Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




اِفسين 1:16 - Hindu Sindhi Bible

16 آءٌ پنهنجي پرارٿنائن ۾ اوهان کي ياد ڪندي اوهان لاءِ ايشور جو شڪر ڪرڻ نہ ٿو ڇڏيان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 آئون بہ اوهان جي لاءِ شڪر ڪرڻ کان باز نٿو اچان، ۽ پنهنجين دعائن ۾ اوهان کي ياد پيو ڪريان؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

16 آءٌ پنهنجي دعائن ۾ اوهان کي ياد ڪندي اوهان لاءِ خدا جو شڪر ڪرڻ نہ ٿو ڇڏيان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

16 آءٌ اوھان لاءِ خدا جو شڪر ڪرڻ کان باز نہ ٿو اچان، ۽ پنھنجين دعائن ۾ اوھان کي ياد ڪندو رھندو آھيان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




اِفسين 1:16
11 Iomraidhean Croise  

اسين جڏهن بہ اوهان لاءِ پرارٿنا ٿا ڪريون، تڏهن هميشہ ايشور جو شڪر ادا ٿا ڪريون، جيڪو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جو پتا آهي.


جنهن ڏينهن اسان اوهان جي باري ۾ اهو سڀ ٻڌو، تنهن ڏينهن کان وٺي اوهان لاءِ ايشور کي پرارٿنا ۽ هيءَ وينتي ڪرڻ کان بس نہ ٿا ڪريون تہ شل هو اوهان کي پوِتر آتما جي سموري ڏاهپ ۽ سمجھہ بخشيندي پنهنجي مرضيءَ جي ڄاڻ سان ڀري ڇڏي.


اسين هميشہ اوهان سڀني جي لاءِ ايشور جو شڪر ڪندا ٿا رهون ۽ پنهنجين پرارٿنائن ۾ اوهان کي ياد پيا ڪريون.


سدائين پرارٿنا ڪندا رهو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان تي لازم آهي تہ اوهان جي لاءِ هميشہ ايشور جو شڪر ادا ڪندا رهون. هي انهيءَ ڪري مناسب آهي جو اوهان جي وشواس ۾ گھڻي کان گھڻو واڌارو ايندو ٿو وڃي ۽ اوهان سڀني جو هڪٻئي لاءِ پيار وڌندو ٿو وڃي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan