Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.تيمٿيس 1:4 - Hindu Sindhi Bible

4 تنهنجي ڳوڙهن کي ياد ڪري تو سان ملڻ لاءِ سڪان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ تو سان ملي منهنجي دل خوشيءَ سان ڀرجي وڃي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 ۽ تنهنجا ڳوڙها ياد ڪري تنهنجي ڏسڻ لاءِ سِڪايل ٿو رهان، انهي لاءِ تہ خوشيءَ ۾ ڀرجي وڃان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

4 تنهنجي ڳوڙهن کي ياد ڪري تو سان ملڻ لاءِ سڪان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ تو سان ملي منهنجي دل خوشيءَ سان ڀرجي وڃي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

4 تنھنجي ڳوڙھن کي ياد ڪري تنھنجي ڏسڻ لاءِ سڪان ٿو، انھيءَ لاءِ تہ خوشيءَ سان ڀرجي وڃان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.تيمٿيس 1:4
19 Iomraidhean Croise  

اوهان سان بہ ائين ئي ٿيندو. هاڻي اوهان جي سورن جو وقت آهي. پر آءٌ اوهان سان وري ضرور ملندس. تڏهن اوهين ڏاڍا خوش ٿيندا ۽ اوهان جي اها خوشي اوهان کان ڪوبہ کسي نہ سگھندو.


هن وقت تائين اوهان منهنجي نالي تي کانئس ڪجھہ بہ نہ گھريو آهي. سو گھرو تہ مليوَ، تہ جيئن اوهان جي خوشي پوري ٿئي.“


مون ڏاڍي نماڻائيءَ سان ڳوڙها ڳاڙيندي ۽ يهودين جي سازشن جون مصيبتون سهندي بہ پرڀو يسوع جي سيوا پئي ڪئي آهي.


تنهنڪري اوهين سجاڳ رهو ۽ ياد رکو تہ مون ٽن سالن تائين رات ڏينهن ڳوڙها ڳاڙي هر هڪ کي تاڪيد ڪندي سمجھايو آهي.


مون کي اوهان سان ملڻ جي ڏاڍي تمنا آهي، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي وسيلي اوهان کي ڪا آتمڪ بخشش ملي، جنهن سان اوهين پنهنجي وشواس ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيو.


ڏسو، ايشور منهنجو شاهد آهي تہ يسوع مسيح جي پريت جهڙي اوهان سڀني لاءِ ڪيڏي نہ سڪ اٿم.


آءٌ کيس انهيءَ ڪري واپس موڪليان ٿو جو اوهان سڀني جي ڏاڍي سڪ اٿس، بلڪ هو بي‌چين ٿو رهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان سندس بيماريءَ بابت ٻڌو هو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جڏهن اسين ٿوري عرصي لاءِ اوهان کان دلي طور نہ پر رڳو شرير جي لحاظ کان جدا ٿياسين، تڏهن اسان ڏاڍي سڪ جي ڪري اوهان سان وري ملڻ لاءِ پوري ڪوشش ڪئي.


تون سياري کان اڳ مون وٽ اچڻ جي ڪوشش ڪجانءِ. يوبولس، پودينس، لينَس، ڀيڻ ڪلوديا ۽ ٻيا سڀ وشواسي بہ تو کي نمسڪار ٿا چون.


مون وٽ جلد اچڻ جي ڪوشش ڪر،


هي ڳالهيون اسين انهيءَ لاءِ لکي رهيا آهيون تہ جيئن اسان جي خوشي پوري ٿئي.


هو انهن جي اکين جا سڀ ڳوڙها اُگھي ڇڏيندو. ان کان پوءِ نہ موت رهندو، نڪو ماتم، نڪو روئڻ ۽ نہ وري ڪو سور رهندو، ڇاڪاڻ تہ اڳيون حالتون گذري ويون آهن.“


اهو انهيءَ جي ڪري ٿيندو جو گھيٽڙو جيڪو تخت جي وچ ۾ آهي، سو هنن جو ڌنار هوندو ۽ کين امرت‌جل جي چشمن وٽ وٺي ويندو ۽ ايشور سندن اکين جا سڀ ڳوڙها اُگھي ڇڏيندو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan