Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.تيمٿيس 2:26 - Hindu Sindhi Bible

26 ۽ پنهنجي هوش ۾ اچي شيطان جي ڦندي مان ڇٽن، جنهن کين انهيءَ لاءِ قيدي بڻايو آهي تہ اهي سندس مرضي پوري ڪن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

26 ۽ جن کي شيطان پنهنجي مرضي پوري ڪرڻ لاءِ ڦندي ۾ ڦاسايو آهي، تن کي سمجهہ اچي ۽ پاڻ کي انهي ڦندي مان ڇڏائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

26 ۽ پنهنجي هوش ۾ اچي ابليس جي ڦندي مان ڇٽن، جنهن کين انهيءَ لاءِ قيدي بڻايو آهي تہ اهي سندس مرضي پوري ڪن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

26 انھيءَ لاءِ تہ اھي پنھنجي ھوش ۾ اچي شيطان جي ڦندي مان ڇٽن، جنھن کين پنھنجي مرضي پوري ڪرڻ لاءِ قيدي بڻايو آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.تيمٿيس 2:26
28 Iomraidhean Croise  

جڏهن ڪو طاقت وارو ماڻهو پنهنجا هٿيار پنهوار ٻڌي پنهنجي گھر جو پهرو ٿو ڏئي تہ سندس سڀ مال‌متاع سلامت ٿو رهي.


آخرڪار هن پاڻ سنڀاليو ۽ پنهنجي دل ۾ خيال ڪيائين تہ ’منهنجي پتا جا تہ نوڪر بہ ڍاول ٿا رهن، پر آءٌ هتي بک پيو مران.


يسوع ۽ سندس چيلا رات جي رسوئي کائي رهيا هئا. انهيءَ وقت کان اڳ ئي شمعون جي پٽ يهوداہ اسڪريوتيءَ جي دل ۾ شيطان اها ڳالهہ وجھي ڇڏي هئي تہ هو يسوع سان دغا ڪري.


جيئن ئي يهوداہ گرهہ ورتو تيئن ئي شيطان منجھس سمائجي ويو. يسوع کيس چيو تہ ”جيڪو تو کي ڪرڻو آهي سو جلدي ڪري وٺ.“


تو کي انهن جون اکيون کولڻيون آهن ۽ کين اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻڻو آهي. انهن کي شيطان جي چنبي کان آزاد ڪري ايشور ڏانهن موڙڻو آهي، تہ جيئن اهي مون تي وشواس آڻين ۽ پاپن جي معافي ملين ۽ هو ايشور جي پنهنجي قوم ۾ ليکيا وڃن.‘“


تنهن تي پطرس چيس تہ ”اي حننياہ! ڇو شيطان تنهنجي دل ۾ اهڙو خيال وڌو، جو تو پوِتر آتما سان ڪوڙ ڳالهايو ۽ ٻنيءَ جي پئسن مان ڪجھہ پاڻ وٽ رکي ڇڏيئِہ؟


صحيح سوچ رکڻ لاءِ جاڳي پئو ۽ پاپ ڪرڻ ڇڏي ڏيو. اوهان مان ڪي ايشور جي باري ۾ ڪجھہ نہ ٿا ڄاڻن. آءٌ چوان ٿو تہ اها اوهان لاءِ شرم جي ڳالهہ آهي.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ متان اسين شيطان جي فريب ۾ ڦاسي پئون، ڇوجو اسين سندس چالاڪيءَ کان واقف آهيون.


ڇاڪاڻ تہ اها روشني هر شيءِ کي روشن ڪري ٿي. انهيءَ ڪري چيو وڃي ٿو تہ ”اي ستل! جاڳي پئُہ، مئلن منجھان جيوت ٿي اُٿ، تہ مسيح جي روشني تو تي چمڪندي.“


هن اسان کي اونداهيءَ جي چنبي مان ڇڏائي پنهنجي پياري پٽ جي راڄ ۾ آندو،


همنيس ۽ سڪندر انهن مان ئي آهن، جن کي مون شيطان جي حوالي ڪري ڇڏيو، تہ جيئن ايشور جي نندا کان مُڙي وڃڻ سکن.


انهيءَ کان علاوہ جيڪي منڊليءَ کان ٻاهر آهن، تن ۾ بہ هو نيڪ نام هجي، انهيءَ لاءِ تہ متان ڦٽڪار هيٺ اچي ۽ شيطان جي ڦندي ۾ ڦاسي پوي.


اهو وڏو ازدها يعني قديم نانگ، جيڪو تهمت هڻندڙ يا شيطان بہ سڏبو آهي ۽ جيڪو سڄي سنسار کي ڀَٽڪائي ٿو، تنهن کي آڪاش مان ڪڍي سندس دوتن سميت ڌرتيءَ تي اڇلايو ويو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan