Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.تيمٿيس 2:23 - Hindu Sindhi Bible

23 مورکتا ۽ اڻ‌ڄاڻائيءَ وارن بحثن کان پاسو ڪر، ڇاڪاڻ تہ تون ڄاڻين ٿو تہ انهن سان جھيڙا جھڳڙا پيدا ٿين ٿا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

23 پر بيوَقوفيءَ ۽ نادانيءَ جي حجتن کان پاسو ڪر، جو تون ڄاڻين ٿو تہ انهن مان جهيڙا جهڳڙا پيدا ٿا ٿين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

23 بي‌وقوفيءَ ۽ نادانيءَ وارن بحثن کان پاسو ڪر، ڇاڪاڻ تہ تون ڄاڻين ٿو تہ انهن سان جھيڙا جھڳڙا پيدا ٿين ٿا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

23 بي⁠وقوفيءَ ۽ نادانيءَ جي مباحثن کان پاسو ڪر، ڇالاءِ⁠جو تون ڄاڻين ٿو تہ اھي جھيڙا جھڳڙا پيدا ڪن ٿا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.تيمٿيس 2:23
7 Iomraidhean Croise  

نڪي هٿرادو ڪهاڻين ۽ ابن ڏاڏن جي بي‌انت فهرستن تي ڌيان ڏين. اهي رڳو تڪرار جو سبب بڻجن ٿا، نہ ايشور جي انهيءَ انتظام جو جيڪو وشواس رکڻ تي دارومدار رکي ٿو.


اجاين ۽ سکڻين ڪهاڻين تي ڌيان نہ ڏي، اٽلندو پاڻ ۾ ڌرمچاريءَ جي پرورش ڪر.


اهي ڳالهيون ماڻهن کي ياد ڏيار ۽ کين تاڪيد ڪر تہ اهي ايشور کي حاضر ناظر ڄاڻي ڳالهہ ڳالهہ تي تڪرار نہ ڪن، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ مان ڪجھہ بہ حاصل ٿيڻو ناهي. اٽلندو انهيءَ سان ٻڌڻ وارا برباد ٿيو وڃن.


اجائي بڪ بڪ کان پاسو ڪر، ڇاڪاڻ تہ ماڻهو انهيءَ ۾ جيترو وڌندا ويندا، اوترو ئي بي‌ڌرميءَ ۾ بہ وڌندا ويندا.


پر مورکتا وارن بحثن، ابن ڏاڏن جي ڊگھين فهرستن، جھيڙن جھڳڙن ۽ موسيٰ جي نيم بابت تڪرارن کان پاسو ڪر، ڇاڪاڻ تہ اهي بي‌فائدہ ۽ اجايا آهن.


اوهان ۾ جھيڙا جھڳڙا ڪٿان ٿا اچن؟ ڇا اهي انهن عيش عشرت وارين خواهشن مان نہ ٿا نڪرن، جيڪي اوهان جي عضون ۾ جھيڙو جھڳڙو پيدا ٿيون ڪن؟


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan