Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




اِفسين 5:3 - Hindu Sindhi Bible

3 جيئن مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن لاءِ مناسب آهي، تيئن اوهان ۾ زناڪاري، ڪنهن بہ قسم جي حرامڪاري يا لالچ جو نالو بہ نہ هئڻ کپي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 پر جيئن ڪ پاڪ ٿيلن کي مناسب آهي، زناڪاريءَ ۽ هر قسم جي ناپاڪيءَ، يا لالچ جو نالو بہ اوهان ۾ هئڻ نہ کپي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 جيئن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ مناسب آهي، تيئن اوهان ۾ زناڪاري، ڪنهن بہ قسم جي حرامڪاري يا لالچ جو نالو بہ نہ هئڻ کپي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

3 پر زناڪاري ۽ ڪنھن بہ قسم جي ناپاڪي يا لالچ جو نالو بہ اوھان ۾ نہ ھئڻ کپي، ڇالاءِ⁠جو خدا وارن لاءِ اھو مناسب نہ آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




اِفسين 5:3
58 Iomraidhean Croise  

هائو، انسان جي دل مان برا خيال ٿا نڪرن، جيڪي خراب ڪم ٿا ڪرائين، جهڙوڪ: خون، زناڪاري، حرامڪاري، چوري، ڪوڙي شاهدي ۽ گلاخوري.


پوءِ هن سڀني کي چيو تہ ”خبردار ٿجو ۽ پاڻ کي هر طرح جي لالچ کان بچائجو، ڇاڪاڻ تہ ڌن ۽ دولت جي گھڻائي ماڻهوءَ جي جيون کي نہ ٿي سنواري.“


فريسي، جن کي دولت سان پيار هو، سي يسوع جون اهي ڳالهيون ٻڌي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا.


پر کين لکي تاڪيد ڪيو وڃي تہ جيڪي شيون بتن تي چاڙهيون ويون هجن سي هو نہ کائين، نڪي زنا ڪن ۽ نہ وري رت ۽ گھُٽي ماريل جانور جو گوشت کائين.


مون ڪنهن کان بہ سون، چانديءَ يا ڪپڙي جي لالچ نہ رکي.


سو هو هر طرح جي بڇڙائيءَ، بديءَ، لالچ، بدنيتيءَ، ريس، خونريزيءَ، جھيڙي، ٺڳيءَ ۽ ساڙ سان ڀرجي وڃن ٿا. هو چغلخور،


اوهين پرڀو يسوع جي نالي هن جو اهڙيءَ طرح آڌرڀاءُ ڪجو، جهڙيءَ طرح مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن تي واجب آهي ۽ جيڪڏهن کيس ڪا ضرورت هجي تہ ان ۾ سندس مدد ڪجو، ڇاڪاڻ تہ هن ڪيترن ئي ماڻهن جي ۽ خود منهنجي بہ مدد ڪئي آهي.


پنهنجي شرير جي عضون کي پاپ جي حوالي نہ ڪريو، متان اهي بڇڙائيءَ جا هٿيار ٿين. پر پاڻ کي مئلن مان جيوت سمجھي ايشور جي حوالي ڪريو تہ جيئن اوهان جي شرير جا عضوا سچائيءَ جا هٿيار ٿين.


نڪي اسان کي زناڪاري ڪرڻ گھرجي، جيئن انهن مان ڪن زناڪاري ڪئي ۽ هڪڙي ئي ڏينهن ۾ ٽيويهہ هزار ماڻهو موت جي حوالي ڪيا ويا.


مون تہ ايتري قدر بہ ٻڌو آهي تہ اوهان ۾ زناڪاري ٿي رهي آهي ۽ زناڪاري بہ اهڙي جيڪا غير قومن ۾ بہ ڪانهي، بلڪ اوهان مان تہ هڪڙو پنهنجي ماٽيلي ماتا پاڻ وٽ ويهاريو ويٺو آهي.


بيشڪ، ”کاڌو پيٽ لاءِ آهي ۽ پيٽ کاڌي لاءِ ۽ ايشور ٻنهي کي ختم ڪري ڇڏيندو.“ پر انهيءَ جو مطلب اهو نہ آهي تہ شرير زناڪاريءَ لاءِ آهي. اهو تہ پرڀو يسوع جي سيوا لاءِ آهي ۽ هو ئي انهيءَ جو مالڪ آهي.


سو زناڪاريءَ کان ڀڄو. ٻيو هر پاپ، جيڪو ماڻهو ڪري ٿو سو شرير کان ٻاهر آهي، پر جيڪو زنا ڪري ٿو سو پاڻ پنهنجي شرير جو پاپي آهي.


هائو، مون کي اهو بہ ڊپ آهي تہ جڏهن آءٌ وري اوهان وٽ اچان تہ منهنجو ايشور متان مون کي اوهان جي اڳيان شرمندو ڪري ۽ مون کي اهڙن گھڻن ماڻهن جي ڪري افسوس ڪرڻو پوي جن هيستائين حرامڪاريءَ، زناڪاريءَ ۽ بي‌حيائيءَ وارا ڪم ڪري پاپ پئي ڪيا آهن ۽ انهن کان توبهہ نہ ڪئي اٿن.


ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڪم نافرمان لڪي ڇپي ڪن ٿا، تن جو ذڪر ڪرڻ بہ شرم جهڙي ڳالهہ آهي.


ياد رکو تہ ڪوبہ زناڪار يا ڪوبہ حرامڪار يا ڪوبہ لالچي ماڻهو جيڪو بتن جي پوجاريءَ جي برابر آهي، تنهن جو مسيح ۽ ايشور جي راڄ ۾ ڪوبہ ورثو ڪونهي.


اوهين رڳو هي ڪريو جو پنهنجو روزانو جيون مسيح بابت خوشخبريءَ جي لائق گذاريو. پوءِ آءٌ اچي اوهان سان گڏجان يا نہ، تہ بہ احوال اهو ٻڌان تہ هڪڙي ئي پوِتر آتما ۾ قائم رهندي اوهين هڪ دل ٿي ڪري گڏجي سخت ڪوشش ڪندا ٿا رهو تہ ماڻهن ۾ خوشخبريءَ تي وشواس وڌندو رهي.


تنهنڪري اوهين پنهنجين سنساري عادتن کي ختم ڪري ڇڏيو، يعني حرامڪاري، اپوِترتائي، شهوت‌پرستي، بريون خواهشون ۽ لالچ، جيڪا بتن جي پوجا جي برابر آهي.


مطلب تہ ايشور جي مرضي اها آهي تہ اوهين هن لاءِ مخصوص ۽ پوِتر رهو. سو زناڪاريءَ کان پوريءَ طرح پاسو ڪريو.


ياد رکو، ايشور اسان کي اپوِتر جيون گذارڻ لاءِ نہ، پر پوِتر جيون گذارڻ لاءِ سڏيو آهي.


بلڪ اهي پاڻ کي چڱن ڪمن سان سينگارين، جيئن انهن نارين کي مناسب آهي، جيڪي پاڻ کي ايشور ڀڳت ٿيون چوائين.


هو نشئي نہ هجي، نہ ئي مار ڪٽ ڪندڙ، بلڪ نماڻو هجي. هو جھيڙو ڪندڙ يا پئسي جو لالچي نہ هجي.


ياد رکو، پئسي سان پيار رکڻ هر قسم جي برائيءَ جي پاڙ آهي. ڪي ماڻهو دولت جي خواهش ۾ پئجي وشواس کان ڀَٽڪي ويا آهن ۽ پاڻ کي طرح طرح جي تڪليفن ۾ وڪوڙي ڇڏيو اٿائون.


ڇاڪاڻ تہ ماڻهو مطلبي، پئسي جا پوجاري، ٻٽاڪي، مغرور، ايشور جي نندا ڪندڙ، ماتا پتا جا نافرمان، بي‌شڪرا ۽ ايشور جي ڳالهين کي ڌڪاريندڙ هوندا.


انهن جو وات بند ڪرڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ تہ اهڙا ماڻهو لالچ جي خاطر اهڙيون ڳالهيون سيکاري گھرن جا گھر بگاڙي ٿا ڇڏين، جيڪي کين نہ سيکارڻ گھرجن.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ سنڀاليندڙ کي جيئن تہ منڊليءَ ۾ ايشور جي وس هيٺ ذميواري سونپي ويئي آهي، تنهن لاءِ لازمي آهي تہ هن تي ڪا تهمت نہ هجي. هو نہ هٺيلو هجي، نہ چيڙاڪ، نہ نشئي هجي، نہ مار ڪٽ ڪندڙ ۽ نہ وري لالچي هجي.


ساڳيءَ طرح پوڙهين نارين کي سمجھاءِ تہ انهن جي هلت چلت ايشور ڀڳتيءَ واري هجي ۽ هو گلا ڪندڙ يا نشي جون عادي نہ هجن. اهي چڱيون ڳالهيون سيکارڻ واريون هجن،


خيال رکو تہ متان ڪو زناڪار يا عيسوءَ وانگر ايشور جي ڳالهين کي خسيس ڄاڻيندڙ نہ ٿئي، جنهن هڪڙي وقت جي کاڌي جي عيوض پنهنجي پهريتي هجڻ جو حق وڪڻي ڇڏيو.


ايشور جو ڌڻ جيڪو اوهان جي سار سنڀال هيٺ آهي تنهن جي سنڀال ڪندي انهيءَ کي چاريندا رهو. هي ڪم جيئن ايشور چاهي ٿو تيئن خوشيءَ سان ڪريو، نڪي لاچاريءَ سبب، دل جي شوق سان ڪريو، نڪي ذاتي لالچ جي ڪري.


خاص ڪري انهن کي جيڪي شرير جي برين خواهشن جي پٺيان لڳي ايشور جي اختياريءَ کي ڪين جهڙو ٿا سمجھن. ساڳئي نموني ڪوڙي سکيا ڏيندڙ بہ اهڙا تہ بي‌ادب ۽ هٺيلا آهن جو آڪاشي هستين جو اپمان ڪرڻ کان بہ نہ ٿا ڊڄن.


اهي زناڪاريءَ لاءِ هر وقت نارين کي بري نظر سان پيا ڏسن ۽ پاپن کان بس نہ ٿا ڪن. جيڪي ڪمزور وشواس وارا آهن، تن کي هو غلط ڪمن ۾ شريڪ ڪرڻ لاءِ ڦاسايو ٿا وٺن. اهي لالچ ڪرڻ جا ماهر ۽ لعنتي آهن.


اهي لالچ جي ڪري بناوٽي ڳالهيون ٻڌائي اوهان مان ناجائز فائدو حاصل ڪندا. گھڻو وقت اڳي ايشور سندن خلاف فيصلو جاري ڪيو هو، جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ هو تيار رهي ٿو ۽ کين برباد ڪرڻ لاءِ سجاڳ آهي.


پر مون کي اوهان کان ڪجھہ شڪايتون آهن تہ اوهان وٽ ڪي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي بلعام جي سکيا تي عمل ڪن ٿا، جنهن راجا بلق کي سيکاريو ٿي تہ بني اسرائيل کي ڪيئن ڀَٽڪائي جو اهي بتن تي ٻليدان ڪيل کاڌو کائين ۽ زنا ڪن.


مون انهيءَ ناريءَ کي مهلت ڏني تہ توبهہ‌تائب ٿئي، پر هوءَ پنهنجي انهيءَ زناڪاريءَ کان توبهہ ڪرڻ نہ ٿي چاهي.


پر جيڪي ڊڄڻا، وشواس کان ڦرندڙ، ڪراهت جهڙا، قاتل، زناڪار، جادوگر، بتن جا پوجاري ۽ ڪوڙا آهن، تن سڀني جي جاءِ اها ڍنڍ هوندي، جيڪا باهہ ۽ گندرف سان پيئي ڀڙڪي. اهو ئي ٻيو موت آهي.“


پر ڪتا، يعني جادوگر، زناڪار، قاتل، بتن جا پوجاري، ڪوڙ کي پسند ڪندڙ ۽ ڪوڙ ڳالهائيندڙ شهر کان ٻاهر هوندا.


انهيءَ سان گڏوگڏ هنن قتل، جادوگريءَ، حرامڪاريءَ ۽ چوريءَ جي ڪمن کان بہ توبهہ نہ ڪئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan