Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مرقس 7:2 - Hindu Sindhi Bible

2 انهن ڏٺو تہ يسوع جا ڪي چيلا پنهنجا هٿ ڌوئي پوِتر ڪرڻ کان سواءِ ئي اپوِتر هٿن سان روٽي کائين ٿا پيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ۽ هنن ڏٺو هو تہ سندس ڪي شاگرد پليت، يعني اڻ ڌوتلن هٿن سان ماني ٿا کائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

2 انهن ڏٺو تہ عيسيٰ جا ڪي شاگرد پنهنجا هٿ ڌوئي پاڪ ڪرڻ کان سواءِ ئي پليت هٿن سان ماني کائين ٿا پيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

2 انھن ڏٺو تہ عيسيٰ جا ڪي شاگرد پليت ھٿن يعني اڻ⁠ڌوتل ھٿن سان ماني کائين ٿا پيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مرقس 7:2
12 Iomraidhean Croise  

”تنهنجا چيلا وڏن جي ڌرمي ريتن رسمن کي ڇو ٿا ڀڃن؟ رسوئي کائڻ وقت هو پنهنجا هٿ ئي نہ ٿا ڌوئن.“


سو انهن فريسين ۽ نيم شاسترين يسوع کان پڇيو تہ ”تنهنجا چيلا وڏن جي ڌرمي ريتن رسمن موجب ڇو نہ ٿا هلن ۽ اپوِتر هٿن سان ڇو ٿا روٽي کائين؟“


فريسي هي ڏسي حيران ٿي ويو تہ کائڻ کان اڳ ۾ يسوع سندن رسم موجب هٿ ڇو ڪين ڌوتا.


پطرس انهن کي چيو تہ ”اوهين پاڻ چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ يهودين جي ڌرم ۾ جائز نہ آهي تہ هو ڪنهن غير قوم واري سان ملن جلن يا دوستي رکن. پر ايشور مون کي صاف چيو آهي تہ آءٌ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي اپوِتر يا گھٽ نہ سمجھان.


پر مون چيو تہ ’اي سوامي! هرگز نہ، ڇاڪاڻ تہ مون اڄ ڏينهن تائين ڪڏهن بہ ڪا حرام يا اپوِتر شيءِ نہ کاڌي آهي.‘


آءٌ ڄاڻان ٿو ۽ پرڀو يسوع جي وسيلي مون کي يقين آهي تہ اهڙي ڪابہ شيءِ نہ آهي جيڪا خود اپوِتر هجي. پر جيڪڏهن ڪنهن شيءِ کي ڪو اپوِتر سمجھي ٿو تہ پوءِ اها انهيءَ جي لاءِ اپوِتر آهي.


تڏهن غور ڪريو تہ اهو شخص ڪيڏي نہ وڏي سزا جي لائق ٿيندو، جنهن ايشور جي پٽ کي پيرن هيٺ لتاڙيو، ٻڌل وچن جي انهيءَ رت کي ڪين جهڙو سمجھيو جنهن سان کيس مخصوص ۽ پوِتر ڪيو ويو هو ۽ ڪرپا بخشيندڙ آتما جو اپمان ڪيائين!


انهيءَ شهر ۾ ڪابہ اپوِتر شيءِ يا ڪوبہ نفرت ۽ ڪوڙ جهڙو ڪم ڪندڙ هرگز داخل ٿي نہ سگھندو. رڳو اهي داخل ٿيندا، جن جا نالا جيون شاستر ۾ لکيل آهن، جيڪو گھيٽڙي جو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan