2.تيمٿيس 2:8 - Hindu Sindhi Bible8 اها ڳالهہ سدائين ياد رک تہ يسوع مسيح، جيڪو راجا دائود جي پيڙهيءَ مان آهي، تنهن کي مئلن مان جيوت ڪيو ويو آهي. اها ئي منهنجي خوشخبري آهي. Faic an caibideilSindhi Bible8 يسوع مسيح کي ياد ڪندو رهہ، جو مُئلن مان جي اُٿيو، ۽ دائود جي نسل مان آهي، جنهن جي مون خوشخبري ٻُڌائي، Faic an caibideilMuslim Sindhi Bible8 اها ڳالهہ سدائين ياد رک تہ عيسيٰ مسيح، جيڪو دائود جي نسل مان آهي، تنهن کي مئلن مان جيئرو ڪيو ويو آهي. اها ئي منهنجي خوشخبري آهي. Faic an caibideilCommon Language New Testament8 عيسيٰ مسيح کي ياد رک، جيڪو دائود جي نسل مان آھي ۽ مئلن مان جي اٿيو. اھا ئي منھنجي خوشخبري آھي. Faic an caibideil |
جيڪو ڀيد گھڻي وقت کان وٺي ڳجھو رکيو ويو هو، سو هاڻي هميشہ واري ايشور جي حڪم موجب سنديش ڏيندڙ سنتن جي لکتن جي وسيلي سڀني قومن تي پڌرو ڪيو ويو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهي وشواس آڻي فرمانبردار ٿين. يسوع مسيح جي جنهن خوشخبريءَ جو آءٌ پرچار ٿو ڪريان تنهن ۾ انهيءَ ڀيد جي ظاهر ٿيڻ موجب شل ايشور اوهان کي وشواس ۾ مضبوط ڪري.