Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




فلپين 1:27 - Hindu Sindhi Bible

27 اوهين رڳو هي ڪريو جو پنهنجو روزانو جيون مسيح بابت خوشخبريءَ جي لائق گذاريو. پوءِ آءٌ اچي اوهان سان گڏجان يا نہ، تہ بہ احوال اهو ٻڌان تہ هڪڙي ئي پوِتر آتما ۾ قائم رهندي اوهين هڪ دل ٿي ڪري گڏجي سخت ڪوشش ڪندا ٿا رهو تہ ماڻهن ۾ خوشخبريءَ تي وشواس وڌندو رهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

27 رڳو هيترو ڪريو تہ اوهان جي هلت چلت مسيح جي خوشخبريءَ جي لائق ٿئي: پوءِ آئون اچي اوهان کي گڏجان يا نہ، تہ بہ اوهان جو احوال اهو ٻُڌان تہ اوهين هڪڙي ئي روح ۾ قائم آهيو، ۽ هڪدل ٿي خوشخبريءَ جي ايمان لاءِ جانفشاني ڪندا ٿا رهو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

27 اوهين رڳو هي ڪريو جو پنهنجي روزاني زندگي مسيح بابت خوشخبريءَ جي لائق گذاريو. پوءِ آءٌ اچي اوهان سان گڏجان يا نہ، تہ بہ احوال اهو ٻڌان تہ هڪڙي ئي پاڪ روح ۾ قائم رهندي اوهين هڪ دل ٿي ڪري گڏجي سخت ڪوشش ڪندا ٿا رهو تہ ماڻهن ۾ خوشخبريءَ تي ايمان وڌندو رهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

27 ڇا بہ ٿي پوي اوھين پنھنجي روزاني زندگي مسيح جي خوشخبريءَ جي لائق گذاريو. پوءِ آءٌ اچي اوھان سان گڏجان يا نہ، تہ بہ احوال اھو ٻڌان تہ اوھين ھڪڙي ئي روح ۾ قائم آھيو ۽ ھڪ دل ٿي ڪري گڏجي جانفشاني ڪندا ٿا رھو تہ ماڻھو خوشخبريءَ تي ايمان آڻين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




فلپين 1:27
53 Iomraidhean Croise  

يسوع انهن جي خيالن کي ڄاڻيندي چيو تہ ”جنهن بہ راڄ ۾ ڏڦيڙ پوي ٿو سو برباد ٿيو وڃي ۽ جنهن بہ شهر يا گھر ۾ ڦيٽهڙو پوي ٿو سو بہ هلي نہ ٿو سگھي.


اهي هر روز هيڪل ۾ گڏ ٿيندا هئا ۽ مختلف گھرن ۾ وڃي خوشيءَ ۽ صاف‌دليءَ سان گڏجي کائيندا پيئندا هئا.


ڪن ڏينهن کان پوءِ فِيلڪس پنهنجي يهودڻ پتني دروسلہ سان گڏجي اتي آيو ۽ پولس کي گھرائي کانئس يسوع مسيح تي وشواس بابت ڳالهيون ٻڌائين.


مسيح تي وشواس رکندڙ سڀيئي تن ۽ من سان گڏ هئا ۽ منجھائن ڪوبہ ائين نہ پيو چوي تہ ”هيءَ شيءِ منهنجي آهي،“ پر هو سڀني شين ۾ هڪجهڙا ڀائيوار هئا.


آءٌ خوشخبري ٻڌائيندي نہ ٿو شرمايان، ڇاڪاڻ تہ اها هر انهيءَ ماڻهوءَ جي مڪتيءَ لاءِ ايشور جي شڪتي آهي، جيڪو مسيح تي وشواس آڻي ٿو. اها پهريائين يهودين لاءِ ۽ هاڻي غير قومن لاءِ بہ آهي.


انهيءَ جي ئي معرفت ايشور مون تي اها ڪرپا ڪئي جو آءٌ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت مقرر ٿيس، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ مسيح جي نالي خاطر سڀني قومن جي ماڻهن کي هي سنديش ڏيان تہ هو وشواس آڻي فرمانبردار ٿين.


ايشور، جنهن جي پٽ بابت خوشخبري ٻڌائڻ ۾ آءٌ پنهنجي تن ۽ من سان سندس سيوا ٿو ڪريان، سو ئي منهنجو شاهد آهي تہ ڪيئن نہ آءٌ هردم اوهان کي پنهنجي پرارٿنائن ۾ ياد ڪندي


بلڪ اها سچائي هيئن بہ چوي ٿي تہ ”ايشور جون ڳالهيون تنهنجي ويجھو آهن، بلڪ تنهنجي زبان تي ۽ تنهنجي دل ۾ آهن.“ ايشور جون هي ڳالهيون وشواس آڻڻ جو اهو ئي سنديش آهي، جنهن جو اسين پرچار ڪريون ٿا.


آءٌ يسوع مسيح جو سيوڪ ٿي غير قومن لاءِ ڪم ڪريان. سو آءٌ ڪاهن جي حيثيت وانگر مسيح بابت ايشور جي خوشخبريءَ جو پرچار ڪريان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ غير قومون پوِتر آتما جي مخصوص ۽ پوِتر ڪرڻ سان ايشور جي آڏو دان جي روپ ۾ قبول پون.


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جڏهن آءٌ اوهان وٽ ايندس تڏهن مسيح جي پوري آسيس اسان تي پرگھٽ ٿيندي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي نالي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين پاڻ ۾ هڪ راءِ ٿيو تہ جيئن اوهان ۾ ڪابہ ڌڙابندي پيدا نہ ٿئي. اهڙيءَ طرح اوهين سڀ هڪ دل ۽ هڪ راءِ ٿي مڪمل طور ٻڌيءَ سان رهو.


تہ پوءِ اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! مضبوط ۽ ثابت قدم رهو. پرڀو يسوع جي ڪم ۾ هميشہ وڌندا هلو، اهو ڄاڻيندي تہ سندس سيوا ۾ اوهان جو پورهيو اجايو نہ آهي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آخر ۾ آءٌ چوان ٿو تہ خوش رهو، سڌرندا رهو، منهنجي نصيحت تي عمل ڪندا رهو، هڪ دل ٿي رهو ۽ سک وَ شانتيءَ سان جيون گذاريندا رهو. اهڙيءَ طرح ايشور جيڪو پريم ۽ شانتيءَ وارو آهي سو اوهان ساڻ هوندو.


اهي وشواس نہ ٿا آڻين، ڇاڪاڻ تہ شيطان جنهن کي هو هن سنسار جو ڀڳوان ڪري مڃين ٿا، تنهن سندن عقل کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي. هو چاهي ٿو تہ مسيح جيڪو ايشور جو روپ آهي، تنهن جي مهانتا جي باري ۾ خوشخبريءَ جي روشني هو ڏسي نہ سگھن.


انهيءَ سيوا مان اهو ثابت ٿيندو تہ ڪيئن نہ اوهين مسيح بابت خوشخبريءَ کي قبول ڪرڻ جو اقرار ڪندي سندس وس هيٺ رهو ٿا. ضرورتمند اوهان جي انهيءَ فرمانبرداريءَ ڪري ايشور جي مهما ڪندا ۽ انهيءَ ڪري بہ تہ اوهين نہ رڳو هنن جي بلڪ سڀني ماڻهن جي سخاوت سان مدد ڪريو ٿا.


جيڪا حقيقت ۾ خوشخبري آهي ئي نہ. ڳالهہ هيءَ آهي تہ ڪي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي اوهان ۾ مونجھارو پيدا ڪري مسيح بابت خوشخبريءَ ۾ تبديلي آڻڻ ٿا گھرن.


اوهين غير يهودي بہ مسيح جا ٿيا جڏهن اوهان سچائيءَ جو سنديش يعني خوشخبري ٻڌي مسيح تي وشواس آندو ۽ اها خوشخبري اوهان لاءِ مڪتيءَ جو سبب بڻي. اهڙيءَ طرح ايشور پنهنجو وچن پورو ڪندي اوهان کي بہ پوِتر آتما بخشي، جيڪا سندس مالڪيءَ جي مُهر آهي.


اهو ئي سبب آهي جو پرڀو يسوع تي اوهان سڀني جي مضبوط وشواس ۽ مسيح ۾ سڀني چونڊي پوِتر ڪيلن لاءِ اوهان جي پيار بابت ٻڌي


تنهنڪري آءٌ، جيڪو پرڀو يسوع جو هئڻ ڪري قيدي آهيان، اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ جهڙي جيون گذارڻ لاءِ ايشور اوهان کي سڏيو آهي، اهڙو ئي لائق جيون گذاريو.


ڇاڪاڻ تہ اوهين پهرئين ڏينهن کان وٺي اڄ تائين مسيح بابت خوشخبري ڦهلائڻ ۾ مون سان شريڪ رهيا آهيو.


تنهنڪري اي منهنجا پريميؤ! جيئن اوهين هميشہ فرمانبرداري ڪندا آيا آهيو تيئن نہ رڳو منهنجي موجودگيءَ ۾ پر هاڻي غير موجودگيءَ ۾ اڃا بہ وڌيڪ فرمانبرداري ڪندا رهو. سو اوهين ڊڄندي ۽ ڏڪندي اهڙا ڪم ڪندا رهو جو اوهان جي حاصل ڪيل مڪتيءَ جو مقصد پورو ٿئي.


بلڪ مون کي پرڀو يسوع تي ڀروسو آهي تہ آءٌ پاڻ بہ جلد ايندس.


ڏسو، گھڻا ئي اهڙا ماڻهو بہ آهن جن بابت اڳ ڪيترائي دفعا مون اوهان کي ٻڌايو آهي ۽ هاڻي وري بہ روئي روئي ٿو چوان تہ اهي اهڙا آهن جن جي هلت چلت مان ظاهر ٿو ٿئي تہ اهي مسيح جي سوليءَ جا دشمن آهن.


جڏهن تہ اسين جن جو ديس آڪاش تي آهي، سي وڏي چاهہ سان انهيءَ مڪتي ڏيندڙ، يعني پرڀو يسوع مسيح جي اتان موٽي اچڻ جي انتظار ۾ آهيون.


تنهنڪري اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين، جن جو آءٌ سڪايل آهيان ۽ جيڪي منهنجي خوشي ۽ تاج آهيو، سي اي پريميؤ! پرڀو يسوع ۾ انهيءَ طرح ئي قائم رهو.


اها پرارٿنا اسين انهيءَ لاءِ ٿا ڪريون تہ جيئن اوهين پنهنجو جيون پرڀو يسوع جي لائق گذاريو ۽ کيس هر طرح خوش رکو. هائو، اوهين هر ڪنهن نيڪ ڪم ۾ ڦلدار ٿيندي ايشور کي ڄاڻڻ ۾ وڌندا وڃو.


شڪر ادا ڪرڻ جو سبب هي آهي تہ اسان ٻڌو آهي تہ اوهين يسوع مسيح تي وشواس رکو ٿا ۽ مسيح ۾ سڀني چونڊي پوِتر ڪيلن سان پيار ٿا ڪريو.


پر هاڻي تيمٿيس اوهان وٽان ٿي واپس آيو آهي ۽ اوهان جي وشواس ۽ پيار جي باري ۾ سٺو احوال ڏنو اٿائين. هن اسان کي ٻڌايو آهي تہ اوهين اسان کي هميشہ دل سان ياد پيا ڪريو ۽ اسان سان ملڻ جي گھڻي سڪ اٿوَ، جهڙيءَ طرح اسان کي اوهان جي لاءِ آهي.


انهيءَ ڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي منٿ ٿا ڪريون ۽ پرڀو يسوع ۾ تاڪيد ٿا ڪريون تہ جيئن اسان اوهان کي سيکاريو هو تہ ايشور کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪيئن جيون گذارجي، جيڪو اوهين سچ پچ گذاري بہ رهيا آهيو، تيئن هاڻي اوهين انهيءَ ۾ اڃا بہ وڌندا وڃو.


اها صحيح سکيا مهما واري ايشور جي انهيءَ مهانتا ڀري خوشخبريءَ موجب آهي، جيڪا منهنجي حوالي ڪئي ويئي آهي.


ڪن ماڻهن پنهنجي ضمير کي ڇڏي پنهنجي وشواس جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي.


آءٌ چڱي ويڙهہ وڙهي چڪو آهيان. آءٌ پنهنجي ڊوڙ پوري ڪري چڪو آهيان. مون وشواس کي محفوظ رکيو آهي.


۽ نہ ئي سندن چوري چڪاري ڪن. اٽلندو اهي هر طرح سان چڱا ۽ ايماندار ٿي پيش اچن، انهيءَ لاءِ تہ اهي اسان جي مڪتي ڏيندڙ ايشور جي سکيا کي هر طرح سان سينگاري سگھن.


جو آءٌ تنهنجي باري ۾ ٻڌندو آهيان تہ تون پرڀو يسوع تي وشواس رکين ٿو ۽ مسيح ۾ سڀني چونڊي پوِتر ڪيلن سان پيار ڪرين ٿو.


جيڪي ماڻهن ۾ صلح ٿا ڪرائين، سي صلح سان گڏ اهڙو ٻج ٿا پوکين، جيڪو سچائيءَ جو ڦل پيدا ٿو ڪري.


هاڻي جيئن تہ هي سڀ شيون اهڙيءَ طرح ڳري ناس ٿي وڃڻيون آهن، تڏهن سوچو تہ اوهان کي ڪهڙي قسم جو ماڻهو ٿيڻ گھرجي؟ اوهان کي گھرجي تہ اوهين پوِتر ۽ ڌرمچاري جيون گذاريو.


سو اي پريميؤ! جيئن تہ اوهين انهيءَ انتظار ۾ آهيو، تڏهن پوريءَ دل سان ڪوشش ڪندا رهو تہ ايشور سان ميل ميلاپ جي حالت ۾ اوهين سندس آڏو بي‌داغ ۽ بي‌عيب قرار ڏنا وڃو.


اي پريميؤ! آءٌ اوهان ڏانهن انهيءَ مڪتيءَ جي باري ۾ لکڻ لاءِ تمام گھڻو سرگرم آهيان، جنهن ۾ اسين سڀ شريڪ آهيون. پر مون پهريائين اهو لکڻ ضروري سمجھيو تہ اوهان کي تاڪيد ڪريان تہ انهيءَ وشواس تي قائم رهڻ لاءِ سخت جدوجهد ڪريو، جيڪو ايشور هميشہ لاءِ هڪڙي ئي ڀيري مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن کي سونپيو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan