Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




اِفسين 2:2 - Hindu Sindhi Bible

2 انهيءَ وقت اوهين سنسار جي دستور موجب هلندا هئا ۽ نظر نہ ايندڙ مخلوقن تي اختياري هلائيندڙ حڪمران جا پوئلڳ هئا يعني شيطان جا. هي اها ئي آتما آهي، جيڪا هاڻي تائين انهن ماڻهن تي اثر ڪري ٿي جيڪي ايشور جا نافرمان آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 جن گناهن ۾ اوهين اڳي هن دنيا جي دستور موجب هلندا هئا، ۽ فضا ۾ اختيار هلائڻ واري حاڪم جي، يعني انهي روح جي پيروي ڪندا هئا، جو هاڻي نافرمانيءَ جي فرزندن ۾ اثر پيدا ٿو ڪري؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

2 انهيءَ وقت اوهين دنيا جي دستور موجب هلندا هئا ۽ نظر نہ ايندڙ مخلوقن تي اختياري هلائيندڙ حڪمران جا پوئلڳ هئا يعني شيطان جا. هي اهو ئي روح آهي، جيڪو هاڻي تائين انهن ماڻهن تي اثر ڪري ٿو جيڪي خدا جا نافرمان آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

2 انھيءَ وقت اوھين دنيا جي دستور موجب ھلندا ھئا ۽ ھوا ۾ اختياري ھلائيندڙ حڪمران، يعني شيطان جا پوئلڳ ھئا. ھيءُ اھو ئي روح آھي، جيڪو ھاڻي انھن ماڻھن تي حڪومت ڪري ٿو جيڪي خدا جا نافرمان آھن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




اِفسين 2:2
64 Iomraidhean Croise  

پر منش‌پتر کائيندو پيئندو ٿو رهي، تڏهن بہ ماڻهو چون ٿا تہ ’ڏسو، هو پيٽو ۽ شرابي آهي ۽ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن توڙي پاپين جو دوست آهي.‘ پر ياد رکو، ڪمن جي ڦل مان ئي ايشور جي ڏاهپ سچي ثابت ٿئي ٿي.“


ڪانڊيرن واري اها زمين جنهن ۾ داڻا ڪريا تنهن مثل اهي آهن جيڪي سنديش تہ ٻڌن ٿا پر هن سنسار جي چنتا ۽ دولت جو فريب سنديش کي گھُٽي ڇڏين ٿو ۽ انهن ۾ ڦر نہ ٿو جھلي.


۽ ٻني هي سنسار آهي. سٺو ٻج اهي ماڻهو آهن جيڪي آڪاش جي راڄ سان واسطو رکن ٿا ۽ ڪانڊيرا اهي ماڻهو آهن جيڪي شيطان سان واسطو رکن ٿا.


پر سنسار جي چنتا، دولت جو فريب ۽ ٻين شين جون خواهشون سندن دلين ۾ گھڙي ڪري سنديش کي گھُٽيو ڇڏين ۽ انهن ۾ ڦر نہ ٿو جھلي.


اهو ڏسي سندس مالڪ بي‌ايمان منشيءَ جي ساراهہ ڪئي، انهيءَ ڪري جو هن هوشياريءَ کان ڪم ورتو هو. اهڙيءَ ئي طرح هن زماني جا ماڻهو هڪٻئي سان هلت چلت ۾ ايشور جي راڄ جي ماڻهن کان وڌيڪ هوشيار آهن.“


”شمعون! اي شمعون! ڏس، شيطان اوهان کي آزمائڻ جي آگيا ورتي آهي، تہ جيئن اوهان سڀني کي ڪڻڪ جي ڳاهہ وانگر ڳاهي، اَنَ ۽ بُهہ وانگر جدا جدا ڪري.


هاڻي اهو وقت اچي ويو آهي جو هن سنسار کي پاپي قرار ڏنو ويندو ۽ سنسار جي سردار کي لوڌي ڪڍيو ويندو.


يسوع ۽ سندس چيلا رات جي رسوئي کائي رهيا هئا. انهيءَ وقت کان اڳ ئي شمعون جي پٽ يهوداہ اسڪريوتيءَ جي دل ۾ شيطان اها ڳالهہ وجھي ڇڏي هئي تہ هو يسوع سان دغا ڪري.


جيئن ئي يهوداہ گرهہ ورتو تيئن ئي شيطان منجھس سمائجي ويو. يسوع کيس چيو تہ ”جيڪو تو کي ڪرڻو آهي سو جلدي ڪري وٺ.“


هن کان پوءِ آءٌ اوهان سان گھڻو نہ ڳالهائيندس، ڇاڪاڻ تہ هن سنسار جو سردار اچي رهيو آهي. انهيءَ جو مقصد اهو نہ آهي تہ هن جو مون تي ڪو اختيار آهي.


جيڪڏهن اوهين سنسار جا هجو ها تہ جيڪر سنسار اوهان سان پنهنجن جهڙو پيار ڪري ها. پر اوهين سنسار جا نہ آهيو، ڇاڪاڻ تہ مون اوهان کي سنسار مان چونڊي ڪڍيو آهي، تنهنڪري سنسار اوهان کان نفرت ڪري ٿو.


۽ عدالت جي باري ۾ انهيءَ ڪري جو هن سنسار جي سردار کي پاپي قرار ڏنو ويو آهي.


سنسار اوهان کان نفرت ڪري نہ ٿو سگھي پر اهو مون کان نفرت ڪري ٿو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ هن کي ٻڌائيندو رهيو آهيان تہ هن جا ڪم بڇڙا آهن.


يسوع کين وڌيڪ چيو تہ ”اوهين هيٺ جا آهيو، پر آءٌ مٿان آيو آهيان. هائو، اوهين هن سنسار جا آهيو، پر آءٌ هن سنسار جو نہ آهيان.


اوهين پنهنجي پتا شيطان جو اولاد آهيو ۽ پنهنجي پتا جون مرضيون پوريون ڪرڻ گھرو ٿا. هو تہ شروعات کان وٺي خوني آهي ۽ ڪڏهن بہ سچ جو پاسو نہ ورتو اٿائين، ڇاڪاڻ تہ هن ۾ سچ آهي ئي ڪين. جڏهن هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي تہ پنهنجي فطرت موجب ٿو ڳالهائي، ڇاڪاڻ تہ هو ڪوڙو آهي، بلڪ ڪوڙ جو باني آهي.


آخرڪار شهر جي مکيہ عملدار ميڙ کي ماٺ ڪرائي چيو تہ ”اي اِفسس جا رهاڪؤ! هر انسان ڄاڻي ٿو تہ اِفسس جو شهر مهاديوي ارتمس جي مندر جو سنڀاليندڙ آهي ۽ ان جو پٿر بہ آڪاش مان هتي پرگھٽ ٿيو هو.


تنهن تي پطرس چيس تہ ”اي حننياہ! ڇو شيطان تنهنجي دل ۾ اهڙو خيال وڌو، جو تو پوِتر آتما سان ڪوڙ ڳالهايو ۽ ٻنيءَ جي پئسن مان ڪجھہ پاڻ وٽ رکي ڇڏيئِہ؟


پاڻ کي هن انتم زماني جو نمونو اختيار ڪرڻ نہ ڏيو، بلڪ ايشور جي ڏنل نئين سوچ سمجھہ جي وسيلي پاڻ ۾ ايشور کي تبديلي ڪرڻ ڏيو. پوءِ اوهين سمجھي سگھندا تہ ايشور جي چڱي، وڻندڙ ۽ ڪامل مرضي ڪهڙي آهي.


منهنجو مطلب اهو نہ هو تہ اوهين هن سنسار جي زناڪارن، لوڀين، دغابازن ۽ بتن جي پوجارين سان لاڳاپا ئي لاهي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ ائين ڪرڻ لاءِ اوهان کي ضرور هن سنسار مان نڪري وڃڻو پوندو.


اوهان ۾ بہ ڪي اهڙا ئي هئا. پر هاڻي اوهين پرڀو يسوع مسيح جي نالي ۽ اسان جي ايشور جي پوِتر آتما جي وسيلي پاپن کان ڌوتا ويا آهيو، مخصوص ڪيا ويا آهيو ۽ ايشور ڏانهن سچار بڻايا ويا آهيو.


اهي وشواس نہ ٿا آڻين، ڇاڪاڻ تہ شيطان جنهن کي هو هن سنسار جو ڀڳوان ڪري مڃين ٿا، تنهن سندن عقل کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي. هو چاهي ٿو تہ مسيح جيڪو ايشور جو روپ آهي، تنهن جي مهانتا جي باري ۾ خوشخبريءَ جي روشني هو ڏسي نہ سگھن.


مسيح اسان جي پاپن جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي، تہ جيئن هو ايشور اسان جي پتا جي مرضيءَ موجب اسان کي هن هاڻوڪي خراب زماني کان بچائي.


هائو، هن مسيح کي هر طرح جي حڪومت، اختياريءَ، شڪتيءَ ۽ راڄ کان گھڻو مٿاهون ڪيو آهي. اهڙو رتبو نہ هن انتم زماني ۾ ۽ نہ وري ايندڙ نئين زماني ۾ ڪنهن کي حاصل ٿيندو.


تنهنڪري اوهين جيڪي پيدائشي طور غير قوم آهيو، جنهن سبب شرير جي لحاظ کان هٿ سان ڪرايل ختني وارا فخر وچان پاڻ کي ختني ٿيل سڏائيندي اوهان کي بنا ختني وارا سڏيندا آهن، سي ياد رکو تہ


پر هاڻي يسوع مسيح ۾ شامل ٿيڻ ڪري اوهين جيڪي پهريائين گھڻو پري هئا، سي سندس رت جي وسيلي ايشور جي ويجھو ٿي پيا آهيو.


اڳ اسين سڀيئي بہ انهن سان گڏ پنهنجي انساني فطرت جي شريري خواهشن موجب جيون گذاريندا هئاسين ۽ پنهنجي تن ۽ من جون خواهشون پوريون ڪندا هئاسين. اسين فطري حالت جي ڪري ٻين ماڻهن وانگر ايشور جي ناراضپي جا حقدار هئاسين.


جيئن تہ اسين پرڀو يسوع جا آهيون، تنهنڪري آءٌ اوهان کي تاڪيد ڪندي چوان ٿو تہ اوهين غير قومن واري غلط رستي کي ڇڏي اڳتي سندن اجاين خيالن موجب جيون نہ گذاريو.


اها سکيا هي آهي تہ اوهين پنهنجي پراڻي انساني فطرت جيڪا برين خواهشن جي دوکي سبب بگڙندي ٿي وڃي، تنهن کي سندس اڳوڻي هلت چلت سميت لاهي ڇڏيو


خبردار، متان اهڙن ماڻهن جي اجاين ڳالهين سان اوهين ٺڳجي وڃو، ڇاڪاڻ تہ اهڙين ڳالهين جي ڪري نافرمانن تي ايشور جو ڏمر پرگھٽ ٿئي ٿو.


ياد رکو تہ اڳي اوهين اوندهہ مثل هئا، پر هاڻي پرڀو يسوع جا هئڻ ڪري روشنيءَ مثل آهيو. سو اوهين روشنيءَ وارن جي راهہ تي هلو،


ياد رکو تہ اسان جي جنگ انسانذات سان نہ، پر هن سنسار تي ڇانيل اونداهيءَ وارين طاقتن، اختياريءَ وارن ۽ حاڪمن سان ۽ ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ بڇڙين آتمائن جي لشڪرن سان آهي.


ڪنهن وقت اوهين ايشور جي شرڻ کان ٻاهر هئا ۽ بري سوچ رکندي بڇڙا ڪم ڪرڻ سبب سندس دشمن هئا.


ڇاڪاڻ تہ ديماس هن سنسار جي چاهت ۾ ڦاسي مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ ٿِسلُنيڪي شهر ڏانهن هليو ويو آهي. ان کان علاوہ ڪريسڪينس گلتيا صوبي ڏانهن هليو ويو آهي ۽ طيطس دلمتيا علائقي ڏانهن.


اسان جي پتا ايشور جي نظر ۾ خالص ۽ بي‌عيب ڌرمچاري اها آهي تہ يتيمن ۽ وڌوائن جي سندن مصيبت جي وقت سار سنڀال ڪجي ۽ پاڻ کي سنسار جي گندگيءَ کان بچائي بي‌داغ رکجي.


اهڙو ماڻهو ائين نہ سمجھي تہ کيس پرڀوءَ کان ڪجھہ نہ ڪجھہ ملندو.


اي بي‌وفا انسانؤ! ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ سنسار جي دوستي ايشور سان دشمني آهي؟ تنهنڪري جيڪو ماڻهو سنسار جو دوست ٿيڻ ٿو گھري، سو پاڻ کي ايشور جو دشمن ٿو بڻائي.


اوهين ايشور جي فرمانبردار ٻارن وانگر جيون گذاريندي اهي بريون خواهشون اختيار نہ ڪريو، جيڪي اوهان جي جهالت واري زماني ۾ اوهان منجھہ هيون.


گذريل وقت ۾ اوهان بہ غير وشواسين جي مرضيءَ موجب جيڪا هلت ڪئي، يعني شهوت‌پرستيءَ، برين خواهشن، شراب‌خوريءَ، عياشيءَ، بداخلاقيءَ واري نچڻ ڳائڻ ۽ ڪراهت جهڙي بتن جي پوجا ڪرڻ ۾ گذاريو، سو ئي ڪافي آهي.


اهي زناڪاريءَ لاءِ هر وقت نارين کي بري نظر سان پيا ڏسن ۽ پاپن کان بس نہ ٿا ڪن. جيڪي ڪمزور وشواس وارا آهن، تن کي هو غلط ڪمن ۾ شريڪ ڪرڻ لاءِ ڦاسايو ٿا وٺن. اهي لالچ ڪرڻ جا ماهر ۽ لعنتي آهن.


سو ڪير ايشور جو ٻار آهي ۽ ڪير شيطان جو؟ اهو هن مان معلوم ٿئي ٿو تہ جيڪو سچائيءَ جا ڪم نہ ٿو ڪري ۽ جيڪو پنهنجي وشواسي ڀاءُ ڀيڻ سان پيار نہ ٿو ڪري سو ايشور جو ٻار نہ آهي.


جيڪو پاپ ڪري ٿو سو شيطان جي ٽولي مان آهي، ڇاڪاڻ تہ شيطان شروع کان وٺي پاپ ڪندو ٿو اچي. ايشور جو پٽ انهيءَ لاءِ ظاهر ٿيو تہ جيئن شيطان جي ڪمن کي ناس ڪري.


پيارا ٻارؤ! اوهين ايشور جا آهيو ۽ انهن تي سوڀارا ٿيا آهيو جيڪي سنديش ڏيندڙ سنت سڏائين ٿا، ڇاڪاڻ تہ جيڪو اوهان ۾ آهي سو انهيءَ کان وڌيڪ طاقتور آهي جيڪو سنسار ۾ آهي.


هاڻ اسين ڄاڻون ٿا تہ اسين ايشور جا ٻار آهيون، جڏهن تہ سڄو سنسار شيطان جي قبضي ۾ آهي.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪو بہ ايشور جو ٻار بڻيو آهي، سو سنسار تي سوڀ حاصل ڪري ٿو. اها سوڀ جنهن اسان کي سنسار تي سوڀارو ڪيو آهي سا آهي اسان جو وشواس.


اهو وڏو ازدها يعني قديم نانگ، جيڪو تهمت هڻندڙ يا شيطان بہ سڏبو آهي ۽ جيڪو سڄي سنسار کي ڀَٽڪائي ٿو، تنهن کي آڪاش مان ڪڍي سندس دوتن سميت ڌرتيءَ تي اڇلايو ويو.


اُن حيوان کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ پهرئين حيوان جي روبرو ڌرتيءَ جي رهاڪن کي ڀَٽڪائڻ لاءِ چمتڪار ڏيکاري. انهن چمتڪارن جي ڪري هو ڀَٽڪي رهيا هئا. هُن کين چيو تہ انهيءَ حيوان جو بت بڻايو جنهن کي تلوار سان زخمي ڪري ماريو ويو، جيڪو پوءِ جيوت ٿي پيو هو.


ڌرتيءَ جا سڀيئي رهاڪو انهيءَ حيوان اڳيان سيس نوائيندا، سواءِ انهن جي جن جا نالا سنسار جي شروعات کان وٺي جيون شاستر ۾ لکيل آهن، جيڪو ڪُٺل گھيٽڙي جو آهي.


جڏهن ستين دوت پنهنجو پيالو هوا ۾ هاريو تہ هيڪل مان تخت واري پاسي کان هڪڙو وڏو آواز آيو، جنهن چيو تہ ”پورو ٿيو.“


هُن انهيءَ ازدها، يعني قديمي نانگ جنهن کي تهمت هڻندڙ يا شيطان بہ سڏيو وڃي ٿو، تنهن کي پڪڙي هزار سالن لاءِ ٻڌي ڇڏيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan