Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مرقس 7:7 - Hindu Sindhi Bible

7 هو منهنجي ڀڳتي اجائي ٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ هو ماڻهن جا حڪم ائين ٿا سيکارين ڄڻ تہ اهي مون ايشور جا حڪم آهن.‘“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 هو منهنجي عبادت اجائي ٿا ڪن، جو ماڻهن جا حڪم پنهنجي تعليم ڪيو ٿا سيکارين.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

7 هو منهنجي عبادت اجائي ٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ هو ماڻهن جا حڪم ائين ٿا سيکارين ڄڻ تہ اهي مون خدا جا حڪم آهن.‘“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

7 ھو منھنجي عبادت اجائي ٿا ڪن، ڇالاءِ⁠جو ھو ماڻھن جا حڪم ائين ٿا سيکارين ڄڻ تہ اھي خدا جا حڪم آھن.‘“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مرقس 7:7
15 Iomraidhean Croise  

هو منهنجي ڀڳتي اجائي ٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ هو ماڻهن جا حڪم ائين ٿا سيکارين ڄڻ تہ اهي مون ايشور جا حڪم آهن.‘“


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کي ڌرمچاري ٿو سمجھي پر پنهنجي زبان کي ضابطي ۾ نہ ٿو رکي تہ سندس ڌرمچاري اجائي آهي ۽ اهو پاڻ کي دوکو ٿو ڏئي.


اهڙي قسم جا حڪم ۽ اهڙي سکيا انسانن جي ٺاهيل آهي، جڏهن تہ اهي سڀ شيون ڪم آڻڻ سان ناس ٿي وڃن ٿيون.


اوهين پنهنجي پرارٿنا ۾ اجايا گھڻا لفظ ڪم نہ آڻيو، جيئن غير وشواسي ڪندا آهن، ڇو تہ هو سمجھن ٿا تہ انهن جون ڊگھيون پرارٿنائون ڪرڻ ڪري ايشور سندن ٻڌندو.


پر مورکتا وارن بحثن، ابن ڏاڏن جي ڊگھين فهرستن، جھيڙن جھڳڙن ۽ موسيٰ جي نيم بابت تڪرارن کان پاسو ڪر، ڇاڪاڻ تہ اهي بي‌فائدہ ۽ اجايا آهن.


آءٌ يوحنا هر انهيءَ کي جيڪو هن شاستر جون ڳالهيون ٻڌي ٿو، آگاهہ ٿو ڪريان تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو هنن ۾ ڪو واڌارو ڪندو تہ ايشور هن شاستر ۾ لکيل آفتون مٿس آڻيندو.


اي مورکؤ! ڇا اوهين ايترو نہ ٿا سمجھي سگھو تہ عمل کان سواءِ وشواس بيڪار آهي؟


هاڻ جيڪڏهن مسيح جيوت ٿي ڪونہ اٿيو آهي، تہ پوءِ اسان جو پرچار اجايو آهي ۽ اوهان جو وشواس رکڻ بہ اجايو آهي.


تہ پوءِ اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! مضبوط ۽ ثابت قدم رهو. پرڀو يسوع جي ڪم ۾ هميشہ وڌندا هلو، اهو ڄاڻيندي تہ سندس سيوا ۾ اوهان جو پورهيو اجايو نہ آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan