Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.پطرس 3:12 - Hindu Sindhi Bible

12 جيئن تہ اوهين انهيءَ ڏينهن جي اچڻ جو انتظار ڪريو ٿا، جڏهن ايشور اچي عدالت ڪندو، تڏهن اهڙو ئي جيون گذاريو، بلڪ اهڙا عمل پڻ ڪريو جيڪي انهيءَ ڏينهن جي جلد اچڻ جو سبب بڻجن. انهيءَ ڏينهن تي آڪاش باهہ ۾ سڙي ناس ٿي ويندا ۽ آڪاشي شيون سخت باهہ جي ڪري پگھرجي ختم ٿي وينديون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 ۽ ڪهڙيءَ نہ سڪ سان خدا جي انهي ڏينهن جي اچڻ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ انهي جي انتظار ۾ رهڻ گهرجي، جنهن جي ڪري آسمان باهہ ۾ سڙي ڳري ويندا ۽ عناصر سخت گرميءَ جي ڪري پگهرجي ويندا؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

12 جيئن تہ اوهين انهيءَ ڏينهن جي اچڻ جو انتظار ڪريو ٿا، جڏهن خدا اچي عدالت ڪندو، تڏهن اهڙي ئي زندگي گذاريو، بلڪ اهڙا عمل پڻ ڪريو جيڪي انهيءَ ڏينهن جي جلد اچڻ جو سبب بڻجن. انهيءَ ڏينهن تي آسمان باهہ ۾ سڙي ناس ٿي ويندا ۽ آسماني شيون سخت باهہ جي ڪري پگھرجي ختم ٿي وينديون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

12 ان سان گڏ اوھان کي خدا جي انھيءَ ڏينھن جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ گھرجي، بلڪ انھيءَ ڏينھن جي جلد اچڻ جو سبب بڻجڻ گھرجي. انھيءَ ڏينھن جي اچڻ ڪري آسمان باھہ ۾ سڙي ڳري ويندا ۽ آسماني شيون سخت گرميءَ جي ڪري پگھرجي وينديون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.پطرس 3:12
17 Iomraidhean Croise  

ڏسو، منش‌پتر پنهنجي پتا جي جوت ۾ دوتن سان گڏ جلد ايندو ۽ هر هڪ ماڻهوءَ کي سندس عملن موجب لاڀ ڏيندو.


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي هتي بيٺا آهن تن مان ڪي ايستائين موت جو ذائقو نہ چکندا، جيستائين هو منش‌پتر کي راجا جي حيثيت ۾ ايندو نہ ڏسندا.“


مون کي انهيءَ ڳالهہ جو يقين آهي تہ ايشور جيڪو چڱو ڪم اوهان ۾ شروع ڪيو آهي، سو يسوع مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين پورو ڪندو.


ان سان گڏ اسين انهيءَ آسيس ڀري اميد، يعني يسوع مسيح جيڪو اسان جو مهان ايشور ۽ مڪتي ڏيندڙ آهي، تنهن جي شان وَ شوڪت سان ظاهر ٿيڻ جو انتظار ڪريون.


ياد رکو، پرميشور جو ڏينهن چور وانگر اوچتو ايندو. انهيءَ ڏينهن جڏهن آڪاشي شيون سخت باهہ جي ڪري ڳري ناس ٿي وينديون، تڏهن آڪاش وڏي ڪڙڪي سان ختم ٿي ويندا ۽ ڌرتي ۽ جيڪي ڪجھہ مٿس آهي سو سڀ سڙي ناس ٿي ويندو.


هاڻي جيئن تہ هي سڀ شيون اهڙيءَ طرح ڳري ناس ٿي وڃڻيون آهن، تڏهن سوچو تہ اوهان کي ڪهڙي قسم جو ماڻهو ٿيڻ گھرجي؟ اوهان کي گھرجي تہ اوهين پوِتر ۽ ڌرمچاري جيون گذاريو.


چوندا تہ ”انهيءَ يسوع تہ موٽي اچڻ جو وچن ڪيو هو، پوءِ هاڻي هو ڪٿي آهي؟ ڇو تہ جڏهن کان اسان جا ابا ڏاڏا قبر ۾ وڃي ستا آهن، تڏهن کان وٺي سڀ ڪجھہ ائين ئي پيو هلي جيئن سنسار جي پيدا ٿيڻ وقت هو.“


پر وجود ۾ آڻڻ واري ساڳئي ئي حڪم جي وسيلي موجودہ ڌرتي ۽ آڪاش باهہ لاءِ بچائي رکيا ويا. هائو، اهي انهيءَ ڏينهن لاءِ رکيا ويا آهن جنهن ڏينهن بي‌ڌرمين جي عدالت ڪري کين ساڙي ناس ڪيو ويندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan