Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




فلپين 2:1 - Hindu Sindhi Bible

1 هاڻ جيڪڏهن اوهان کي مسيح ۾ هئڻ ڪري همت ملي ٿي، سندس پريم مان تسلي ٿئي ٿي، پوِتر آتما سان سنگت رکو ٿا ۽ اوهان کي همدردي ۽ ديا حاصل آهي،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 تنهنڪري جيڪڏهن مسيح ۾ ڪا تسلي آهي، جيڪڏهن ڪو محبت جو دلاسو آهي، جيڪڏهن روح جي ڪا شراڪت آهي، جيڪڏهن ڪا رحمدلي ۽ مهرباني آهي،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

1 هاڻ جيڪڏهن اوهان کي مسيح ۾ هئڻ ڪري همت ملي ٿي، سندس محبت مان تسلي ٿئي ٿي، پاڪ روح سان صحبت رکو ٿا ۽ اوهان کي همدردي ۽ رحمدلي حاصل آهي،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

1 جيڪڏھن اوھان کي مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي ڪري ڪا دلداري ملي آھي ۽ سندس محبت مان ڪا تسلي ٿي آھي ۽ پاڪ روح جي ڪا صحبت ۽ ڪا رحمدلي ۽ ھمدردي ملي اٿوَ،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




فلپين 2:1
42 Iomraidhean Croise  

تن ڏينهن ۾ يروشلم ۾ شمعون نالي هڪڙو سچار ۽ نيڪ ماڻهو رهندو هو، جيڪو پوِتر آتما سان ڀريل هو. هن بني اسرائيل جي بچاءَ جي راهہ پئي نهاري.


آءٌ ويندس تہ سهي، پر اوهان کي يتيم ڪري نہ ڇڏي ويندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان وٽ موٽي ايندس.


آءٌ اوهان کي شانتي ڏيئي ٿو وڃان، اهڙي نہ ٿو ڏيان جهڙي سنسار ڏئي ٿو، بلڪ پنهنجي شانتي ڏيان ٿو. سو اوهين پنهنجي دل ۾ پريشان نہ ٿيو، نڪي ڊڄو.


هاڻي آءٌ تو وٽ اچي رهيو آهيان. پر جيستائين آءٌ سنسار ۾ آهيان تيستائين اهي ڳالهيون انهيءَ لاءِ ٻڌايان ٿو تہ جيئن منهنجي پوري خوشي انهن کي حاصل ٿئي.


اهي هر روز هيڪل ۾ گڏ ٿيندا هئا ۽ مختلف گھرن ۾ وڃي خوشيءَ ۽ صاف‌دليءَ سان گڏجي کائيندا پيئندا هئا.


مسيح تي وشواس رکندڙ سڀيئي تن ۽ من سان گڏ هئا ۽ منجھائن ڪوبہ ائين نہ پيو چوي تہ ”هيءَ شيءِ منهنجي آهي،“ پر هو سڀني شين ۾ هڪجهڙا ڀائيوار هئا.


اها اميد اسان کي شرمندو ٿيڻ نہ ٿي ڏئي، ڇاڪاڻ تہ جيڪا پوِتر آتما اسان کي بخشي ويئي آهي، تنهن جي وسيلي ايشور جو اسان سان پريم اسان جي دلين ۾ ڀريو ويو آهي.


انهيءَ اميد سان گڏوگڏ پوِتر آتما بہ اسان جي ڪمزوريءَ ۾ مدد ٿي ڪري. جيئن تہ اسين نہ ٿا ڄاڻون تہ ڪهڙي مناسب پرارٿنا ڪريون، سو پوِتر آتما پاڻ بيان کان ٻاهر آهون ڀري ڀري اسان جي سفارش پيئي ڪري.


جيتوڻيڪ اسين ڪي يهودي، ڪي غير يهودي، ڪي غلام تہ ڪي آزاد هئاسين، تہ بہ اسان سڀني کي هڪڙي ئي پوِتر آتما جي وسيلي هڪڙي شرير ٿيڻ لاءِ بپتسما ملي ۽ اها هڪڙي ئي پوِتر آتما اسان سڀني کي پيئاري ويئي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ روزانو موت جي منهن ۾ آهيان. اها ڳالهہ ايتري ئي سچي آهي جيترو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جا هئڻ ڪري اوهان تي منهنجو فخر آهي.


اوهين نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ اوهين سڀ گڏجي ايشور جي هيڪل آهيو ۽ ايشور جي آتما اوهان ۾ رهي ٿي؟


ايشور جو شڪر آهي، جيڪو اسان کي مسيح جا هئڻ ڪري سدائين پنهنجي سوڀ واري جلوس ۾ گھمائي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح اسان جي وسيلي هر هنڌ مسيح بابت ڄاڻ خوشبوءِ وانگر پکيڙي ٿو.


جيئن تہ اوهين ايشور جا ٻار آهيو، تنهنڪري ايشور پنهنجي پٽ جي آتما اوهان جي دلين ۾ بہ موڪلي آهي. اها پوِتر آتما ”پتا، اي پتا!“ چئي پڪاري ٿي.


پر پوِتر آتما جو ڦل آهي پيار، خوشي، شانتي، صبر، ڪرپا، نيڪي، وفاداري،


ڏسو، هڪڙو ئي شرير آهي ۽ هڪڙي ئي پوِتر آتما، جيئن اوهين بہ هڪڙي ئي اميد لاءِ سڏيا ويا آهيو.


ڏسو، ايشور منهنجو شاهد آهي تہ يسوع مسيح جي پريت جهڙي اوهان سڀني لاءِ ڪيڏي نہ سڪ اٿم.


ياد رکو تہ حقيقي ختنو ڪرايل اسين آهيون، جيڪي ايشور جي پوِتر آتما جي مرضيءَ سان جيون گذاريون ٿا، يسوع مسيح تي فخر ڪريون ٿا ۽ شرير وارين ڳالهين تي وشواس نہ ٿا رکون.


اهو آءٌ انهيءَ ڪري ٿو ڪريان تہ انهن جي دلين ۾ همت پيدا ٿئي ۽ اهي پيار سان پاڻ ۾ هڪ ٿي رهن. آءٌ چاهيان ٿو تہ اهي پوري اعتماد سان سمجھہ واري اهڙي دولت حاصل ڪن جنهن سان ايشور جي ڀيد، يعني مسيح کي ڄاڻين،


تنهنڪري جيئن اوهين ايشور جا چونڊيل، پوِتر ۽ پيارا آهيو، تيئن ديا، ڪرپا، نِوڙت، نماڻائيءَ ۽ ڌيرج کي پوشاڪ وانگر پهري ڇڏيو.


سو ايشور جو وچن ۽ قسم ٻئي اهڙيون شيون آهن جيڪي بدلجي نہ ٿيون سگھن ۽ جن جي باري ۾ ايشور جو ڪوڙو ٿيڻ ناممڪن آهي. ايشور اهو انهيءَ ڪري ڪيو تہ اسين جيڪي بچاءَ واسطي سندس شرڻ ۾ اچڻ لاءِ ڊوڙيا آهيون، سي پڪيءَ طرح خاطري ڪري انهيءَ اميد تي قائم رهون جيڪا اسان کي ڏيکاري ويئي آهي.


ايشور پتا پنهنجي ارادي موجب اڳ ۾ ئي پوِتر آتما جي وسيلي اوهان کي مخصوص ڪري چونڊيو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين يسوع مسيح جا فرمانبردار ٿيو ۽ سندس رت ڇٽڪارڻ سان پوِتر ڪيا وڃو. شل اوهان تي ڪرپا ۽ شانتي وڌندي رهي.


بيشڪ جيڪو ايشور جي حڪمن تي عمل ڪري ٿو، سو منجھس رهي ٿو ۽ هو انهيءَ ۾ رهي ٿو. اسين سندس بخشيل پوِتر آتما جي ڪري ڄاڻون ٿا تہ ايشور اسان ۾ رهي ٿو.


ايشور کي ڪنهن بہ ڪڏهن ڪونہ ڏٺو آهي. پر جيڪڏهن اسين هڪٻئي سان پيار ڪريون ٿا تہ ايشور اسان ۾ رهي ٿو ۽ سندس پيار اسان ۾ مڪمل ٿئي ٿو.


ان کان علاوہ اسان پاڻ بہ ڄاڻي ورتو آهي ۽ اهو وشواس بہ آهي تہ ايشور جو اسان سان پيار آهي. بيشڪ ايشور پيار آهي، تنهنڪري جيڪو پيار ۾ رهي ٿو سو ايشور ۾ رهي ٿو ۽ ايشور بہ انهيءَ ۾ رهي ٿو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan