Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




فلپين 2:21 - Hindu Sindhi Bible

21 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ هر ڪو ماڻهو يسوع مسيح جي ڳالهين کي نہ، بلڪ پنهنجي مطلب جي ڳالهين کي ٿو ڏسي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

21 هن ڪري جو سڀني کي پنهنجين ڳالهين جو فڪر آهي، نہ يسوع مسيح جي ڳالهين جو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

21 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ هر ڪو ماڻهو عيسيٰ مسيح جي ڳالهين کي نہ، بلڪ پنهنجي مطلب جي ڳالهين کي ٿو ڏسي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

21 ڇالاءِ⁠جو ھر ڪو پنھنجي مطلب جي ڳالھين کي ٿو ڏسي، نہ عيسيٰ مسيح جي ڳالھين کي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




فلپين 2:21
19 Iomraidhean Croise  

پوءِ يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان هلڻ گھري تہ هو پنهنجي آپي کي ماري ۽ پنهنجي سولي کڻي منهنجي پٺيان هلي.


”جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان اچڻ چاهي تہ اهو جيستائين پنهنجي ماتا، پتا، پتنيءَ، ٻارن ۽ ڀائرن ڀينرن بلڪ خود پاڻ کان بہ وڌيڪ مون سان پيار نہ ڪندو تيستائين هو منهنجو چيلو ٿي نہ سگھندو.


پولس ۽ سندس ساٿي پافس مان سامونڊي جهاز تي چڙهي پمفيليا علائقي جي پرگا شهر ۾ آيا. پوءِ يوحنا عرف مرقس هنن کي اتي ڇڏي يروشلم ڏانهن موٽي ويو.


پر پولس مناسب نہ سمجھيو تہ هن کي بہ ساڻ کڻجي، ڇاڪاڻ تہ هو اڳ بہ پرچار جي ڪم ۾ کين اڌ ۾ ئي ڇڏي پمفيليا مان موٽي هليو ويو هو.


سو هر ڪو ماڻهو پنهنجو ڀلو نہ پر ٻئي جو ڀلو گھري.


انهيءَ طرح آءٌ بہ هر ڪنهن ڳالهہ ۾ سڀ ڪنهن کي راضي ٿو رکان. آءٌ پنهنجو فائدو نہ، پر ٻين جو فائدو چاهيان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ جيئن گھڻن کي مڪتي ملي.


پريم بدتميزي نہ ٿو ڪري، پريم مطلبي نہ ٿو ٿئي، پريم جلدي نہ ٿو چڙي ۽ نہ وري غلطين جو حساب ڪتاب ٿو رکي.


جيئن مسيح جي تڪليفن ۾ شريڪ ٿي اسين گھڻا ڏک سور سهون ٿا، تيئن مسيح جي وسيلي اسان کي دلداري بہ گھڻي ڏني وڃي ٿي.


اوهان مان هر هڪ رڳو پنهنجي باري ۾ نہ، پر ٻين جي باري ۾ بہ سوچي.


تون اهو ڄاڻين ٿو تہ فوگلس ۽ هرمگنيس ڀائرن سميت آسيا صوبي جا سڀ وشواسي مون کان منهن موڙي ويا آهن.


ڇاڪاڻ تہ ماڻهو مطلبي، پئسي جا پوجاري، ٻٽاڪي، مغرور، ايشور جي نندا ڪندڙ، ماتا پتا جا نافرمان، بي‌شڪرا ۽ ايشور جي ڳالهين کي ڌڪاريندڙ هوندا.


ڇاڪاڻ تہ ديماس هن سنسار جي چاهت ۾ ڦاسي مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ ٿِسلُنيڪي شهر ڏانهن هليو ويو آهي. ان کان علاوہ ڪريسڪينس گلتيا صوبي ڏانهن هليو ويو آهي ۽ طيطس دلمتيا علائقي ڏانهن.


ڪورٽ ۾ صفائي پيش ڪرڻ واري منهنجي پهرين حاضريءَ تي ڪنهن بہ منهنجو ساٿ نہ ڏنو، بلڪ سڀني مون کي ڇڏي ڏنو. شل ايشور کانئن انهيءَ جو حساب نہ وٺي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan