اِفسين 3:5 - Hindu Sindhi Bible5 اڳين پيڙهين ۾ ماڻهن تي هي ڀيد ظاهر نہ ٿيو هو، پر هاڻي خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن تي جيڪي ايشور جا مخصوص ڪيل آهن ۽ ايشور جي ٻين سنديش ڏيندڙن تي پوِتر آتما جي وسيلي ظاهر ڪيو ويو آهي. Faic an caibideilSindhi Bible5 جو ٻين زمانن ۾ بني آدم کي ايتري قدر معلوم نہ ٿيو، جيتري قدر هاڻ سندس پاڪ رسولن ۽ نبين تي روح جي وسيلي پڌرو ٿيو آهي؛ Faic an caibideilMuslim Sindhi Bible5 اڳين پيڙهين ۾ ماڻهن تي هي راز ظاهر نہ ٿيو هو، پر هاڻي خدا جي مخصوص ڪيل رسولن ۽ سندس ٻين پيغام ڏيندڙن تي پاڪ روح جي وسيلي ظاهر ڪيو ويو آهي. Faic an caibideilCommon Language New Testament5 اڳئين زماني ۾ ماڻھن کي ھي راز اھڙيءَ طرح نہ ٻڌايو ويو ھو، جھڙيءَ طرح ھاڻي خدا جي پاڪ رسولن ۽ نبين تي پاڪ روح جي وسيلي ظاھر ٿيو آھي. Faic an caibideil |
جيڪو ڀيد گھڻي وقت کان وٺي ڳجھو رکيو ويو هو، سو هاڻي هميشہ واري ايشور جي حڪم موجب سنديش ڏيندڙ سنتن جي لکتن جي وسيلي سڀني قومن تي پڌرو ڪيو ويو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهي وشواس آڻي فرمانبردار ٿين. يسوع مسيح جي جنهن خوشخبريءَ جو آءٌ پرچار ٿو ڪريان تنهن ۾ انهيءَ ڀيد جي ظاهر ٿيڻ موجب شل ايشور اوهان کي وشواس ۾ مضبوط ڪري.