Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




اِفسين 1:4 - Hindu Sindhi Bible

4 هن ئي اسان کي سنسار بڻائڻ کان اڳ مسيح ۾ شامل ٿيڻ لاءِ چونڊي ڇڏيو، تہ جيئن اسين سندس آڏو پريم ۾ پوِتر ۽ بي‌عيب هجون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 جيئن تہ هن اسان کي جهان جي شروعات کان اڳ ۾ هن ۾ چونڊي ڪڍيو تہ اسين سندس اڳيان محبت ۾ پاڪ ۽ بي عيب ٿيون:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

4 هن ئي اسان کي دنيا بڻائڻ کان اڳ مسيح ۾ شامل ٿيڻ لاءِ چونڊي ڇڏيو، تہ جيئن اسين سندس آڏو محبت ۾ پاڪ ۽ بي‌عيب هجون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

4 ڇالاءِ⁠جو خدا جھان بنائڻ کان اڳ ئي مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اسان کي چونڊيو ھو، تہ جيئن اسين خدا جي آڏو پاڪ ۽ بي⁠عيب ھجون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




اِفسين 1:4
55 Iomraidhean Croise  

ايتري قدر جو جيڪڏهن انهن ڏينهن جو مدو گھٽايو نہ وڃي ها تہ جيڪر ڪوبہ بچي نہ سگھي ها. پر ايشور جي چونڊيلن خاطر انهن ڏينهن جو مدو گھٽايو ويندو.


ڇاڪاڻ تہ اهڙا ڪوڙا ماڻهو ظاهر ٿيندا جيڪي پاڻ کي مسيح يا ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت سڏائيندا. اهي وڏيون نشانيون ڏيکاريندا ۽ حيرت جهڙا ڪم ڪندا، انهيءَ مقصد لاءِ تہ جيڪڏهن کانئن ٿي سگھي تہ ايشور جي چونڊيلن کي بہ ڀَٽڪائي ڇڏين.


تڏهن وڏي آواز سان توتاري جي وڄندي ئي هو پنهنجي دوتن کي هر طرف موڪليندو، جيڪي ڌرتيءَ جي هڪ ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين ايشور جي چونڊيلن کي آڻي گڏ ڪندا.“


پوءِ راجا پنهنجي ساڄي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اوهين جيڪي منهنجي پتا جي طرفان سڀاڳا آهيو، سي اچو ۽ منهنجي راڄ‌ڀاڳ ۾ رهو، جيڪو سنسار جي رچنا کان وٺي اوهان جي لاءِ ميراث طور تيار ڪيو ويو آهي،


منهنجيون ٻيون بہ رڍون آهن جيڪي هن واڙي جون نہ آهن. انهن کي آڻڻ بہ مون لاءِ ضروري آهي. اهي منهنجو آواز ٻڌنديون ۽ پوءِ هڪڙو ئي ڌڻ ۽ هڪڙو ئي ڌنار ٿيندو.


اوهان مون کي ڪين چونڊيو آهي، بلڪ مون اوهان کي چونڊيو آهي ۽ انهيءَ لاءِ مقرر ڪيو اٿم تہ وڃي اهڙو ميوو جھليو جيڪو هميشہ هلي. پوءِ اوهين منهنجي نالي تي پتا کان جيڪي بہ گھرندا سو هو اوهان کي ڏيندو.


اي پتا! آءٌ چاهيان ٿو تہ جيڪي تو مون کي ڏنا آهن سي اتي مون سان گڏ هجن جتي آءٌ هجان، تہ جيئن اهي منهنجي اها جوت ڏسن جنهن ۾ تو مون کي پاڻ سان انهيءَ لاءِ شريڪ ڪيو آهي جو سنسار جي پيدا ٿيڻ کان اڳ ئي تون مون سان پيار ڪرين ٿو.


جڏهن غير قومن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن هو ڏاڍا خوش ٿيا ۽ پرميشور جي انهيءَ سنديش جي مهما ڪرڻ لڳا. سو انهن مان جن کي ايشور امر جيون لاءِ چونڊي ڇڏيو هو، تن سڀني يسوع مسيح تي وشواس آندو.


هي آءٌ پرميشور چوان ٿو، جيڪو قديم زماني کان اهو سڀ ڪري ڏيکاريندو آيو آهيان.‘“


جيئن تہ آءٌ تو ساڻ آهيان، سو ڪوبہ ماڻهو حملو ڪري تو کي نقصان پهچائي نہ سگھندو، ڇو تہ هن شهر ۾ منهنجا گھڻا ئي ماڻهو آهن.“


ڪير آهي جيڪو ايشور جي چونڊيل ماڻهن تي تهمت هڻندو؟ جڏهن تہ ايشور خود انهن کي پاڻ ڏانهن سچار ٿو بڻائي.


اسان جو پرڀو يسوع مسيح اوهان کي پڇاڙيءَ تائين وشواس ۾ قائم بہ رکندو، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اوهين سندس اچڻ واري ڏينهن تي بي‌الزام قرار ڏنا وڃو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين آزاد ٿيڻ لاءِ سڏيا ويا آهيو. پر پنهنجي انهيءَ آزاديءَ کي شريري خواهشن جي پورائي لاءِ ڪم نہ آڻيو، بلڪ پيار جي رستي هڪٻئي جي سيوا ڪريو.


پر پوِتر آتما جو ڦل آهي پيار، خوشي، شانتي، صبر، ڪرپا، نيڪي، وفاداري،


سو جڏهن اسين يسوع مسيح جا آهيون، تڏهن ختنو ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪنهن ڪم جو نہ آهي. پر رڳو مسيح تي وشواس ئي ڪم جو آهي، جنهن جو اثر پريم رکڻ مان ظاهر ٿئي ٿو.


اسين تہ ايشور جي ڪاريگري آهيون ۽ هن اسان کي يسوع مسيح ۾ نئين سر پيدا ڪيو آهي، تہ جيئن اسين چڱا ڪم ڪندا رهون جيڪي هن اڳي ئي اسان جي ڪرڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيا آهن.


۽ وشواس رکڻ جي وسيلي مسيح اوهان جي دلين ۾ گھر ڪري. اها پرارٿنا آءٌ انهيءَ ڪري ڪريان ٿو تہ جيئن اوهين پريم ۾ پاڙ ڄمائي انهيءَ جي بنياد تي جيون گذاريو.


مطلب تہ ڏاڍي نماڻائيءَ ۽ نِوڙت سان رهو، صبر ڪريو ۽ پيار سان هڪٻئي جي برداشت ڪريو.


اوهين پيار ڀريو جيون گذاريو، جيئن مسيح اسان سان پيار ڪندي اسان جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي ايشور جي آڏو خوشبودار ڀيٽا طور ٻليدان ڪري ڇڏيو.


هن جو مقصد هو تہ هڪڙي اهڙي شاندار منڊلي پنهنجي اڳيان پيش ڪري، جنهن تي ڪوبہ داغ يا گھنج يا اهڙي ڪا ٻي شيءِ نہ هجي، بلڪ اها پوِتر ۽ بي‌عيب هجي.


تہ جيئن اوهين بي‌ڏوهي ۽ معصوم ٿي ڪري ڏنگن ۽ ڀَٽڪيل ماڻهن جي هن سنسار ۾ ايشور جا بي‌عيب ٻار ثابت ٿيو. مطلب تہ انهن جي وچ ۾ اوهين ائين چمڪو جيئن آڪاش ۾ ستارا


پر هاڻي هن مسيح جي شريري موت جي وسيلي اوهان جو پاڻ سان رابطو بحال ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ هو اوهان کي پوِتر، بي‌عيب ۽ بي‌الزام بڻائي پنهنجي شرڻ ۾ حاضر ڪري.


اهو آءٌ انهيءَ ڪري ٿو ڪريان تہ انهن جي دلين ۾ همت پيدا ٿئي ۽ اهي پيار سان پاڻ ۾ هڪ ٿي رهن. آءٌ چاهيان ٿو تہ اهي پوري اعتماد سان سمجھہ واري اهڙي دولت حاصل ڪن جنهن سان ايشور جي ڀيد، يعني مسيح کي ڄاڻين،


تنهنڪري جيئن اوهين ايشور جا چونڊيل، پوِتر ۽ پيارا آهيو، تيئن ديا، ڪرپا، نِوڙت، نماڻائيءَ ۽ ڌيرج کي پوشاڪ وانگر پهري ڇڏيو.


جيئن اسان کي اوهان سان بيحد پريم آهي، تيئن پرڀو يسوع شل اوهان جو پريم بہ هڪٻئي لاءِ، بلڪ سڀني لاءِ گھڻي کان گھڻو وڌائيندو رهي.


ياد رکو، ايشور اسان کي اپوِتر جيون گذارڻ لاءِ نہ، پر پوِتر جيون گذارڻ لاءِ سڏيو آهي.


انهيءَ ايشور اسان کي مڪتي ڏني ۽ پوِتر جيون گذارڻ لاءِ پاڻ ڏانهن سڏيو. اهو اسان جي عملن جي ڪري نہ، پر سندس خاص ارادي ۽ انهيءَ ڪرپا موجب ٿيو، جيڪا اسان تي يسوع مسيح ۾ سنسار جي شروعات کان اڳ ڪئي ويئي هئي.


تنهنڪري آءٌ ايشور جي چونڊيلن جي خاطر سڀ ڪجھہ سهان ٿو، تہ جيئن جيڪا مڪتي يسوع مسيح ۾ ٿي ملي، تنهن کي اهي بہ هميشہ واري مهانتا سميت حاصل ڪن.


تنهن هوندي بہ ايشور جو وڌل مضبوط بنياد قائم رهي ٿو. انهيءَ تي هي لفظ اُڪريل آهن تہ ”پرميشور پنهنجن کي سڃاڻي ٿو“ ۽ ”جيڪو پرميشور جو نالو وٺي ٿو، سو بڇڙائيءَ کان پاسو ڪري.“


منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! ٻڌو، ڇا اهي ماڻهو جيڪي سنسار جي نظر ۾ غريب آهن، تن کي ايشور وشواس ۾ دولتمند ٿيڻ ۽ پنهنجي راڄ جي انهيءَ وچن ڪيل ورثي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ نہ چونڊيو آهي، جيڪو هن ساڻس پريم رکندڙن سان ڪيو آهي؟


ايشور پتا پنهنجي ارادي موجب اڳ ۾ ئي پوِتر آتما جي وسيلي اوهان کي مخصوص ڪري چونڊيو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين يسوع مسيح جا فرمانبردار ٿيو ۽ سندس رت ڇٽڪارڻ سان پوِتر ڪيا وڃو. شل اوهان تي ڪرپا ۽ شانتي وڌندي رهي.


سنسار جي بڻائڻ کان اڳ ۾ ئي مسيح کي چونڊيو ويو هو، پر هن انتم زماني ۾ اوهان جي خاطر کيس ظاهر ڪيو ويو.


پر اوهين هڪڙي چونڊيل پيڙهي، ايشور جي ڪاهنن واري منڊلي، مخصوص قوم ۽ ايشور جا اهڙا چونڊيل ماڻهو آهيو، جيڪي سندس خاص ملڪيت آهن. اوهين انهيءَ لاءِ چونڊيا ويا آهيو تہ ايشور جي خوبين جو اظهار ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان پنهنجي عجيب روشنيءَ ڏانهن سڏيو آهي.


سو اي پريميؤ! جيئن تہ اوهين انهيءَ انتظار ۾ آهيو، تڏهن پوريءَ دل سان ڪوشش ڪندا رهو تہ ايشور سان ميل ميلاپ جي حالت ۾ اوهين سندس آڏو بي‌داغ ۽ بي‌عيب قرار ڏنا وڃو.


ان کان علاوہ اسان پاڻ بہ ڄاڻي ورتو آهي ۽ اهو وشواس بہ آهي تہ ايشور جو اسان سان پيار آهي. بيشڪ ايشور پيار آهي، تنهنڪري جيڪو پيار ۾ رهي ٿو سو ايشور ۾ رهي ٿو ۽ ايشور بہ انهيءَ ۾ رهي ٿو.


ڌرتيءَ جا سڀيئي رهاڪو انهيءَ حيوان اڳيان سيس نوائيندا، سواءِ انهن جي جن جا نالا سنسار جي شروعات کان وٺي جيون شاستر ۾ لکيل آهن، جيڪو ڪُٺل گھيٽڙي جو آهي.


اهو حيوان جيڪو تو ڏٺو، سو اڳي هو ۽ هاڻي ڪونهي. پر اوڙاهہ مان نڪري اچڻ تي آهي ۽ پوءِ برباد ڪيو ويندو. ڌرتيءَ جا اهي رهاڪو جن جا نالا سنسار جي شروعات کان وٺي جيون شاستر ۾ لکيل نہ آهن، سي انهيءَ حيوان جو وري ظاهر ٿيڻ ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا، ڇاڪاڻ تہ اهو حيوان اڳي هو ۽ هاڻي ڪونهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan