Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.ٿسلونيڪين 2:3 - Hindu Sindhi Bible

3 مطلب تہ ڪنهن بہ طرح ڪنهن ماڻهوءَ جي دوکي ۾ نہ اچجو. آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ اهو ڏينهن تيستائين نہ ايندو، جيستائين ايشور جي خلاف وڏي بغاوت نہ ٿئي ۽ اهو وڳوڙي جنهن جي پڇاڙي بربادي آهي ظاهر نہ ڪيو وڃي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ڪنهن بہ طرح ڪنهن ماڻهوءَ جي فريب ۾ نہ اچجو: ڇالاءِ جو اهو ڏينهن تيسين نہ ايندو، جيسين پهرين گمراهي نہ اچي، ۽ گناهہ جو شخص، يعني برباديءَ جو فرزند ظاهر نہ ٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 مطلب تہ ڪنهن بہ طرح ڪنهن ماڻهوءَ جي دوکي ۾ نہ اچجو. آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ اهو ڏينهن تيستائين نہ ايندو، جيستائين خدا جي خلاف وڏي بغاوت نہ ٿئي ۽ اهو وڳوڙي جنهن جي پڇاڙي بربادي آهي ظاهر نہ ڪيو وڃي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

3 ڪنھن بہ طرح ڪنھن ماڻھوءَ جي فريب ۾ نہ اچجو. ڇالاءِ⁠جو اھو ڏينھن تيستائين نہ ايندو، جيستائين ماڻھو پھرين خدا کان ڦري نہ وڃن ۽ وڳوڙي ماڻھو جنھن جي پڇاڙي بربادي آھي ظاھر نہ ٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.ٿسلونيڪين 2:3
17 Iomraidhean Croise  

جيستائين آءٌ انهن سان گڏ هئس، تيستائين تنهنجي انهيءَ پوِتر ذات جيڪا تو منهنجي وسيلي ظاهر ڪئي آهي، تنهن ۾ کين قائم رکندو آيو آهيان ۽ سندن سنڀال ڪئي اٿم. انهن مان مون ڪوبہ نہ وڃايو آهي، سواءِ انهيءَ جي جيڪو برباد ٿيڻو هو، تہ جيئن پوِتر شاستر جي لکت پوري ٿئي.


اوهين اهو نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ ناانصافي ڪندڙ ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ جا حقدار نہ ٿيندا؟ سو پنهنجو پاڻ کي دوکو نہ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ حرامڪار، بتن جا پوجاري، زناڪار، بدفعلي ڪرائيندڙ، لونڊي‌باز،


خبردار، متان اهڙن ماڻهن جي اجاين ڳالهين سان اوهين ٺڳجي وڃو، ڇاڪاڻ تہ اهڙين ڳالهين جي ڪري نافرمانن تي ايشور جو ڏمر پرگھٽ ٿئي ٿو.


پيارا ٻارؤ! هي انتم وقت آهي. اوهان ٻڌو آهي تہ مسيح جو هڪ مخالف اچڻ وارو آهي، جڏهن تہ هاڻي مسيح جا ڪيترائي مخالف ظاهر ٿيا آهن، جنهن مان اسان کي سڌ پوي ٿي تہ هي ئي انتم وقت آهي.


پر جيڪو ماڻهو يسوع بابت انهيءَ ڳالهہ کي نہ ٿو مڃي، تنهن ۾ ايشور جي آتما نہ آهي. انهيءَ ۾ مسيح جي مخالف جي آتما آهي، جنهن بابت اوهان ٻڌو آهي تہ اها آتما اچڻ واري آهي، بلڪ هاڻي سنسار ۾ اچي چڪي آهي.


جيڪو حيوان اڳي هو ۽ هاڻي ڪونهي، سو اٺون راجا آهي ۽ انهن ستن مان ئي هڪ آهي. هو پڻ برباد ڪيو ويندو.


اهو حيوان جيڪو تو ڏٺو، سو اڳي هو ۽ هاڻي ڪونهي. پر اوڙاهہ مان نڪري اچڻ تي آهي ۽ پوءِ برباد ڪيو ويندو. ڌرتيءَ جا اهي رهاڪو جن جا نالا سنسار جي شروعات کان وٺي جيون شاستر ۾ لکيل نہ آهن، سي انهيءَ حيوان جو وري ظاهر ٿيڻ ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا، ڇاڪاڻ تہ اهو حيوان اڳي هو ۽ هاڻي ڪونهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan