Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.پطرس 3:2 - Hindu Sindhi Bible

2 جيڪي ايشور جو سنديش ڏيندڙ پوِتر سنت اڳي ڪري ويا آهن. انهن سان گڏ اسان جي پرڀوءَ ۽ مڪتي ڏيندڙ جو سچائيءَ جي واٽ تي هلڻ وارو اهو حڪم بہ ياد ٿو ڏياريان، جيڪو اوهان کي خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن جي وسيلي ڏنو ويو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 تہ جيڪي ڳالهيون پاڪ نبي اڳي ڪري ويا آهن، ۽ خداوند ۽ نجات ڏيندڙ جو حڪم، جو اوهان کي رسولن جي معرفت ڏنو ويو، تن کي ياد رکو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

2 جيڪي پاڪ نبي اڳي ڪري ويا آهن. انهن سان گڏ اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ جو سچائيءَ جي واٽ تي هلڻ وارو اهو حڪم بہ ياد ٿو ڏياريان، جيڪو اوهان کي رسولن جي وسيلي ڏنو ويو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

2 آءٌ چاھيان ٿو تہ اوھين انھن ڳالھين کي، جيڪي پاڪ نبي اڳي ڪري ويا آھن ۽ اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ جي انھيءَ حڪم کي ياد رکو، جيڪو اوھان کي رسولن جي وسيلي ڏنو ويو ھو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.پطرس 3:2
20 Iomraidhean Croise  

جنهن جو هن پنهنجي سنديش ڏيندڙ پوِتر سنتن جي وسيلي وچن ڪيو هو، جيڪي قديم زماني کان وٺي ايندا رهيا.


پوءِ يسوع انهن کي موسيٰ جي شاستر کان وٺي ايشور جو سنديش ڏيندڙ ٻين سڀني سنتن جي لکتن تائين، پوِتر شاستر جون اهي سڀ ڳالهيون سمجھايون جيڪي سندس بابت لکيل آهن.


پوءِ يسوع انهن کي چيو تہ ”اهي ئي ڳالهيون هيون جيڪي مون اوهان کي اڳ ۾ ٻڌايون هيون، جڏهن اڃا اوهان سان هئس، تہ مون بابت جيڪي بہ نيم شاستر، زبور توڙي سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن جي لکتن ۾ آهي، سو سڀ ضرور پورو ٿيندو.“


انهيءَ بابت ايشور جو سنديش ڏيندڙ سڀني سنتن جي شاهدي آهي تہ جيڪو بہ مٿس وشواس آڻيندو، تنهن جا پاپ سندس نالي جي وسيلي بخشيا ويندا.“


پوءِ انهن پولس سان هڪڙو ڏينهن مقرر ڪيو ۽ ان ڏينهن تي سندن وڏو تعداد انهيءَ جاءِ تي اچي ڪٺو ٿيو، جتي هو رهيل هو. صبح کان شام تائين ايشور جي راڄ بابت سمجھائيندي پولس کين اُپديش ڏيندو رهيو، جنهن ۾ يسوع بابت کين مڃائڻ لاءِ موسيٰ جي نيم شاستر ۽ سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن جي لکتن مان کين مثال ٻڌائيندو رهيو.


ائين ايشور جيڪو اڳي سڀني سنديش ڏيندڙ سنتن جي معرفت چيو هو تہ سندس مسيح اهي تڪليفون سهندو، سو هن انهيءَ طرح پورو ڪيو.


هو تيستائين ضرور آڪاش تي رهندو، جيستائين سڀني ڳالهين جي وري نئين سر ٿيڻ جا ڏينهن اچن، جن بابت ايشور پنهنجي سنديش ڏيندڙ پوِتر سنتن جي معرفت گھڻو اڳي چيو هو.


اوهين هڪٻئي جا بار کڻو، اهڙيءَ طرح اوهين مسيح جي نيم کي پورو ڪندا.


اوهين ڄڻ تہ هڪ عمارت آهيو جيڪا خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن ۽ ايشور جي ٻين سنديش ڏيندڙن جي انهيءَ بنياد تي اڏيل آهي، جنهن جي پيڙهہ جو پٿر خود يسوع مسيح آهي.


اڳين پيڙهين ۾ ماڻهن تي هي ڀيد ظاهر نہ ٿيو هو، پر هاڻي خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن تي جيڪي ايشور جا مخصوص ڪيل آهن ۽ ايشور جي ٻين سنديش ڏيندڙن تي پوِتر آتما جي وسيلي ظاهر ڪيو ويو آهي.


تون اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي ظاهر ٿيڻ تائين انهيءَ حڪم تي بي‌داغ ۽ بي‌الزام رهي عمل ڪر.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ انهن سچائيءَ جي واٽ کي ڄاتو تہ سهي پر انهيءَ واٽ تي هلڻ واري پوِتر حڪم کان ڦري ويا، جيڪو کين سونپيو ويو هو. سو انهن لاءِ سٺو ٿئي ها جو اهي ان واٽ کي ڄاڻن ئي نہ ها.


ياد رکو تہ اسان جي پرڀوءَ جو ڌيرج ماڻهن کي مڪتي حاصل ڪرڻ جو موقعو ٿو ڏئي. اسان جي پياري ڀاءُ پولس بہ ايشور جي بخشيل ڏاهپ موجب اوهان ڏانهن اهڙيءَ طرح ئي لکيو آهي.


هن پنهنجي سڀني خطن ۾ انهن ڳالهين بابت اهڙي ئي نموني بيان ڪيو آهي. هن جي خطن ۾ ڪي ڳالهيون اهڙيون بہ آهن جن جو سمجھڻ مشڪل آهي. جاهل ۽ ثابت قدم نہ رهندڙ ماڻهو انهن جي معنيٰ کي ڦيرائي ابتي پيا ڪن، جيئن اهي پوِتر شاستر جي ٻين لکتن جي ڪندا آهن. اهڙيءَ طرح اهي پنهنجي لاءِ تباهي ٿا پيدا ڪن.


پر اسين ايشور جا آهيون. جيڪو ايشور کي ڄاڻي ٿو سو اسان جي ٻڌي ٿو. جيڪو ايشور جو نہ آهي سو اسان جي نہ ٿو ٻڌي. انهيءَ مان اسين ڄاڻي وٺون ٿا تہ ڪنهن ۾ سچ واري آتما آهي ۽ ڪنهن ۾ ڀَٽڪائڻ واري آتما.


سو اي پريميؤ! اوهين هنن ڳالهين کي ياد رکو، جيڪي اسان جي پرڀو يسوع مسيح بابت خوشخبري ٻڌائيندڙ سندس سنت اڳي ئي اوهان کي ٻڌائيندا ٿي رهيا تہ


تڏهن آءٌ هن جي اڳيان سيس نوائڻ لاءِ سندس پيرن تي ڪري پيس. پر هُن مون کي چيو تہ ”خبردار، متان ائين ڪرين! رڳو ايشور آڏو ئي سيس نواءِ! آءٌ تہ تو وانگر ۽ تنهنجي ڀائرن ڀينرن وانگر سيوا ڪرڻ وارو آهيان جيڪي سڀ يسوع بابت شاهدي ڏيڻ تي قائم آهيون، ڇاڪاڻ تہ يسوع بابت شاهدي ئي ايشور جي سنديش جو نچوڙ آهي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan