Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مرقس 7:4 - Hindu Sindhi Bible

4 ۽ جڏهن بازار کان اچن تڏهن جيستائين اشنان نہ ڪن تيستائين ڪين کائيندا آهن. انهن وٽ ٻيون بہ گھڻيون ريتون رسمون آهن، جهڙوڪ: پيالن، لوٽن، پتل جي ٿانوَن ۽ بسترن کي ڌوئڻ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 ۽ جڏهن بازار کان اچن، تڏهن جيسين تڙ نہ ڪن، تيسين ڪين کائيندا آهن، ۽ ٻيون بہ گهڻيون ڳالهيون آهن جي هنن کي قائم رکڻ لاءِ وڏن کان مليل آهن، جيئن تہ پيالن ۽ لوٽن ۽ پتل جي ٿانوَن کي ڌوئڻ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

4 ۽ جڏهن بازار کان اچن تڏهن جيستائين نہ وهنجن تيستائين ڪين کائيندا آهن. انهن وٽ ٻيون بہ گھڻيون ريتون رسمون آهن، جهڙوڪ: پيالن، لوٽن، پتل جي ٿانوَن ۽ بسترن کي ڌوئڻ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

4 ۽ جڏھن بازار کان اچن تڏھن جيسين نہ وھنجن تيسين ڪين کائيندا آھن. انھن وٽ ٻيون بہ گھڻيون ريتون رسمون آھن جھڙوڪ: پيالن، لوٽن، پتل جي ٿانون ۽ بسترن کي ڌوئڻ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مرقس 7:4
15 Iomraidhean Croise  

مصيبت آهي اوهان لاءِ اي نيم شاستريو ۽ فريسيؤ! اي پاکنڊيؤ! اوهين پنهنجي وٽيءَ ۽ ٿالهيءَ جو ٻاهريون پاسو تہ ڌوئي صاف ٿا ڪريو، پر ان جي اندر پيل شيون ڏاڍائيءَ ۽ لوڀ سان حاصل ڪيل آهن.


اي انڌا فريسيؤ! وٽيءَ جو پهريائين اندريون پاسو ڌوئي صاف ڪريو تہ پوءِ انهيءَ جو ٻاهريون پاسو بہ صاف ٿي ويندو.


تنهنڪري جڏهن پلاطس ڏٺو تہ ڪو چارو ئي نہ آهي ۽ اٽلندو فساد ٿو ٿئي، تڏهن ڪجھہ پاڻي کڻي ماڻهن جي اڳيان پنهنجا هٿ ڌوتائين ۽ چيائين تہ ”آءٌ هن ماڻهوءَ جي خون کان آجو آهيان. اها اوهان جي ذميواري آهي.“


يسوع کين وڌيڪ چيو تہ ”اوهين ايشور جا حڪم ڇڏي انساني ريتن رسمن ۾ ڦاسي پيا آهيو.


اتي يهودين جي پوِترتائيءَ جي رسم لاءِ پٿر جا ڇهہ مٽ رکيل هئا. هر هڪ مٽ ۾ اٽڪل هڪ سؤ ليٽر ماپي سگھيا ٿي.


يوحنا جي ڪن چيلن جو هڪ يهودي اڳواڻ سان پوِترتائيءَ جي رسمن بابت بحث ٿيو.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اهي رڳو کائڻ پيئڻ ۽ مختلف طريقن سان ظاهري پوِتر ٿيڻ جون رسمون آهن، يعني اهي اهڙا ظاهري قاعدا آهن جيڪي انهيءَ وقت تائين مقرر ڪيا ويا هئا جيستائين نئون سڌارو اچي.


ايشور جي ويجھو وڃو تہ هو اوهان جي ويجھو ايندو. اي پاپيؤ! پنهنجا هٿ صاف ڪريو. اي ٻِہ‌دليؤ! پنهنجين دلين کي مخصوص ۽ پوِتر ڪريو.


پر جيڪڏهن اسين روشنيءَ ۾ هلون ٿا، جيئن ايشور پاڻ روشنيءَ ۾ آهي، تہ پوءِ اسان جو هڪٻئي سان ميل ميلاپ آهي ۽ سندس پٽ يسوع جو رت اسان کي سڀني پاپن کان پوِتر ڪري ٿو ڇڏي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan