2.تيمٿيس 2:12 - Hindu Sindhi Bible12 جيڪڏهن اسين تڪليفون سهندا رهون، تہ هن سان گڏ راڄ بہ ڪنداسين. جيڪڏهن اسين هن کي قبول نہ ڪنداسين، تہ هو بہ اسان کي قبول نہ ڪندو. Faic an caibideilSindhi Bible12 جيڪڏهن اسين ڏک سهنداسين تہ هن سان گڏ بادشاهي بہ ڪنداسين؛ جيڪڏهن اسين سندس انڪار ڪنداسين تہ هو بہ اسان جو انڪار ڪندو؛ Faic an caibideilMuslim Sindhi Bible12 جيڪڏهن اسين تڪليفون سهندا رهون، تہ هن سان گڏ بادشاهي بہ ڪنداسين. جيڪڏهن اسين هن کي قبول نہ ڪنداسين، تہ هو بہ اسان کي قبول نہ ڪندو. Faic an caibideilCommon Language New Testament12 جيڪڏھن اسين ڏک سھندا رھون، تہ ھن سان گڏ بادشاھي بہ ڪنداسين. جيڪڏھن اسين ھن کي پنھنجو نہ سمجھنداسين، تہ ھو بہ اسان کي پنھنجو نہ سمجھندو. Faic an caibideil |
منهنجي خط لکڻ جو سبب هي آهي تہ ڪي اهڙا ماڻهو لڪي ڇپي اوهان منجھہ گھڙي آيا آهن، جن کي پوِتر شاستر مطابق پراڻي زماني کان پاپي قرار ڏنو ويو آهي. اهي بيڌرمي ماڻهو آهن، جيڪي اسان جي ايشور جي ڪرپا کي بگاڙي پنهنجي شهوتپرستيءَ جو بهانو ٿا بڻائين ۽ اسان جي هڪڙي ئي مالڪ ۽ پرڀوءَ، يعني يسوع مسيح جو انڪار ٿا ڪن.
پوءِ مون تخت ڏٺا ۽ جيڪي انهن تي ويٺا هئا، تن کي عدالت ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو. هي اهي ماڻهو هئا جن جون سسيون يسوع بابت شاهدي ڏيڻ ۽ ايشور جي سنديش ٻڌائڻ جي ڪري لاٿيون ويون هيون. هنن نہ انهيءَ حيوان ۽ سندس بت جي پوجا ڪئي، نڪي ان جو نشان پنهنجي پيشانيءَ ۽ هٿ تي هڻايو. اهي جيوت ٿي مسيح سان گڏ هزار سالن تائين راڄ ڪندا رهيا.