Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.تيمٿيس 4:11 - Hindu Sindhi Bible

11 رڳو لوقا مون وٽ آهي. تون مرقس کي پاڻ سان گڏ وٺي اچجانءِ، ڇاڪاڻ تہ سيوا واري ڪم ۾ هو منهنجو سٺو مددگار آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 رڳو لوقا مون وٽ آهي. مرقس کي پاڻ سان وٺيو اچج: ڇالاءِ جو خدمت جي ڪم ۾ هو مون کي ڪمائتو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

11 رڳو لوقا مون وٽ آهي. تون مرقس کي پاڻ سان گڏ وٺي اچجانءِ، ڇاڪاڻ تہ خدمت واري ڪم ۾ هو منهنجو سٺو مددگار آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

11 رڳو لوقا مون وٽ آھي. تون مرقس کي پاڻ سان وٺيو اچج، ڇالاءِ⁠جو ھو خدمت واري ڪم ۾ منھنجو سٺو مددگار آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.تيمٿيس 4:11
15 Iomraidhean Croise  

پر ڪيترائي جيڪي هاڻي اڳيان آهن سي پويان ٿيندا ۽ ڪيترائي جيڪي هاڻي پويان آهن سي اڳيان ٿيندا.“


يسوع وڌيڪ چيو تہ ”اهڙيءَ طرح جيڪي پويان آهن سي اڳيان ٿيندا ۽ جيڪي اڳيان آهن سي پويان ٿيندا.“


ڏسو، تڏهن ڪيترائي جيڪي هاڻي پويان آهن، سي اڳيان ٿيندا ۽ ڪيترائي جيڪي هاڻي اڳيان آهن، سي پويان ٿيندا.“


اهو سمجھڻ کان پوءِ هو يوحنا عرف مرقس جي ماتا مريم جي گھر ڏانهن روانو ٿيو. اتي گھڻا ئي ماڻهو اچي گڏ ٿيا هئا ۽ پرارٿنائون ڪري رهيا هئا.


هوڏانهن برنباس ۽ سائول پنهنجو سيوا وارو ڪم پورو ڪري يوحنا عرف مرقس کي پاڻ سان وٺي يروشلم کان شام جي شهر انطاڪيا ۾ موٽي آيا.


برنباس جي مرضي هئي تہ يوحنا عرف مرقس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي هلون.


انهيءَ ڳالهہ تي برنباس ۽ پولس جي وچ ۾ ايترو تہ اختلاف ٿي پيو جو هو هڪٻئي کان ڌار ٿي ويا. برنباس مرقس کي وٺي سامونڊي جهاز ۾ چڙهي قبرص ٻيٽ ڏانهن روانو ٿي ويو،


پولس کي درشن ملڻ شرط اسان هڪدم مڪدُنيا ڏانهن وڃڻ جي تياري ڪئي، ڇاڪاڻ تہ اسان کي يقين ٿي ويو تہ ايشور اسان کي گھرايو آهي تہ کين خوشخبري ٻڌايون.


ارسترخس، جيڪو مون سان گڏ قيد ۾ آهي، اوهان کي نمسڪار چوي ٿو. مرقس بہ، جيڪو برنباس جو سؤٽ آهي اوهان کي نمسڪار چوي ٿو. هن بابت اوهان کي هدايتون ٿيل آهن، سو جيڪڏهن هو اوهان وٽ اچي تہ سندس آڌرڀاءُ ڪجو.


اسان جو پيارو دوست حڪيم لوقا ۽ ديماس اوهان کي نمسڪار ٿا ڏين.


تون اهو ڄاڻين ٿو تہ فوگلس ۽ هرمگنيس ڀائرن سميت آسيا صوبي جا سڀ وشواسي مون کان منهن موڙي ويا آهن.


اهڙي نموني جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کي انهن نيچ ڳالهين کان پوِتر ٿو رکي تہ اهو مانائتو ۽ مخصوص ٿانءُ ٿيندو، جيڪو پنهنجي مالڪ لاءِ ڪارائتو ۽ هر چڱي ڪم لاءِ تيار هوندو.


اوهان وانگر چونڊيل منڊلي، جيڪا بابل ۾ آهي سا اوهان کي نمسڪار ٿي ڏئي ۽ مرقس بہ نمسڪار ٿو ڏئي، جيڪو مون لاءِ هڪ پٽ جيان آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan