتو ٿي تہ ”آءٌ ايشور جي طرفان آيو آهيان ۽ ايشور ڏانهن موٽي وڃي رهيو آهيان.“


هاڻي آءٌ تو ڏانهن اچي رهيو آهيان ۽ سنسار ۾ وڌيڪ نہ رهندس، پر اهي اڃا سنسار ۾ رهندا. اي پوِتر پتا! تون پنهنجي پوِتر ذات جيڪا تو منهنجي وسيلي ظاهر ڪئي آهي، تنهن ۾ انهن کي قائم رک، انهيءَ لاءِ تہ اهي گڏجي هڪ ٿي رهن، جيئن تون ۽ آءٌ هڪ آهيون.


جيستائين آءٌ انهن سان گڏ هئس، تيستائين تنهنجي انهيءَ پوِتر ذات جيڪا تو منهنجي وسيلي ظاهر ڪئي آهي، تنهن ۾ کين قائم رکندو آيو آهيان ۽ سندن سنڀال ڪئي اٿم. انهن مان مون ڪوبہ نہ وڃايو آهي، سواءِ انهيءَ جي جيڪو برباد ٿيڻو هو، تہ جيئن پوِتر شاستر جي لکت پوري ٿئي.


هاڻي اي پتا! تون پنهنجي شرڻ ۾ مون کي انهيءَ جوت ۾ شريڪ ڪر، جيڪا سنسار جي پيدا ٿيڻ کان اڳ مون کي تو سان گڏ هئي.


نہ رڳو ايترو پر ايشور کيس مالڪ ۽ مڪتي ڏيندڙ بڻائي پنهنجي ساڄي پاسي ڏانهن سربلند ڪيو، تہ جيئن بني اسرائيل کي توبهہ ڪرڻ جي همت ڏئي ۽ سندن پاپ بخشي ڇڏي.


اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن زمانن جي پوري ٿيڻ جو اهڙو بندوبست ٿئي جو آڪاش توڙي ڌرتيءَ تي جيڪي ڪجھہ بہ آهي، سو سڀ مسيح جي سنڀال هيٺ اچي وڃي.


اهو ئي وشواسي منڊليءَ جو مٿو آهي جيڪا سندس شرير آهي. اهو ئي منڍ آهي ۽ اهو ئي مئلن منجھان جيوت ٿي اٿڻ ۾ پهريتو آهي، انهيءَ لاءِ تہ سڀني ڳالهين ۾ اول درجو هن جو ئي ٿئي.


اسين هيءَ پرارٿنا انهيءَ لاءِ ڪندا آهيون تہ جيئن اسان جي ايشور ۽ پرڀو يسوع مسيح جي ڏنل ڪرپا موجب، اسان جي پرڀو يسوع جو نالو اوهان ۾ مهان ڄاتو وڃي ۽ اوهين هن ۾ مان ماڻيو.


اهڙيءَ طرح هو دوتن کان اوتري قدر مهان ٿيو، جيتري قدر کيس انهن جي دوت نالي کان مهان نالو ورثي ۾ مليو.


تو سچائيءَ سان پريم، ۽ نيم جي ڀڃڪڙيءَ کان نفرت رکي. تنهنڪري مون يعني تنهنجي ايشور تو کي بيحد خوشيءَ واري وردان سان مخصوص ڪري تنهنجي سنگتين کان تو کي مٿاهون ڪيو.“


اچو تہ هن ڊوڙ ۾ اسين يسوع تي پنهنجيون نظرون رکي ڊوڙندا رهون، جيڪو اسان جي وشواس جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آهي. هن انهيءَ خوشيءَ جي خاطر جيڪا سندس نظر آڏو هئي، شرمندگيءَ جي پرواهہ نہ ڪري سوليءَ جي تڪليف سٺي ۽ ايشور جي تخت تي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


پر اسين يسوع کي ڏسون ٿا، جنهن کي ”دوتن کان ٿورڙو گھٽ“ ڪيو ويو هو، تہ جيئن هو ايشور جي ڪرپا سان هر انسان لاءِ موت جو ذائقو چکي. سو جيئن تہ هن موت جي تڪليف سٺي، تنهنڪري کيس ”مان‌سمان ۽ مهانتا وارو تاج“ پارايو ويو آهي.


هو آڪاش تي وڃي ايشور جي ساڄي پاسي ويٺو آهي ۽ دوت، اختياريون ۽ شڪتيون سندس وس هيٺ ڪيون ويون آهن.


هائو، جڏهن يسوع کي ايشور پتا مان‌سمان ۽ مهانتا بخشي، تڏهن انهيءَ وڏي مهانتا واري ايشور وٽان اتي هي آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو پٽ آهي ۽ هن مان آءٌ گھڻو خوش آهيان.“


ڇاڪاڻ تہ هو مسيح جي نالي تي نڪتا آهن ۽ غير وشواسين جي مدد قبول نہ ڪئي اٿائون.


۽ يسوع مسيح وٽان بہ، جيڪو سچو شاهد، مئلن مان جيوت ٿي اٿڻ وارن ۾ پهريتو ۽ ڌرتيءَ جي راجائن تي حڪم هلائيندڙ آهي. يسوع مسيح، جيڪو اسان سان پيار ٿو ڪري، جنهن پنهنجو رت وهائي اسان کي پاپن کان مڪتي ڏني آهي


جڏهن ستين دوت توتارو وڄايو تہ آڪاش ۾ وڏا آواز ٻڌڻ ۾ آيا جن چيو ٿي تہ ”سنسار جو راڄ اسان جي پرڀو پرميشور ۽ سندس مسيح جو ٿي ويو آهي. پرڀو پرميشور هميشہ هميشہ تائين راڄ ڪندو رهندو.“


هن جي پوشاڪ تي ران وٽ سندس هي لقب لکيل آهي: ”راجائن جو راجا ۽ پرڀوئن جو پرڀو.“


جيڪو آزمائشن تي حاوي پوندو تنهن کي آءٌ پاڻ سان گڏ پنهنجي تخت تي ويهاريندس، جهڙيءَ طرح آءٌ پاڻ حاوي پيس ۽ پنهنجي پتا سان گڏ سندس تخت تي ويٺس.


اهي وڏي آواز سان چئي رهيا هئا تہ ”گھيٽڙو جيڪو ڪُٺو ويو آهي، سو ئي شڪتي، دولت، ڏاهپ، طاقت، مان‌سمان، مهانتا ۽ مهما جي لائق آهي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan