Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.پطرس 3:3 - Hindu Sindhi Bible

3 سڀ کان پهريائين اوهان کي اهو ڄاڻڻ گھرجي تہ هن انتم زماني ۾ اهڙا ٺٺوليون ڪندڙ ماڻهو هوندا، جيڪي پنهنجين برين خواهشن موجب هلندا. اهي ٺٺوليون ڪندي

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ پهرين اها ڳالهہ ڄاڻو تہ آخرين زماني ۾ کل ٺٺولي ڪندڙ ايندا، ۽ پنهنجين نفساني خواهشن تي هلندا،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 سڀ کان پهريائين اوهان کي اهو ڄاڻڻ گھرجي تہ هن آخري زماني ۾ اهڙا ٺٺوليون ڪندڙ ماڻهو هوندا، جيڪي پنهنجين برين خواهشن موجب هلندا. اهي ٺٺوليون ڪندي

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

3 سڀ کان پھريائين اوھان کي اھو ڄاڻڻ گھرجي تہ آخري ڏينھن ۾ اھڙا ٺٺوليون ڪندڙ ايندا، جيڪي پنھنجين برين خواھشن موجب ھلندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.پطرس 3:3
17 Iomraidhean Croise  

جيڪو مون کي ۽ منهنجي ڳالهين کي قبول نہ ٿو ڪري، تنهن کي پاپي قرار ڏيڻ وارو هڪڙو ئي آهي، يعني منهنجو سنديش، جيڪو انتم ڏينهن هن کي پاپي قرار ڏيندو.


اسين بي‌شرميءَ وارين لڪل ڳالهين کان بہ پاسو ڪريون ٿا. اسين نڪي ٺڳيءَ سان ٿا هلون ۽ نہ وري مسيح بابت ايشور جي سنديش ۾ ڦيرڦار ٿا ڪريون. اٽلندو سچ کي پڌرو ڪري ايشور جي آڏو هر هڪ ماڻهوءَ جي دل ۾ پنهنجي نيڪي ٿا ڄمايون.


هاڻ هي بہ ڄاڻي ڇڏ تہ هن انتم زماني ۾ جيون گذارڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو،


پر هاڻي هن انتم زماني ۾ ايشور اسان سان پنهنجي پٽ جي معرفت ڳالهايو، جنهن کي هن سڀني شين جو وارث مقرر ڪيو ۽ سندس ئي وسيلي سڀيئي زمانا بڻايائين.


پوِتر شاستر تي ڌيان ڏيندي پهريائين هي ڄاڻي ڇڏيو تہ پوِتر شاستر ۾ سنديش ڏيندڙ سنتن جي ڪابہ ڳالهہ ڪنهن جي بہ ذاتي مطلب سان نہ ٿي ٿئي.


خاص ڪري انهن کي جيڪي شرير جي برين خواهشن جي پٺيان لڳي ايشور جي اختياريءَ کي ڪين جهڙو ٿا سمجھن. ساڳئي نموني ڪوڙي سکيا ڏيندڙ بہ اهڙا تہ بي‌ادب ۽ هٺيلا آهن جو آڪاشي هستين جو اپمان ڪرڻ کان بہ نہ ٿا ڊڄن.


پيارا ٻارؤ! هي انتم وقت آهي. اوهان ٻڌو آهي تہ مسيح جو هڪ مخالف اچڻ وارو آهي، جڏهن تہ هاڻي مسيح جا ڪيترائي مخالف ظاهر ٿيا آهن، جنهن مان اسان کي سڌ پوي ٿي تہ هي ئي انتم وقت آهي.


اهي ماڻهو ڪُرڪندڙ، شڪايت ڪندڙ، پنهنجين برين خواهشن تي هلندڙ ۽ لٻاڙون هڻندي پنهنجي فائدي لاءِ ٻين جي خوشامند ڪندڙ آهن.


”انتم زماني ۾ ڪي ٺٺوليون ڪندڙ ماڻهو هوندا، جيڪي پنهنجين بي‌ڌرميءَ وارين خواهشن جي پٺيان لڳندا.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan