Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




فلپين 1:20 - Hindu Sindhi Bible

20 حقيقت ۾ مون کي اميد، بلڪ پورو ڀروسو آهي تہ آءٌ ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ شرمندو نہ ٿيندس. پر وڏي دليريءَ سان هميشہ وانگر هاڻي بہ آءٌ پنهنجي شرير جي وسيلي مسيح جي وڏائي ظاهر ڪندو رهندس، پوءِ توڙي جيوت رهان يا مري وڃان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

20 جو منهنجي دل جي آرزو ۽ اُميد اها آهي، تہ آئون ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ شرمندو نہ ٿيان، بلڪ ڏاڍيءَ بهادريءَ سان هميشہ وانگر هاڻي بہ منهنجي بدن ڪري مسيح جي وڏائي ٿئي، پوءِ توڙي جيئرو رهان يا مري وڃان:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

20 حقيقت ۾ مون کي اميد، بلڪ پورو ڀروسو آهي تہ آءٌ ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ شرمندو نہ ٿيندس. پر وڏي دليريءَ سان هميشہ وانگر هاڻي بہ آءٌ پنهنجي بدن جي وسيلي مسيح جي وڏائي ظاهر ڪندو رهندس، پوءِ توڙي جيئرو رهان يا مري وڃان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

20 منھنجي دل جي آرزو، بلڪ اميد اٿم تہ ڪنھن بہ ڳالھہ ۾ شرمندو نہ ٿيندس. پر منھنجي وڏي دليريءَ جي ڪري ھميشہ وانگر ھاڻي بہ منھنجي بدن جي وسيلي مسيح جي وڏائي ٿيندي، پوءِ توڙي جيئرو رھان يا مري وڃان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




فلپين 1:20
41 Iomraidhean Croise  

هن چوڻ مان يسوع جو مطلب اهو هو تہ پطرس ڪهڙيءَ طرح سنسار مان لاڏاڻو ڪري ايشور جي جوت ظاهر ڪندو. پوءِ يسوع چيس تہ ”منهنجي پيروي ڪندو رهُہ.“


پر مون کي پنهنجي جان جي ڳڻتي نہ آهي، نڪي اها منهنجي لاءِ ڪا قيمت رکي ٿي. مون کي رڳو اها چنتا آهي تہ آءٌ پنهنجي ڊوڙ پوري ڪريان ۽ جيڪا سيوا پرڀو يسوع کان مون کي ڪرڻ لاءِ ملي آهي سا پوري ڪريان، يعني ايشور جي ڪرپا جي خوشخبري ٻڌائيندو رهان.


پر هن جواب ڏنو تہ ”اوهين روئي رڙي منهنجي دل ڇو ٿا ڀڃو؟ آءٌ يروشلم ۾ نہ رڳو پرڀو يسوع جي واسطي ٻڌجڻ لاءِ، بلڪ اتي مرڻ لاءِ بہ تيار آهيان.“


جڏهن انهن پرارٿنا پوري ڪئي تہ اها جاءِ ڌڏي ويئي جتي هو گڏ ٿيا هئا. اهي سڀيئي پوِتر آتما سان ڀرجي ويا ۽ مسيح بابت ايشور جو سنديش بي‌ڊپا ٿي ماڻهن کي ٻڌائڻ لڳا.


تنهنڪري اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيئن تہ ايشور جي اسان تي وڏي ديا آهي، سو آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين پنهنجي سڄي شرير کي اهڙي ٻليدان لاءِ ڀيٽا ڪريو، جيڪو جيوت، پوِتر ۽ ايشور کي پسند هجي. اها ئي حقيقي ڀڳتي آهي جيڪا اوهان کي احتياط سان ڪرڻ گھرجي.


اها اميد اسان کي شرمندو ٿيڻ نہ ٿي ڏئي، ڇاڪاڻ تہ جيڪا پوِتر آتما اسان کي بخشي ويئي آهي، تنهن جي وسيلي ايشور جو اسان سان پريم اسان جي دلين ۾ ڀريو ويو آهي.


پنهنجي شرير جي عضون کي پاپ جي حوالي نہ ڪريو، متان اهي بڇڙائيءَ جا هٿيار ٿين. پر پاڻ کي مئلن مان جيوت سمجھي ايشور جي حوالي ڪريو تہ جيئن اوهان جي شرير جا عضوا سچائيءَ جا هٿيار ٿين.


اوهان جي انساني فطرت واري ڪمزوريءَ جي ڪري آءٌ اوهان کي غلاميءَ جو هي عام رواجي مثال ڏيئي سمجھائي رهيو آهيان. جيئن اڳي اوهان بڇڙائي ڪرڻ لاءِ پاڻ کي حرامڪاريءَ ۽ بدڪاريءَ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيو هو، تيئن هاڻي پوِتر ٿيڻ لاءِ پاڻ کي سچائيءَ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيو.


سڄي رچنا ڏاڍي سڪ منجھان پيئي واجھائي تہ ڪڏهن ايشور جا ٻار انهيءَ جوت ۾ ظاهر ڪيا ويندا.


اهو پٿر يسوع آهي، جنهن بابت ايشور پوِتر شاستر ۾ فرمايو آهي تہ ”ڏسو، آءٌ صيئون ۾ ٿاٻڙائڻ وارو پٿر، يعني هڪ ڇپ رکي ڇڏيان ٿو، جيڪا ٿاٻو کائڻ جو سبب بڻبي، پر جيڪو هن تي وشواس آڻيندو، سو شرمندو نہ ٿيندو.“


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ روزانو موت جي منهن ۾ آهيان. اها ڳالهہ ايتري ئي سچي آهي جيترو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جا هئڻ ڪري اوهان تي منهنجو فخر آهي.


ڇاڪاڻ تہ اوهين مُلهہ ڏيئي ورتل آهيو. تنهنڪري اوهين پنهنجي شرير سان ايشور جي جوت ظاهر ڪريو.


سو هن جو ڌيان ورهايل رهي ٿو. ساڳيءَ طرح اڻ‌پرڻيل يا ڪنواري ناري پرڀو يسوع جي ڳالهين جي چنتا ۾ رهي ٿي تہ هوءَ ڪيئن شرير ۽ آتما جي لحاظ کان هن لاءِ مخصوص ۽ پوِتر رهي. جڏهن تہ پرڻيل ناريءَ کي سنساري چنتا بہ رهي ٿي تہ هوءَ ڪيئن پتيءَ کي راضي رکي.


پرڀو يسوع اسان کي اختيار ڏنو آهي تہ اوهان جي وشواس ۾ واڌارو آڻيون نڪي انهيءَ کي ڊاهيون. پوءِ جيڪڏهن انهيءَ اختيار تي آءٌ ڪجھہ وڌيڪ فخر ڪريان ٿو، تہ انهيءَ ۾ منهنجي لاءِ شرمندگيءَ جي ڪا ڳالهہ نہ آهي.


تنهنڪري اسين اهڙي اميد جي ڪري وڏي دليريءَ سان سيوا ڪريون ٿا.


مطلب تہ اسين يسوع جو موت هر وقت پنهنجي شرير ۾ کنيو ٿا وتون، تہ جيئن يسوع جو جيون بہ اسان جي شرير ۾ ظاهر ٿئي.


هو سڀني جي لاءِ انهيءَ ڪري مري ويو تہ جيڪي جيوت آهن سي اڳتي پنهنجي لاءِ نہ پر هن جي لاءِ جيوت رهن، جيڪو انهن جي خاطر مري ويو ۽ وري جيوت ٿي اٿيو.


مون هن جي اڳيان اوهان بابت جيڪو فخر ڪيو هو تنهن ۾ آءٌ شرمندو نہ ٿيس. هائو، جيئن اسان اوهان سان هميشہ سچيون ڳالهيون ڪيون آهن، تيئن جيڪو فخر مون طيطس جي اڳيان ڪيو هو سو بہ سچو ثابت ٿيو.


انهيءَ لاءِ اهو سڀ آءٌ دليريءَ سان کُليءَ طرح اوهان سان ڳالهايان ٿو. مون کي اوهان تي ڏاڍو فخر آهي. مون کي پوري تسلي ٿي ويئي آهي. هاڻ اسان تي مصيبتن اچڻ جي باوجود بہ منهنجي دل خوشيءَ سان ٽمٽار رهي ٿي.


ان کان علاوہ منهنجي قيد هجڻ ڪري گھڻن وشواسين جو پرڀو يسوع ۾ ڀروسو ايتري قدر وڌي ويو آهي جو اهي وڌيڪ همت ۽ بي‌خوفيءَ سان مسيح بابت سنديش ٻڌائين ٿا.


پوءِ ڀلي اوهان جي وشواس واري سيوا جيڪا هڪ ٻليدان مثل آهي، تنهن تي جيڪڏهن مون کي پنهنجو رت بہ وهائڻو پوي تہ بہ آءٌ خوش آهيان ۽ اوهان سڀني سان گڏ خوشي ٿو ڪريان.


هاڻي آءٌ انهن ڏکن سورن جي ڪري خوش آهيان، جيڪي اوهان جي خاطر پيو سهان. اهڙيءَ طرح مسيح جي تڪليفن سهڻ جي جيڪا ڪمي سندس شرير، يعني منڊليءَ جي مضبوطيءَ لاءِ آهي، تنهن کي آءٌ پنهنجي شرير ۾ پورو پيو ڪريان.


شل شانتي بخشيندڙ ايشور اوهان کي مڪمل طور پوِتر ڪري. شل هو اوهان جي آتما، جان ۽ شرير کي پوريءَ طرح محفوظ رکي، تہ جيئن اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي اچڻ وقت اوهين بي‌عيب قرار ڏنا وڃو.


پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو مسيح جو هئڻ سبب تڪليف سهي تہ شرمسار نہ ٿئي، بلڪ انهيءَ نالي جي ڪري ايشور جي مهما ڪندو رهي.


هاڻي اي پيارا ٻارؤ! مسيح ۾ قائم رهندا اچو تہ جڏهن هو ظاهر ٿئي، تڏهن اسان کي اهو اعتماد هجي تہ سندس اچڻ مهل اسين هن جي اڳيان شرمندا نہ ٿينداسين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan