Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.تيمٿيس 1:8 - Hindu Sindhi Bible

8 تنهنڪري اسان جي پرڀو يسوع بابت شاهدي ڏيڻ کان شرم نہ ڪر. نڪي مون کان شرم ڪر جيڪو سندس واسطي قيدي آهيان. ان جي بدران ايشور کان ملندڙ شڪتيءَ سان خوشخبريءَ جي خاطر سختي سهڻ ۾ مون سان شريڪ ٿيءُ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 تنهنڪري اسان جي خداوند جي شاهدي ڏيڻ کان، توڙي مون کان جو سندس قيدي آهيان، شرم نہ ڪر؛ پر خدا جي قدرت موجب، خوشخبريءَ جي لاءِ مون سان گڏ ڏک سهہ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

8 تنهنڪري اسان جي خداوند عيسيٰ بابت شاهدي ڏيڻ کان شرم نہ ڪر. نڪي مون کان شرم ڪر جيڪو سندس واسطي قيدي آهيان. ان جي بدران خدا کان ملندڙ طاقت سان خوشخبريءَ جي خاطر سختي سهڻ ۾ مون سان شريڪ ٿيءُ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

8 تنھنڪري اسان جي خداوند بابت شاھدي ڏيڻ کان توڙي مون کان، جيڪو سندس قيدي آھيان شرم نہ ڪر، بلڪ خدا کان ملندڙ طاقت موجب خوشخبريءَ جي لاءِ مون سان گڏ ڏک سھُہ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.تيمٿيس 1:8
48 Iomraidhean Croise  

جيڪڏهن ڪو هن ڀَٽڪيل ۽ بڇڙي زماني ۾ مون کان ۽ منهنجي ڳالهين کان شرمائيندو تہ منش‌پتر بہ ان کان شرمائيندو، جڏهن هو پنهنجي پتا جي جوت ۾ پوِتر دوتن سان گڏ ايندو.“


ڏسو، جيڪو مون کان ۽ منهنجي ڳالهين کان شرمائيندو، تنهن کان منش‌پتر بہ شرمائيندو، جڏهن هو پنهنجي پتا جي، پنهنجي ۽ پوِتر دوتن جي جوت ۾ ايندو.


اوهين پڻ منهنجي شاهدي ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ اوهين شروع کان وٺي مون سان گڏ رهيا آهيو.


جنهن ماڻهوءَ اهو ڏٺو تنهن انهيءَ جي شاهدي ڏني آهي تہ جيئن اوهين بہ وشواس آڻيو. سندس شاهدي سچي آهي ۽ هو ڄاڻي ٿو تہ جيڪو هو چوي ٿو سو سچ آهي.


سنت پئنچائت مان خوشيون ڪندي نڪتا، ڇاڪاڻ تہ ايشور کين انهيءَ لائق بڻايو تہ يسوع جي نالي جي ڪري سندن اپمان ٿيو.


آءٌ خوشخبري ٻڌائيندي نہ ٿو شرمايان، ڇاڪاڻ تہ اها هر انهيءَ ماڻهوءَ جي مڪتيءَ لاءِ ايشور جي شڪتي آهي، جيڪو مسيح تي وشواس آڻي ٿو. اها پهريائين يهودين لاءِ ۽ هاڻي غير قومن لاءِ بہ آهي.


جيڪو ڀيد گھڻي وقت کان وٺي ڳجھو رکيو ويو هو، سو هاڻي هميشہ واري ايشور جي حڪم موجب سنديش ڏيندڙ سنتن جي لکتن جي وسيلي سڀني قومن تي پڌرو ڪيو ويو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهي وشواس آڻي فرمانبردار ٿين. يسوع مسيح جي جنهن خوشخبريءَ جو آءٌ پرچار ٿو ڪريان تنهن ۾ انهيءَ ڀيد جي ظاهر ٿيڻ موجب شل ايشور اوهان کي وشواس ۾ مضبوط ڪري.


جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”تنهنجي خاطر هر وقت اسان کي موت جو منهن ڏيکاريو وڃي ٿو. هائو، اسان سان ڪوس جي رڍن وارو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو.“


اهو پٿر يسوع آهي، جنهن بابت ايشور پوِتر شاستر ۾ فرمايو آهي تہ ”ڏسو، آءٌ صيئون ۾ ٿاٻڙائڻ وارو پٿر، يعني هڪ ڇپ رکي ڇڏيان ٿو، جيڪا ٿاٻو کائڻ جو سبب بڻبي، پر جيڪو هن تي وشواس آڻيندو، سو شرمندو نہ ٿيندو.“


هائو، مسيح بابت اسان جي شاهدي اوهان ۾ ايتري قدر قائم ٿي چڪي آهي،


سچو سنديش ٻڌائڻ سان ۽ ايشور جي شڪتيءَ سان اسين پاڻ کي ايشور جا سيوڪ ثابت ڪريون ٿا. حملي ڪرڻ توڙي بچاءُ ڪرڻ لاءِ اسان وٽ سچائيءَ جا هٿيار آهن.


انهيءَ سبب آءٌ پولس، جيڪو اوهان غير قومن جي خاطر ۽ يسوع مسيح جي واسطي قيدي آهيان، اوهان لاءِ پرارٿنا ٿو ڪريان.


تنهنڪري آءٌ وينتي ٿو ڪريان تہ جيڪي مصيبتون اوهان جي خاطر سهان ٿو تن جي ڪري بي‌همت نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ منهنجيون اهي مصيبتون اوهان لاءِ فخر جو سبب آهن.


تنهنڪري آءٌ، جيڪو پرڀو يسوع جو هئڻ ڪري قيدي آهيان، اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ جهڙي جيون گذارڻ لاءِ ايشور اوهان کي سڏيو آهي، اهڙو ئي لائق جيون گذاريو.


جيئن تہ اسين پرڀو يسوع جا آهيون، تنهنڪري آءٌ اوهان کي تاڪيد ڪندي چوان ٿو تہ اوهين غير قومن واري غلط رستي کي ڇڏي اڳتي سندن اجاين خيالن موجب جيون نہ گذاريو.


سو اهو مناسب آهي تہ آءٌ اوهان سڀني جي باري ۾ خوش رهان، ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجي دل ۾ موجود آهيو ۽ ايشور جي ڪرپا ۾ مون سان شريڪ آهيو، نہ رڳو هن وقت جڏهن آءٌ قيد ۾ آهيان بلڪ مخالفن آڏو خوشخبريءَ کي سچو ثابت ڪرڻ ۽ قبول ڪندڙن اڳيان ان جو پرچار ڪرڻ وقت بہ.


آءٌ رڳو اهو چاهيان ٿو تہ مسيح ۽ سندس وري جيوت ٿي اٿڻ جي شڪتيءَ کي ڄاڻي وٺان. آءٌ هن جي تڪليفن ۾ شريڪ ٿيندي سندس موت ۾ شامل ٿيڻ چاهيان ٿو،


مطلب تہ پرڀو يسوع جيڪو مون کي شڪتي بخشي ٿو تنهن ۾ آءٌ هر ڳالهہ کي منهن ڏيئي ٿو سگھان.


انهيءَ لاءِ ضروري آهي تہ اوهين سندس مهانتا واري شڪتيءَ سان هر طرح ٻلوان ٿيندا وڃو. پوءِ اوهين هر حالت ۾ صبر ۽ برداشت ڪندي خوشيءَ سان


هاڻي آءٌ انهن ڏکن سورن جي ڪري خوش آهيان، جيڪي اوهان جي خاطر پيو سهان. اهڙيءَ طرح مسيح جي تڪليفن سهڻ جي جيڪا ڪمي سندس شرير، يعني منڊليءَ جي مضبوطيءَ لاءِ آهي، تنهن کي آءٌ پنهنجي شرير ۾ پورو پيو ڪريان.


ڏسو، جڏهن اسين اوهان وٽ هئاسين تڏهن اوهان کي اڳواٽ ئي بار بار چيو هوسين تہ اسان وشواسين کي ستايو ويندو. اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ ائين ئي ٿيو.


هن سڀني ماڻهن جي مڪتيءَ لاءِ پنهنجو پاڻ کي عيوضي طور ڏيئي ڇڏيو. مسيح جو اهو ٻليدان هڪ شاهدي آهي جيڪا مناسب وقت تي ڏني ويئي.


هاڻ اها اسان جي مڪتي ڏيندڙ يسوع مسيح جي اچڻ سان ظاهر ٿي، جنهن موت کي ناس ڪري ڇڏيو ۽ جيون بلڪ ناس نہ ٿيندڙ جيون کي پنهنجي خوشخبريءَ جي وسيلي روشنيءَ ۾ آڻي اسان تي ظاهر ڪيو.


جنهن ڪري مون کي جيل ۾ تڪليفون ڏنيون وڃن ٿيون. تنهن هوندي بہ آءٌ شرمسار نہ ٿو ٿيان، ڇاڪاڻ تہ جنهن تي منهنجو وشواس آهي، تنهن کي آءٌ ڄاڻان ٿو. مون کي يقين آهي تہ جيڪا امانت مون هن جي حوالي ڪئي آهي، تنهن جي هو پنهنجي موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين سنڀال ڪري ٿو سگھي.


پرڀو يسوع شل اُنيسفرس جي گھراڻي تي ديا ڪري، ڇاڪاڻ تہ هن ڪيترائي ڀيرا قيد ۾ منهنجي سار سنڀال ڪئي ۽ منهنجي قيدي هئڻ سبب ڪا شرمساري محسوس نہ ڪيائين.


يسوع مسيح جي سٺي سپاهيءَ وانگر سختي سهڻ ۾ مون سان شريڪ ٿيءُ.


اها ڳالهہ سدائين ياد رک تہ يسوع مسيح، جيڪو راجا دائود جي پيڙهيءَ مان آهي، تنهن کي مئلن مان جيوت ڪيو ويو آهي. اها ئي منهنجي خوشخبري آهي.


اها خوشخبري ٻڌائڻ جي ڪري ئي آءٌ تڪليفون ٿو سهان، ايتري قدر جو ڪنهن ڏوهاريءَ وانگر قيد ۾ پيو آهيان. پر ايشور جي سنديش کي قيد ڪري نہ ٿو سگھجي.


پر پرڀو يسوع مون سان گڏ هو، جنهن مون کي شڪتي ڏني، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي وسيلي خوشخبريءَ جو پرچار پورو ٿئي ۽ سڀ غير قومون ان کي ٻڌن. ائين ڄڻ تہ آءٌ شينهن جي وات مان ڇڏايو ويس.


سو تون هر حالت ۾ هوشيار رهہ، سختي سهُہ، خوشخبري ٻڌائڻ جو ڪم ڪر ۽ پنهنجي سيوا جي ذميواري پوري ڪر.


اوهين ايشور جي شڪتيءَ سان وشواس جي وسيلي سنڀال هيٺ آهيو، ايستائين جو اها مڪمل مڪتي حاصل ڪريو جيڪا انتم ڏينهن تي ظاهر ٿيڻ لاءِ تيار آهي.


هيءَ ڳالهہ بہ آهي تہ اسان ڏٺو آهي ۽ انهيءَ جي شاهدي بہ ڏيون ٿا تہ پتا پنهنجي پٽ کي سنسار جو مڪتي ڏيندڙ ڪري موڪليو آهي.


ايشور، جيڪو اوهان کي ٿاٻي کائڻ کان بچائي سگھي ٿو، جيڪو پنهنجي شان وَ شوڪت واري شرڻ ۾ بي‌عيب ۽ خوشيءَ سان ڀرپور ڪري بيهاري سگھي ٿو


پوءِ يوحنا انهن سڀني ڳالهين جي شاهدي ڏني جيڪي هن ڏٺيون، يعني ايشور جو سنديش ۽ يسوع مسيح جي شاهدي.


آءٌ يوحنا اوهان جو وشواسي ڀاءُ، يسوع جو هئڻ ڪري ستائجڻ ۾، ايشور جي راڄ ۾ ۽ ثابت قدميءَ ۾ اوهان سان شريڪ آهيان. آءٌ ايشور جي سنديش ٻڌائڻ ۽ يسوع بابت شاهدي ڏيڻ ڪري انهيءَ ٻيٽ ۾ ڇڏيو ويو هئس جيڪو پتمس ٿو سڏجي.


اسان جا ڀائر ڀينر گھيٽڙي جي رت جي وسيلي ۽ پنهنجي شاهديءَ جي ڪري مٿس حاوي پيا. هنن مرڻ گھڙيءَ تائين پنهنجو ساهہ پيارو نہ ڪيو.


تڏهن آءٌ هن جي اڳيان سيس نوائڻ لاءِ سندس پيرن تي ڪري پيس. پر هُن مون کي چيو تہ ”خبردار، متان ائين ڪرين! رڳو ايشور آڏو ئي سيس نواءِ! آءٌ تہ تو وانگر ۽ تنهنجي ڀائرن ڀينرن وانگر سيوا ڪرڻ وارو آهيان جيڪي سڀ يسوع بابت شاهدي ڏيڻ تي قائم آهيون، ڇاڪاڻ تہ يسوع بابت شاهدي ئي ايشور جي سنديش جو نچوڙ آهي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan