Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




اِفسين 1:12 - Hindu Sindhi Bible

12 ايشور چاهيو ٿي تہ اسين يهودي، جن اوهان کان اڳي مسيح ۾ اميد رکي هئي، سي سندس مهانتا جي مهما جو سبب ٿيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 انهي لاءِ تہ اسين، جن اڳيئي مسيح ۾ اُميد رکي هئي، سي انهي جي جلال جي تعريف جو سبب ٿيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

12 خدا چاهيو ٿي تہ اسين يهودي، جن اوهان کان اڳي مسيح ۾ اميد رکي هئي، سي سندس عظمت جي واکاڻ جو سبب ٿيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

12 خدا جي مرضي ھئي تہ اسان، جن اڳواٽ ئي مسيح ۾ اميد رکي ھئي، سي سندس جلال جي تعريف جو سبب ٿيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




اِفسين 1:12
21 Iomraidhean Croise  

پوءِ يسوع چيلن کي وڌيڪ چيو تہ ”پنهنجي دل ۾ پريشان نہ ٿيو. ايشور تي ڀروسو رکو ۽ مون تي بہ ڀروسو رکو.


انهيءَ لاءِ تہ سندس جوت سان ڀريل انهيءَ ڪرپا جي مهما ٿئي، جيڪا هن پنهنجي پياري پٽ ۾ اسان کي مفت بخشي.


اهو انهيءَ لاءِ ڪيائين تہ هو پنهنجي انهيءَ ديا جي وسيلي جيڪا يسوع مسيح ۾ اسان تي آهي، پنهنجي ڪرپا جي بي‌انداز دولت کي ايندڙ زمانن ۾ ظاهر ڪري.


شل منڊليءَ ۽ يسوع مسيح جي وسيلي پيڙهي بہ پيڙهي هميشہ هميشہ تائين سندس مهانتا جي مهما ٿيندي رهي. آمين.


پر اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اي پرميشور جا پيارؤ! اسان تي لازم آهي تہ اوهان جي لاءِ هميشہ ايشور جو شڪر ادا ڪندا رهون، ڇاڪاڻ تہ هن شروع ۾ ئي اوهان کي انهيءَ لاءِ چونڊي ڇڏيو هو تہ اوهين پوِتر آتما جي وسيلي پوِتر ٿي ۽ سچ تي وشواس آڻي مڪتي حاصل ڪريو.


جنهن ڪري مون کي جيل ۾ تڪليفون ڏنيون وڃن ٿيون. تنهن هوندي بہ آءٌ شرمسار نہ ٿو ٿيان، ڇاڪاڻ تہ جنهن تي منهنجو وشواس آهي، تنهن کي آءٌ ڄاڻان ٿو. مون کي يقين آهي تہ جيڪا امانت مون هن جي حوالي ڪئي آهي، تنهن جي هو پنهنجي موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين سنڀال ڪري ٿو سگھي.


هن پنهنجي مرضيءَ سان اسان کي سچ جي سنديش وسيلي نئين سر پيدا ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين سندس رچيل شين ۾ پهريون ڦل بڻجون.


مسيح جي ئي وسيلي اوهين ايشور تي وشواس رکو ٿا. هن کيس مئلن مان جيوت ڪري مهانتا بخشي، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جو وشواس ۽ آسرو ايشور تي ئي هجي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan