Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




اِفسين 5:1 - Hindu Sindhi Bible

1 مطلب تہ اوهين ايشور جا پيارا ٻار هئڻ جي حيثيت سان سندس پيروي ڪريو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 تنهنڪري پيارن ٻارن وانگر اوهين خدا جي پيروي ڪريو:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

1 مطلب تہ اوهين خدا جا پيارا ٻار هئڻ جي حيثيت سان سندس پيروي ڪريو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

1 اوھين خدا جا پيارا ٻار آھيو، تنھنڪري سندس پيروي ڪريو

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




اِفسين 5:1
13 Iomraidhean Croise  

تہ جيئن اوهان جو پتا، جيڪو آڪاش تي آهي تنهن جا اوهين ٻار ٿيو. هو چڱن توڙي بڇڙن تي پنهنجو سج هڪجهڙو اُڀاري ٿو ۽ سچارن توڙي بدڪارن ٻنهي تي هڪجهڙو مينهن وسائي ٿو.


سو اوهين بہ ائين ئي ڪامل ٿيو جيئن اوهان جو آڪاش وارو پتا ڪامل آهي.“


پر جن بہ کيس قبول ڪيو يعني مٿس وشواس آندو، تن کي اهو حق ڏنائين تہ هو ايشور جا ٻار ٿين.


هڪٻئي تي ڪرپالو ۽ نرم دل ٿيو ۽ جهڙيءَ طرح ايشور مسيح جي وسيلي اوهان کي معاف ڪيو، تهڙيءَ طرح اوهين بہ هڪٻئي کي معاف ڪندا رهو.


تہ جيئن اوهين بي‌ڏوهي ۽ معصوم ٿي ڪري ڏنگن ۽ ڀَٽڪيل ماڻهن جي هن سنسار ۾ ايشور جا بي‌عيب ٻار ثابت ٿيو. مطلب تہ انهن جي وچ ۾ اوهين ائين چمڪو جيئن آڪاش ۾ ستارا


تنهنڪري جيئن اوهين ايشور جا چونڊيل، پوِتر ۽ پيارا آهيو، تيئن ديا، ڪرپا، نِوڙت، نماڻائيءَ ۽ ڌيرج کي پوشاڪ وانگر پهري ڇڏيو.


اي پريميؤ! جيئن تہ ايشور اسان سان ايڏو پيار ڪيو، تہ پوءِ لازمي آهي تہ اسين بہ هڪٻئي سان پيار ڪريون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan