Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يعقوب 1:5 - Hindu Sindhi Bible

5 جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن ۾ ڏاهپ جي ڪمي آهي تہ اهو ايشور کان گھري. هو کيس ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ ايشور بنا ڇينڀڻ جي سڀني کي بي‌انداز ٿو ڏئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 پر جي اوهان مان ڪنهن ۾ دانائيءَ جي ڪمي آهي، تہ اُهو خدا کان گهُري، جو سڀني کي بي انداز ٿو ڏئي، ۽ طعنا نٿو هڻي؛ ۽ اُها هن کي ڏني ويندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

5 جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن ۾ ڏاهپ جي ڪمي آهي تہ اهو خدا کان گھري. هو کيس ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ خدا بنا ڇينڀڻ جي سڀني کي بي‌انداز ٿو ڏئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

5 جيڪڏھن اوھان مان ڪنھن ۾ دانائيءَ جي ڪمي آھي تہ اھو خدا کان گھري. ھو کيس ڏيندو، ڇالاءِ⁠جو خدا سڀني کي بي⁠انداز ٿو ڏئي ۽ طعنا نہ ٿو ھڻي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يعقوب 1:5
31 Iomraidhean Croise  

جن شهرن ۾ يسوع تمام گھڻا چمتڪار ڏيکاريا هئا ۽ ان جي باوجود بہ اتي جي ماڻهن پنهنجن پاپن کان توبهہ نہ ڪئي هئي، تن کي ننديندي هن چيو تہ


آخر ۾ يسوع يارهن چيلن کي ان وقت درشن ڏنو جڏهن هو گڏجي رسوئي کائي رهيا هئا. هن سندن وشواس جي گھٽتائيءَ ۽ سخت‌دليءَ سبب کين ڇينڀيو، ڇاڪاڻ تہ کين انهن تي يقين ئي نہ پئي آيو جن هن کي جيوت ٿي اٿڻ کان پوءِ ڏٺو هو.


تنهنڪري اوهين منهنجي نالي تي جيڪي بہ گھرندا سو آءٌ ڏيندس، تہ جيئن پتا جي جوت پٽ جي معرفت ظاهر ٿئي.


جيڪڏهن اوهين مون ۾ رهو ۽ منهنجيون ڳالهيون اوهان ۾ رهن تہ پوءِ جيڪي وڻيوَ سو گھرو. اهو اوهان لاءِ ڪيو ويندو.


يسوع کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏهن تو کي ايشور جي بخشش جي سڌ هجي ها ۽ ڄاڻين ها تہ تو کان پاڻي گھرڻ وارو ڪير آهي، تہ تون جيڪر هن کان پاڻي گھرين ها ۽ هو تو کي جيون جو پاڻي ڏئي ها.“


يعني ڪن جي واسطي اسين موت ڏيندڙ بوءِ آهيون تہ ڪن جي واسطي جيون بخشيندڙ خوشبوءِ. تڏهن ڪير اها ذميواري کڻڻ جي لائق آهي؟


هر چڱي ۽ ڪامل بخشش مٿان کان آهي، يعني انهيءَ ايشور پتا جي طرفان ملي ٿي، جيڪو آڪاش مان روشني ڏيندڙ شين جو پيدا ڪندڙ آهي. هو ڦرندڙ پاڇن وانگر تبديل نہ ٿو ٿئي.


پر جيڪا ڏاهپ ايشور وٽان ٿي ملي، سا پهريائين تہ پوِتر آهي، پوءِ صلح پسند، نماڻي ۽ سُلجھيل هئڻ سان گڏ ديا ۽ هر قسم جي چڱي ڦل سان ڀريل آهي. منجھس نہ طرفداري آهي ۽ نہ وري پاکنڊپائي.


تنهنڪري پنهنجا پاپ هڪٻئي اڳيان باسيو ۽ هڪٻئي لاءِ پرارٿنا ڪريو تہ جيئن ڇٽي چڱا ڀلا ٿيو، ڇاڪاڻ تہ سچار ماڻهوءَ جي پرارٿنا نهايت اثر واري ٿئي ٿي.


هاڻ جيڪو ڪجھہ اسين ايشور کان گھرون ٿا، سو اسان کي وٽانئس ملي ٿو، ڇاڪاڻ تہ اسين سندس حڪمن تي عمل ڪريون ٿا ۽ اهو ئي ڪجھہ ڪريون ٿا، جيڪي کيس پسند آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan