Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.پطرس 3:4 - Hindu Sindhi Bible

4 چوندا تہ ”انهيءَ يسوع تہ موٽي اچڻ جو وچن ڪيو هو، پوءِ هاڻي هو ڪٿي آهي؟ ڇو تہ جڏهن کان اسان جا ابا ڏاڏا قبر ۾ وڃي ستا آهن، تڏهن کان وٺي سڀ ڪجھہ ائين ئي پيو هلي جيئن سنسار جي پيدا ٿيڻ وقت هو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 ۽ چوندا تہ انهي جي اچڻ جي واعدي کي ڇا ٿيو؟ ڇالاءِ تہ جنهن ڏينهن کان ابا ڏاڏا گذر ڪري ويا، تنهن ڏينهن کان وٺي سڀ ڪجهہ ائين ئي پيو هلي، جيئن خلقت جي شروع ۾ هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

4 چوندا تہ ”انهيءَ عيسيٰ تہ موٽي اچڻ جو واعدو ڪيو هو، پوءِ هاڻي هو ڪٿي آهي؟ ڇو تہ جڏهن کان اسان جا ابا ڏاڏا قبر ۾ وڃي ستا آهن، تڏهن کان وٺي سڀ ڪجھہ ائين ئي پيو هلي جيئن دنيا جي پيدا ٿيڻ وقت هو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

4 اھي چوندا تہ ”انھيءَ وري اچڻ جو واعدو نہ ڪيو ھو ڇا؟ پوءِ ھو ڪٿي آھي؟ ڇالاءِ⁠جو جڏھن کان اسان جا ابا ڏاڏا مري ويا آھن، تڏھن کان وٺي سڀ ڪجھہ ائين ئي پيو ھلي جيئن دنيا جي پيدا ٿيڻ وقت ھو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.پطرس 3:4
20 Iomraidhean Croise  

ڏسو، منش‌پتر پنهنجي پتا جي جوت ۾ دوتن سان گڏ جلد ايندو ۽ هر هڪ ماڻهوءَ کي سندس عملن موجب لاڀ ڏيندو.


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي هتي بيٺا آهن تن مان ڪي ايستائين موت جو ذائقو نہ چکندا، جيستائين هو منش‌پتر کي راجا جي حيثيت ۾ ايندو نہ ڏسندا.“


جيئن ڳجھن جي مڙڻ مان اهو ظاهر ٿيندو آهي تہ اتي ڍونڍ آهي، تيئن اهو ظاهر ٿيندو.“


پر جيڪڏهن اهو نوڪر بڇڙو هجي ۽ دل ۾ خيال ڪري تہ ’منهنجي مالڪ جي اچڻ ۾ دير آهي،‘


پر سنسار جي رچنا کان وٺي ايشور هنن کي نر ۽ ناري ڪري پيدا ڪيو آهي.


جيڪا مصيبت انهن ڏينهن ۾ ايندي سا ايڏي تہ وڏي هوندي جو ايشور جي سنسار پيدا ڪرڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين نہ ڪا آئي آهي ۽ نہ وري ڪڏهن ايندي.


پر جيڪڏهن اهو نوڪر دل ۾ خيال ڪري تہ ’منهنجي مالڪ جي اچڻ ۾ دير آهي،‘ سو اچي نوڪرن ۽ نوڪرياڻين کي مارڻ لڳي ۽ کائڻ پيئڻ ۽ نشي ۾ مست ٿيڻ لڳي،


پوءِ هن گوڏا کوڙي وڏي آواز سان چيو تہ ”اي پرڀو يسوع! هنن جي هن پاپ کي نہ ليکجانءِ.“ ايترو چئي هن دم ڏنو.


ڀلا، اسان جي پرڀو يسوع جي اچڻ وقت اسان جي اميد، اسان جي خوشي ۽ اسان جي فخر جو تاج ڪير آهي؟ ڇا اهي اوهين ئي نہ آهيو جيڪي سندس شرڻ ۾ حاضر هوندا؟


جيئن تہ اوهين انهيءَ ڏينهن جي اچڻ جو انتظار ڪريو ٿا، جڏهن ايشور اچي عدالت ڪندو، تڏهن اهڙو ئي جيون گذاريو، بلڪ اهڙا عمل پڻ ڪريو جيڪي انهيءَ ڏينهن جي جلد اچڻ جو سبب بڻجن. انهيءَ ڏينهن تي آڪاش باهہ ۾ سڙي ناس ٿي ويندا ۽ آڪاشي شيون سخت باهہ جي ڪري پگھرجي ختم ٿي وينديون.


هن مون کي لوديڪيا واري وشواسي منڊليءَ جي دوت ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جيڪو آمين، يعني وفادار ۽ سچو شاهد آهي ۽ جنهن جي وسيلي ايشور سڀ ڪجھہ بڻايو، سو تنهنجي منڊليءَ وارن کي فرمائي ٿو تہ


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan