Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.تيمٿيس 4:3 - Hindu Sindhi Bible

3 ڇاڪاڻ تہ اهڙو وقت ايندو، جڏهن ماڻهو صحيح سکيا برداشت نہ ڪندا. اٽلندو هو پنهنجين خواهشن جي پورائي لاءِ پنهنجي چوڌاري گھڻا ئي اهڙا سکيا ڏيندڙ آڻي گڏ ڪندا، جيڪي کين اهو ئي ڪجھہ ٻڌائين جيڪو سندن ڪن ٻڌڻ چاهين ٿا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ڇالاءِ جو اهڙو وقت ايندو، جڏهن ماڻهو صحيح تعليم جي برداشت نہ ڪندا؛ پر ڪَنن جي خارش ڪري پنهنجين خواهشن موجب پنهنجي لاءِ گهڻا ئي اُستاد آڻي گڏ ڪندا،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 ڇاڪاڻ تہ اهڙو وقت ايندو، جڏهن ماڻهو صحيح تعليم برداشت نہ ڪندا. اٽلندو هو پنهنجين خواهشن جي پورائي لاءِ پنهنجي چوڌاري گھڻا ئي اهڙا تعليم ڏيندڙ آڻي گڏ ڪندا، جيڪي کين اهو ئي ڪجھہ ٻڌائين جيڪو سندن ڪن ٻڌڻ چاهين ٿا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

3 ڇالاءِ⁠جو اھڙو وقت ايندو، جڏھن ماڻھو صحيح تعليم برداشت نہ ڪندا. پر ھو پنھنجين خواھشن جي پورائي لاءِ پنھنجي چوڌاري گھڻا ئي اھڙا استاد آڻي گڏ ڪندا، جيڪي کين اھو ئي ڪجھہ ٻڌائيندا جيڪو سندن خارش وارا ڪن ٻڌڻ چاھين ٿا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.تيمٿيس 4:3
33 Iomraidhean Croise  

انهيءَ گھڙي ئي نيم شاسترين ۽ سردار ڪاهنن ڪوشش ڪئي تہ يسوع کي پڪڙايون، ڇاڪاڻ تہ انهن ڄاڻي ورتو تہ ”هن اهو مثال اسان تي آندو آهي.“ پر هو ماڻهن کان ڊنا ٿي.


مصيبت آهي اوهان لاءِ، جڏهن ماڻهو اوهان کي ساراهين ٿا، ڇاڪاڻ تہ انهن جا ابا ڏاڏا بہ سنديش ڏيندڙ سنت سڏائڻ وارن سان ائين ئي ڪندا هئا.“


تنهنڪري ئي اوهين مون تي يقين نہ ٿا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ سچائي ٻڌايان ٿو.


حقيقت ۾ اٿينس جا سڀيئي رهاڪو ديسي توڙي پرديسي پنهنجو وقت هميشہ نيون نيون ڳالهيون ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ ۾ گذاريندا هئا.


جڏهن آءٌ اوهان ڀائرن ڀينرن وٽ آيو هئس تہ مون ايشور جي ڀيد جو پرچار ڏکين ۽ ڏاهپ وارن لفظن کان سواءِ ڪيو هو.


منهنجي تقرير ۽ پرچار ڏاهپ جي دلفريب لفظن سان نہ، پر پوِتر آتما جي شڪتيءَ سان يقين ڪرڻ جهڙا ثابت ٿي پئي ويا،


تہ پوءِ ڇا سچ ٻڌائڻ جي ڪري هاڻي آءٌ اوهان جو دشمن ٿي پيو آهيان؟


اهو زناڪارن ۽ لونڊي‌بازن لاءِ، ماڻهن کي اغوا ڪري وڪڻندڙن لاءِ، ڪوڙ ڳالهائڻ توڙي ڪوڙا قسم کڻڻ وارن لاءِ آهي. انهيءَ کان سواءِ صحيح سکيا جي برخلاف جيڪي بہ ڪم ڪيا وڃن ٿا، تن کان پري رهڻ لاءِ پڻ آهي.


اهي صحيح ڳالهيون جيڪي تو مون کان ٻڌيون، تنهنجي لاءِ هڪ نمونو آهن. سو تون انهن کي انهيءَ وشواس ۽ پريم سان دل ۾ سانڍي ڇڏ، جيڪي مسيح ۾ تو کي آهن.


”انتم زماني ۾ ڪي ٺٺوليون ڪندڙ ماڻهو هوندا، جيڪي پنهنجين بي‌ڌرميءَ وارين خواهشن جي پٺيان لڳندا.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan