Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




اِفسين 3:9 - Hindu Sindhi Bible

9 ۽ سڀني ماڻهن تي اها ڳالهہ روشن ڪريان تہ جيڪو ڀيد شروع کان سڀني شين جي رچنا ڪندڙ ايشور وٽ ڳجھو رکيل هو تنهن جو انتظام ڪهڙو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 ۽ سڀني ماڻهن تي اها ڳالهہ ظاهر ڪريان، تہ سڀني شين جي خالق ۾ ازل کان جو راز پوشيدو هو، تنهن جو انتظام ڪهڙو آهي؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

9 ۽ سڀني ماڻهن تي اها ڳالهہ روشن ڪريان تہ جيڪو راز ازل کان سڀني شين جي خلقيندڙ خدا وٽ ڳجھو رکيل هو تنهن جو انتظام ڪهڙو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

9 ۽ سڀني ماڻھن تي اھا ڳالھہ روشن ڪريان تہ جيڪو راز ازل کان سڀني شين جي خلقيندڙ خدا وٽ ڳجھو رکيل ھو تنھن جو انتظام ڪھڙو آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




اِفسين 3:9
38 Iomraidhean Croise  

انهيءَ لاءِ تہ جيئن سنديش ڏيندڙ سنت جي معرفت جيڪي چيو ويو هو سو پورو ٿئي تہ ”آءٌ مثالن ۾ ڳالهائيندس ۽ اهي ڳالهيون چوندس، جيڪي سنسار جي شروعات کان وٺي ڳجھيون رکيون ويون آهن.“


پوءِ راجا پنهنجي ساڄي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اوهين جيڪي منهنجي پتا جي طرفان سڀاڳا آهيو، سي اچو ۽ منهنجي راڄ‌ڀاڳ ۾ رهو، جيڪو سنسار جي رچنا کان وٺي اوهان جي لاءِ ميراث طور تيار ڪيو ويو آهي،


تنهنڪري اوهين سڀني قومن وٽ وڃو ۽ انهن کي منهنجا پوئلڳ بڻايو. انهن کي پتا، پٽ ۽ پوِتر آتما جي نالي تي بپتسما ڏيو


پوءِ يروشلم کان وٺي سڀني قومن تائين هن جي نالي سان پاپن جي معافيءَ لاءِ توبهہ جو پرچار ڪيو ويندو.


جڏهن تہ آءٌ ۽ پتا هڪ آهيون.“


يسوع کين جواب ڏنو تہ ”منهنجو پتا هميشہ ڪم ڪندو رهي ٿو ۽ آءٌ بہ ائين ئي پيو ڪريان.“


تنهنڪري يسوع يهودي اڳواڻن کي وراڻيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ پٽ پنهنجو پاڻ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھي. هو رڳو اهي ڪم ڪري ٿو جيڪي پنهنجي پتا کي ڪندي ٿو ڏسي، ڇاڪاڻ تہ جيڪي پتا ڪري ٿو سو ئي پٽ ٿو ڪري.


هي آءٌ پرميشور چوان ٿو، جيڪو قديم زماني کان اهو سڀ ڪري ڏيکاريندو آيو آهيان.‘“


اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! هڪ ڳجھو ڀيد آهي، جيڪو آءٌ سمجھان ٿو تہ اوهان کي ڄاڻڻ گھرجي. شايد اهو اوهان کي انهيءَ ڳالهہ کان روڪي جو اوهين پنهنجو پاڻ کي داناءُ سمجھو. اهو ڀيد هي آهي تہ بني اسرائيل جي ڪن ماڻهن ۾ جيڪا دل جي سختي پيدا ٿي آهي، سا رڳو ايستائين رهندي جيستائين ايشور ڏانهن ڦري ايندڙ غير قومن جو تعداد پورو نہ ٿئي.


اسين تہ ايشور جي اها ڳجھي ۽ لڪل ڏاهپ بيان ڪري رهيا آهيون، جيڪا ايشور سنسار جي شروعات کان اڳي ئي اسان جي شان وَ شوڪت لاءِ مقرر ڪري ڇڏي هئي.


هن ئي اسان کي سنسار بڻائڻ کان اڳ مسيح ۾ شامل ٿيڻ لاءِ چونڊي ڇڏيو، تہ جيئن اسين سندس آڏو پريم ۾ پوِتر ۽ بي‌عيب هجون.


اوهان ٻڌو هوندو تہ ايشور اوهان غير قوم وارن لاءِ پنهنجي ڪرپا جو خاص ڪم منهنجي حوالي ڪيو آهي.


منهنجي لاءِ بہ پرارٿنا ڪندا ڪريو تہ ڳالهائڻ وقت مون کي شڪتيءَ وارا لفظ ڏنا وڃن، تہ جيئن آءٌ خوشخبريءَ جو ڀيد دليريءَ سان ظاهر ڪندو رهان.


پر شرط هي آهي تہ جيڪا خوشخبري اوهان ٻڌي آهي تنهن جي اميد نہ ڇڏيو ۽ اوهان جو وشواس انهيءَ خوشخبريءَ جي بنياد تي مضبوط ۽ قائم رهي. انهيءَ خوشخبريءَ جو پرچار آڪاش هيٺان رهندڙ سڄي مخلوق ۾ ڪيو ويو آهي ۽ آءٌ پولس انهيءَ خوشخبريءَ جو سيوڪ ٿيو آهيان.


انهيءَ سنديش ۾ هڪ ڀيد آهي، جيڪو اڳين زمانن ۾ پيڙهين کان ڳجھو رکيو ويو هو. پر هاڻي اهو مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن تي ظاهر ڪيو ويو آهي.


ڇاڪاڻ تہ اوهين مري ويا آهيو ۽ اوهان جو جيون هاڻي مسيح سان گڏ ايشور جي شرڻ ۾ لڪل آهي.


انهيءَ سان گڏ اسان جي لاءِ بہ پرارٿنا ڪندا ڪريو جو ايشور اسان لاءِ سنديش ٻڌائڻ جو دروازو کولي، تہ جيئن اسين مسيح جي انهيءَ ڀيد کي بيان ڪري سگھون جنهن جي خاطر آءٌ قيد ۾ آهيان.


پر اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اي پرميشور جا پيارؤ! اسان تي لازم آهي تہ اوهان جي لاءِ هميشہ ايشور جو شڪر ادا ڪندا رهون، ڇاڪاڻ تہ هن شروع ۾ ئي اوهان کي انهيءَ لاءِ چونڊي ڇڏيو هو تہ اوهين پوِتر آتما جي وسيلي پوِتر ٿي ۽ سچ تي وشواس آڻي مڪتي حاصل ڪريو.


انهيءَ سچ بابت اسان کي ڪو شڪ ناهي، بلڪ ڌرمچاريءَ جو اهو ڀيد مهان آهي، يعني هو شرير ۾ ظاهر ٿيو ۽ پوِتر آتما ۾ سچو ثابت ٿيو. هو دوتن کي ڏسڻ ۾ آيو ۽ قومن ۾ سندس پرچار ڪيو ويو. سنسار ۾ مٿس وشواس آندو ويو ۽ مٿي مهان ايشور جي تخت ڏانهن کنيو ويو.


انهيءَ ايشور اسان کي مڪتي ڏني ۽ پوِتر جيون گذارڻ لاءِ پاڻ ڏانهن سڏيو. اهو اسان جي عملن جي ڪري نہ، پر سندس خاص ارادي ۽ انهيءَ ڪرپا موجب ٿيو، جيڪا اسان تي يسوع مسيح ۾ سنسار جي شروعات کان اڳ ڪئي ويئي هئي.


پر پرڀو يسوع مون سان گڏ هو، جنهن مون کي شڪتي ڏني، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي وسيلي خوشخبريءَ جو پرچار پورو ٿئي ۽ سڀ غير قومون ان کي ٻڌن. ائين ڄڻ تہ آءٌ شينهن جي وات مان ڇڏايو ويس.


انهيءَ وشواس رکڻ ۽ سچائيءَ جي ڄاڻ مان انهن ۾ هي ڀروسو پيدا ٿو ٿئي تہ کين امر جيون مليو آهي. ايشور، جيڪو ڪوڙ ڳالهائي نہ ٿو سگھي، تنهن سنسار جي شروعات کان ئي انهيءَ جيون جو وچن ڪيو آهي.


سنسار جي بڻائڻ کان اڳ ۾ ئي مسيح کي چونڊيو ويو هو، پر هن انتم زماني ۾ اوهان جي خاطر کيس ظاهر ڪيو ويو.


ڌرتيءَ جا سڀيئي رهاڪو انهيءَ حيوان اڳيان سيس نوائيندا، سواءِ انهن جي جن جا نالا سنسار جي شروعات کان وٺي جيون شاستر ۾ لکيل آهن، جيڪو ڪُٺل گھيٽڙي جو آهي.


تنهن کان پوءِ مون هڪڙو دوت مٿي اڏامندي ڏٺو، جنهن وٽ ڌرتيءَ جي رهاڪن يعني سڀني قومن، قبيلن، ٻولين وارن ۽ ذاتين کي ٻڌائڻ لاءِ هميشہ واري خوشخبري هئي.


اهو حيوان جيڪو تو ڏٺو، سو اڳي هو ۽ هاڻي ڪونهي. پر اوڙاهہ مان نڪري اچڻ تي آهي ۽ پوءِ برباد ڪيو ويندو. ڌرتيءَ جا اهي رهاڪو جن جا نالا سنسار جي شروعات کان وٺي جيون شاستر ۾ لکيل نہ آهن، سي انهيءَ حيوان جو وري ظاهر ٿيڻ ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا، ڇاڪاڻ تہ اهو حيوان اڳي هو ۽ هاڻي ڪونهي.


”اي پرڀو، اسان جا ايشور! تون مهما، مان‌سمان ۽ شڪتيءَ جي لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تو ئي سڀ شيون پيدا ڪيون آهن. هائو، تنهنجي ئي مرضيءَ سان هر ڪا شيءِ پيدا ٿي ۽ وجود ۾ آئي آهي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan