Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




فلپين 1:12 - Hindu Sindhi Bible

12 هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ چاهيان ٿو تہ اوهين ڄاڻي وٺو تہ مون سان جيڪي ڪجھہ ٿئي ٿو، سو حقيقت ۾ خوشخبريءَ جي واڌاري جو سبب ٿو بڻجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 هاڻي اي ڀائرو، منهنجي مرضي آهي تہ اوهان کي خبر پوي تہ جيڪي مون تي ٿي گذريو آهي، تنهن مان ڪيئن نہ خوشخبريءَ جو واڌارو ٿيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

12 هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ چاهيان ٿو تہ اوهين ڄاڻي وٺو تہ مون سان جيڪي ڪجھہ ٿئي ٿو، سو حقيقت ۾ خوشخبريءَ جي واڌاري جو سبب ٿو بڻجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

12 ھاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ چاھيان ٿو تہ اوھين ڄاڻي وٺو تہ جيڪي ڪجھہ مون تي ٿي گذريو آھي، سو حقيقت ۾ خوشخبريءَ جي واڌاري جو سبب بڻيو آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




فلپين 1:12
19 Iomraidhean Croise  

انهيءَ مان اوهان کي ايشور جي راڄ بابت خوشخبري ٻڌائڻ جو موقعو ملي ويندو.


جيڪي وشواسي ٽڙي پکڙي ويا هئا، سي جتي بہ ويا اتي انهن مسيح بابت ايشور جي سنديش جو پرچار ڪيو.


اسين ڄاڻون ٿا تہ ايشور سڀني ڳالهين ۾ انهن ماڻهن لاءِ ڀلائي رکي ٿو، جيڪي ساڻس پيار ڪن ٿا ۽ سندس مقصد لاءِ چونڊيا ويا آهن.


انهن سڀني حالتن ۾ بہ اسين انهيءَ جي وسيلي شاندار سوڀ حاصل ڪريون ٿا، جنهن اسان سان پيار ڪيو.


ڇاڪاڻ تہ اوهين پهرئين ڏينهن کان وٺي اڄ تائين مسيح بابت خوشخبري ڦهلائڻ ۾ مون سان شريڪ رهيا آهيو.


سو اهو مناسب آهي تہ آءٌ اوهان سڀني جي باري ۾ خوش رهان، ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجي دل ۾ موجود آهيو ۽ ايشور جي ڪرپا ۾ مون سان شريڪ آهيو، نہ رڳو هن وقت جڏهن آءٌ قيد ۾ آهيان بلڪ مخالفن آڏو خوشخبريءَ کي سچو ثابت ڪرڻ ۽ قبول ڪندڙن اڳيان ان جو پرچار ڪرڻ وقت بہ.


جڏهن تہ تيمٿيس جي ڀروسي جوڳو ثابت ٿيڻ جي اوهان کي ڄاڻ آهي جو هن مون سان گڏجي خوشخبري ڦهلائڻ جي ائين سيوا ڪئي آهي جيئن ڪو پٽ پتا سان گڏجي ڪم ڪري.


اي فلپيؤ! اوهين پاڻ بہ ڄاڻو ٿا تہ خوشخبريءَ جي پرچار وارن شروعاتي ڏينهن ۾ جڏهن آءٌ اوهان جي صوبي مڪدُنيا مان روانو ٿي رهيو هئس تہ اوهان کان سواءِ ٻي ڪابہ وشواسي منڊلي، ڏيڻ وٺڻ جي معاملي ۾ مون سان شامل نہ ٿي.


اي سچا ساٿي! آءٌ تو کي بہ وينتي ٿو ڪريان تہ انهن نارين جي صلح ڪرائڻ ۾ سندن مدد ڪر. انهن ٻنهي ڪليمنس توڙي منهنجي ٻين ساٿي سيوادارين سان شامل ٿي مون سان گڏجي خوشخبري ڦهلائڻ ۾ سخت محنت ڪئي آهي. هنن سڀني جا نالا ايشور وٽ جيون شاستر ۾ لکيل آهن.


منهنجي مرضي آهي تہ مرد گڏجي هر ڀڳتيءَ ۾ ڪاوڙ ۽ تڪرار کان سواءِ پوِتر هٿن سان پرارٿنا ڪن.


اها خوشخبري ٻڌائڻ جي ڪري ئي آءٌ تڪليفون ٿو سهان، ايتري قدر جو ڪنهن ڏوهاريءَ وانگر قيد ۾ پيو آهيان. پر ايشور جي سنديش کي قيد ڪري نہ ٿو سگھجي.


پر پرڀو يسوع مون سان گڏ هو، جنهن مون کي شڪتي ڏني، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي وسيلي خوشخبريءَ جو پرچار پورو ٿئي ۽ سڀ غير قومون ان کي ٻڌن. ائين ڄڻ تہ آءٌ شينهن جي وات مان ڇڏايو ويس.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan