Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.تيمٿيس 1:3 - Hindu Sindhi Bible

3 جنهن ايشور جي ڀڳتي منهنجي ابن ڏاڏن ڪئي، آءٌ بہ انهن وانگر صاف‌دليءَ سان انهيءَ جي ڀڳتي ڪندي ۽ پنهنجين پرارٿنائن ۾ رات ڏينهن سدائين تو کي ياد ڪندي ايشور جو شڪر ادا ٿو ڪريان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 آئون خدا جو شڪر ٿو ڪريان، جنهن جي عبادت آئون صاف دل سان پنهنجن ابن ڏاڏن کان وٺي ڪندو اچان، تہ رات ڏينهن پنهنجين دعائن ۾ آئون توکي لڳاتار ياد ٿو ڪريان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 جنهن خدا جي عبادت منهنجي ابن ڏاڏن ڪئي، آءٌ بہ انهن وانگر صاف‌دليءَ سان انهيءَ جي عبادت ڪندي ۽ پنهنجين دعائن ۾ رات ڏينهن سدائين تو کي ياد ڪندي خدا جو شڪر ادا ٿو ڪريان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

3 جنھن خدا جي عبادت منھنجي ابن ڏاڏن ڪئي، آءٌ بہ انھيءَ جي عبادت صاف⁠دليءَ سان ڪندي ۽ پنھنجين دعائن ۾ رات ڏينھن سدائين تو کي ياد ڪندي خدا جو شڪر ادا ٿو ڪريان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.تيمٿيس 1:3
21 Iomraidhean Croise  

”آءٌ هڪ يهودي آهيان ۽ ڪلڪيا جي شهر ترسس ۾ پيدا ٿيس. آءٌ هتي يروشلم ۾ ئي وڌي وڏو ٿيس ۽ گملي‌ايل وٽان سکيا حاصل ڪئي اٿم. هن مون کي وڏن جي نيم جي بہ مڪمل سکيا ڏني. جهڙيءَ طرح اوهين سڀيئي اڄ ايشور جي لاءِ ڏاڍا سرگرم آهيو، تهڙيءَ طرح آءٌ بہ هوندو هئس.


پولس پئنچائت وارن ڏانهن چتائي نهاريو ۽ چيائين تہ ”اي ڀائرؤ! اڄ تائين مون پنهنجو سڄو جيون ايشور جي شرڻ ۾ پوري نيڪ نيتيءَ سان پئي گذاريو آهي.“


آءٌ اوهان جي اڳيان قبول ٿو ڪريان تہ آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن جي ايشور جي ڀڳتي يسوع واري رستي تي هلندي ڪريان ٿو، جنهن کي هي ڀَٽڪي وڃڻ سمجھن ٿا. آءٌ موسيٰ جي نيم شاستر ۽ سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن جي لکتن ۾ بيان ڪيل سڀني ڳالهين تي وشواس رکان ٿو.


تنهنڪري آءٌ هميشہ اها ڪوشش ڪندو رهندو آهيان تہ ايشور توڙي ماڻهن جو ڪو قصور نہ ڪريان، جو متان منهنجو ضمير مون تي ڦٽڪار ڪري.


سڀيئي يهودي ڄاڻين ٿا تہ ننڍپڻ کان وٺي مون پنهنجو جيون پنهنجي ديس ۽ يروشلم شهر ۾ ڪيئن گذاريو آهي.


ڏسو، جنهن ايشور جو آءٌ داس آهيان ۽ جنهن جي آءٌ ڀڳتي ٿو ڪريان، تنهن جو دوت رات منهنجي ڀرسان ظاهر ٿيو


آءٌ مسيح ۾ سچ ٿو چوان، ڪوڙ نہ ٿو ڳالهايان. منهنجي دل جيڪا پوِتر آتما جي وس ۾ آهي، سا بہ مون سان گڏ شاهدي ٿي ڏئي تہ


اسين صاف ضمير سان فخر ڪندي چئي سگھون ٿا تہ ايشور کان مليل پوِترتائيءَ ۽ سچائيءَ سان اسان جيون گذاريو آهي. اهڙو ورتاءُ اسان سنسار ۾ ۽ خاص ڪري اوهان سان ڪيو آهي. اسان ائين سنساري ڏاهپ موجب نہ، بلڪ ايشور جي ڪرپا موجب ڪيو آهي.


آءٌ يهودي ڌرم جي لحاظ کان ان وقت پنهنجي قوم جي گھڻن هڪ جيڏن کان وڌيڪ اڳڀرو ٿيندو ٿي ويس. آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن جي ڌرمي ريتن رسمن تي نهايت ئي سرگرميءَ سان هلندو هئس.


آءٌ پنهنجي پرارٿنائن ۾ اوهان کي ياد ڪندي اوهان لاءِ ايشور جو شڪر ڪرڻ نہ ٿو ڇڏيان.


اسين رات ڏينهن تن ۽ من سان پرارٿنا ڪندا ٿا رهون، تہ شل وري اوهان سان ملون ۽ اوهان جي وشواس ۾ جيڪا گھٽتائي آهي سا پوري ڪريون.


ڪن ماڻهن پنهنجي ضمير کي ڇڏي پنهنجي وشواس جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي.


منهنجي انهيءَ حڪم جو مقصد اهو پريم پيدا ڪرڻ آهي، جيڪو نيڪ نيتيءَ، صاف‌دليءَ ۽ سچي وشواس مان پيدا ٿئي ٿو.


اهڙي وڌوا جيڪا سچ پچ نڌڻڪي ۽ بلڪل اڪيلي آهي، سا ايشور تي آسرو ٿي رکي ۽ مدد لاءِ رات ڏينهن ايشور کي منٿون ڪرڻ ۽ پرارٿنا ڪرڻ ۾ مگن ٿي رهي.


مون کي تنهنجو سچو وشواس ياد آهي ۽ يقين اٿم تہ تنهنجو وشواس اهو ساڳيو ئي وشواس آهي جيڪو پهريائين تنهنجي نانيءَ لوئس ۽ تنهنجي ماتا يونيڪيءَ جو هو.


۽ ننڍپڻ کان وٺي ايشور جي انهن پوِتر لکتن کان بہ واقف آهين، جيڪي يسوع مسيح تي وشواس آڻڻ سان مڪتي حاصل ڪرڻ لاءِ تو کي ڏاهپ ڏيئي سگھن ٿيون.


يسوع مسيح ڪالهہ توڙي اڄ، بلڪ هميشہ تائين ساڳيو ئي آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan