Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




اِفسين 2:1 - Hindu Sindhi Bible

1 گذريل وقت ۾ اوهين پنهنجين نافرمانين ۽ پاپن جي ڪري مئل هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 ۽ جڏهن اوهين پنهنجين خطائن ۽ گناهن جي ڪري مُئل هئا، تڏهن هن اوهان کي جياريو،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

1 گذريل وقت ۾ اوهين پنهنجين نافرمانين ۽ گناهن جي ڪري مئل هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

1 گذريل وقت ۾ اوھين پنھنجين نافرمانين ۽ گناھن جي ڪري مئل ھئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




اِفسين 2:1
21 Iomraidhean Croise  

تنهن تي يسوع چيس تہ ”منهنجي پويان اچ ۽ ڇڏ تہ ڀلي مُڙدا وڃي مُڙدن کي دفنائين.“


ڇاڪاڻ تہ منهنجو هي پٽ مري ويو هو ۽ هاڻي وري جيوت ٿيو آهي. هو گم ٿي ويو هو ۽ هاڻي وري مليو آهي.‘ پوءِ اهي خوشيون ملهائڻ لڳا.


پر اسان کي تہ انهيءَ لاءِ شادمانو ۽ خوشي ملهائڻي آهي جو تنهنجو ڀاءُ، جيڪو مري ويو هو سو هاڻي جيوت ٿيو آهي، جيڪو وڃائجي ويو هو سو هاڻي لڌو آهي.‘“


چور رڳو انهيءَ مطلب لاءِ اچي ٿو تہ چوري ڪري، ماري ۽ برباد ڪري. پر آءٌ انهيءَ لاءِ آيو آهيان تہ کين جيون ملي، بلڪ ڀرپور جيون ملين.


يسوع کيس وراڻيو تہ ”رستو، سچ ۽ جيون آءٌ آهيان. منهنجي وسيلي کان سواءِ ڪوبہ پتا تائين پهچي نہ ٿو سگھي.


جيئن پتا مئلن کي جيوت ڪري کين جيون ڏئي ٿو، تيئن پٽ بہ جنهن کي وڻيس تنهن کي جيون ڏئي ٿو.


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اها گھڙي اچي رهي آهي بلڪ اچي پهتي آهي، جڏهن مئل ماڻهو ايشور جي پٽ جو آواز ٻڌندا ۽ جيڪي ٻڌندا سي جيوت ٿيندا.


پوِتر آتما جي حڪمراني جيڪا اسان کي يسوع مسيح ۾ جيون ڏئي ٿي، تنهن اسان کي پاپ ۽ موت جي حڪمرانيءَ کان ڇڏايو آهي.


جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”پهريون انسان آدم جيوت جيءُ بڻيو.“ تہ پوءِ آخري آدم يعني مسيح آتمڪ شرير ٿي جيون بخشيندڙ بڻيو.


ٻنهي حالتن ۾ مسيح جو اسان سان پريم اسان کي مجبور ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ اسين هن نتيجي تي پهتا آهيون تہ جڏهن هڪ شخص سڀني جي لاءِ مري ويو، تڏهن ان جو مطلب آهي تہ اسين سڀ مري ويا آهيون.


اهڙو جيون گذارڻ وارا عقل جا انڌا آهن. سندن دلين جي سختيءَ ۽ جهالت جي ڪري ايشور جي ڏنل جيون ۾ سندن ڪوبہ حصو ڪونہ آهي.


ڇاڪاڻ تہ اها روشني هر شيءِ کي روشن ڪري ٿي. انهيءَ ڪري چيو وڃي ٿو تہ ”اي ستل! جاڳي پئُہ، مئلن منجھان جيوت ٿي اُٿ، تہ مسيح جي روشني تو تي چمڪندي.“


اوهين تہ پنهنجي پاپن جي ڪري ۽ پنهنجي پاپن سان ڀريل فطرت لٿل نہ هئڻ ڪري مئل هئا، پر ايشور اوهان کي بہ مسيح سان گڏ جيوت ڪيو. هن اسان جا سمورا پاپ بخشي


پر جيڪا وڌوا عيش عشرت ۾ ٿي گذاري، سا جيوت ئي مئل آهي.


اسين ڄاڻون ٿا تہ موت مان نڪري جيون ۾ آيا آهيون، ڇاڪاڻ تہ اسين پنهنجن هم‌وشواسين سان پيار ڪريون ٿا. جيڪو پيار نہ ٿو ڪري سو موت جي حالت ۾ آهي.


هن مون کي سرديس واري وشواسي منڊليءَ جي دوت ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جنهن وٽ ايشور جون ست آتمائون ۽ ست تارا آهن، سو تنهنجي منڊليءَ وارن کي فرمائي ٿو تہ ”آءٌ اوهان جي عملن کي ڄاڻان ٿو. ماڻهو اوهان کي آتما جي لحاظ کان جيوت سمجھن ٿا، پر اوهين تہ مئل آهيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan