Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.تيمٿيس 3:4 - Hindu Sindhi Bible

4 اهي دغاباز، اُٻهرا، وڏائيءَ ۾ ڦونڊيل ۽ ايشور جي بدران عيش عشرت جا ڳولائو هوندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 دغاباز، ضدي، وڏائي خور؛ خدا کان وڌيڪ عيش عشرت کي پسند ڪرڻ وارا،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

4 اهي دغاباز، اُٻهرا، وڏائيءَ ۾ ڦونڊيل ۽ خدا جي بدران عيش عشرت جا طلبگار هوندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

4 اھي دغاباز، اُٻھرا، وڏائي⁠خور ۽ خدا جي بدران عيش عشرت کي پسند ڪرڻ وارا ھوندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.تيمٿيس 3:4
12 Iomraidhean Croise  

انهن ڳالهين کان ڪوبہ انڪار ڪري نہ ٿو سگھي. تنهنڪري اوهان کي گھرجي تہ ٿڌا ٿيو ۽ اُٻهرا ٿي ڪجھہ بہ نہ ڪريو.


ايشور جو سنديش ڏيندڙ اهو ڪهڙو سنت هو جنهن کي اوهان جي ابن ڏاڏن نہ ستايو؟ هنن انهن کي بہ مارايو، جن انهيءَ سچار بندي جي اچڻ جي اڳواٽ خبر ڏني ۽ هاڻي اوهان پاڻ انهيءَ سان دغابازي ڪري کيس مارايو آهي.


ٺيڪ آهي. پر ياد رکو، اهي ٽاريون انهيءَ لاءِ ڀڳيون ويون جو انهن مسيح تي وشواس نہ آندو ۽ اوهين انهيءَ ڪري جڙيل آهيو جو اوهان مسيح تي وشواس آندو آهي. سو پاڻ تي وڏائي نہ ڪريو، بلڪ خوف رکو.


هائو، جيڪي اهڙا ڪم ڪن ٿا سي اسان جي پرڀو مسيح جي سيوا نہ ٿا ڪن، پر پنهنجي پيٽ جي پوجا ٿا ڪن ۽ پنهنجي سڻڀي ۽ مٺيءَ زبان سان اٻوجھن جون دليون ٿا ٺڳين.


هو تازو وشواس آڻيندڙ نہ هجي، متان ڦونڊ ۾ اچي شيطان وانگر پاپي قرار ڏنو وڃي.


پر جيڪا وڌوا عيش عشرت ۾ ٿي گذاري، سا جيوت ئي مئل آهي.


جيڪي هم‌وشواسي هن انتم زماني ۾ دولتمند آهن، تن کي تاڪيد ڪر تہ اهي مغرور نہ ٿين. هو ناس ٿيندڙ دولت تي نہ، پر انهيءَ ايشور تي آسرو رکن جيڪو اسان کي سڀ شيون جھجھي انداز ۾ ٿو ڏئي تہ جيئن اسين خوشيون ماڻيون.


هي اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي اوهان منجھہ ڏڦيڙ وجھي رهيا آهن. هي پوِتر آتما کان محروم سنساري سوچ رکندڙ ماڻهو آهن.


منهنجي خط لکڻ جو سبب هي آهي تہ ڪي اهڙا ماڻهو لڪي ڇپي اوهان منجھہ گھڙي آيا آهن، جن کي پوِتر شاستر مطابق پراڻي زماني کان پاپي قرار ڏنو ويو آهي. اهي بي‌ڌرمي ماڻهو آهن، جيڪي اسان جي ايشور جي ڪرپا کي بگاڙي پنهنجي شهوت‌پرستيءَ جو بهانو ٿا بڻائين ۽ اسان جي هڪڙي ئي مالڪ ۽ پرڀوءَ، يعني يسوع مسيح جو انڪار ٿا ڪن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan