Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




فلپين 1:26 - Hindu Sindhi Bible

26 سو اوهان وٽ ٻيهر اچڻ سان منهنجي ڪري اوهان جو فخر يسوع مسيح ۾ گھڻو وڌي ويندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

26 ۽ منهنجي اوهان وٽ وري اچڻ ڪري، منهنجي بابت اوهان جو فخر مسيح يسوع ۾ زيادہ ٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

26 سو اوهان وٽ ٻيهر اچڻ سان منهنجي ڪري اوهان جو فخر عيسيٰ مسيح ۾ گھڻو وڌي ويندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

26 سو جڏھن آءٌ ٻيھر اوھان وٽ اچي حاضر ٿيان تہ مون بابت اوھان جو فخر عيسيٰ مسيح جي ڪري گھڻو وڌي وڃي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




فلپين 1:26
14 Iomraidhean Croise  

اوهان سان بہ ائين ئي ٿيندو. هاڻي اوهان جي سورن جو وقت آهي. پر آءٌ اوهان سان وري ضرور ملندس. تڏهن اوهين ڏاڍا خوش ٿيندا ۽ اوهان جي اها خوشي اوهان کان ڪوبہ کسي نہ سگھندو.


هن وقت تائين اوهان منهنجي نالي تي کانئس ڪجھہ بہ نہ گھريو آهي. سو گھرو تہ مليوَ، تہ جيئن اوهان جي خوشي پوري ٿئي.“


اها ڳالهہ چوندي اسين وري اوهان آڏو پنهنجيون خوبيون بيان نہ ٿا ڪريون، پر اوهان کي موقعو ٿا ڏيون تہ اسان تي فخر ڪريو، جيئن انهن ماڻهن کي جواب ڏيئي سگھو جيڪي اندر جي ڳالهين تي نہ پر ظاهري ڳالهين تي فخر ڪن ٿا.


مون هن جي اڳيان اوهان بابت جيڪو فخر ڪيو هو تنهن ۾ آءٌ شرمندو نہ ٿيس. هائو، جيئن اسان اوهان سان هميشہ سچيون ڳالهيون ڪيون آهن، تيئن جيڪو فخر مون طيطس جي اڳيان ڪيو هو سو بہ سچو ثابت ٿيو.


انهيءَ لاءِ اهو سڀ آءٌ دليريءَ سان کُليءَ طرح اوهان سان ڳالهايان ٿو. مون کي اوهان تي ڏاڍو فخر آهي. مون کي پوري تسلي ٿي ويئي آهي. هاڻ اسان تي مصيبتن اچڻ جي باوجود بہ منهنجي دل خوشيءَ سان ٽمٽار رهي ٿي.


پر ايشور جيڪو دلگيرن کي تسلي ڏيندڙ آهي، تنهن طيطس جي اچڻ تي اسان کي تسلي ڏني.


تنهنڪري هر ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجا ڪم پاڻ جاچڻ گھرجن. انهيءَ حالت ۾ هو رڳو پنهنجو پاڻ تي فخر ڪري سگھي ٿو ۽ پوءِ هن کي ڪنهن ٻئي سان پنهنجي ڀيٽ ڪرڻ جي ضرورت نہ ٿيندي.


اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! پرڀو يسوع جا هئڻ ڪري اوهين خوش رهو. ساڳيون ڳالهيون اوهان ڏانهن بار بار لکندي مون کي ڪابہ تڪليف ڪونہ ٿي ٿئي، ڇاڪاڻ تہ اهو اوهان جي بچاءَ لاءِ آهي.


ياد رکو تہ حقيقي ختنو ڪرايل اسين آهيون، جيڪي ايشور جي پوِتر آتما جي مرضيءَ سان جيون گذاريون ٿا، يسوع مسيح تي فخر ڪريون ٿا ۽ شرير وارين ڳالهين تي وشواس نہ ٿا رکون.


آءٌ پرڀو يسوع ۾ نهايت خوش آهيان، جو اوهان کي منهنجو ساٿ ڏيڻ لاءِ نئين سر ڳڻتي پيدا ٿي. بيشڪ اڳي بہ اوهان کي اهڙي ڳڻتي هئي، پر انهيءَ کي ظاهر ڪرڻ جو گھڻي وقت کان اوهان کي موقعو نہ ٿي مليو.


پرڀو يسوع ۾ اوهين هر وقت خوش رهو. آءٌ وري بہ چوان ٿو تہ خوش رهو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan