Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.پطرس 2:12 - Hindu Sindhi Bible

12 انهن ڪوڙي سکيا ڏيندڙن جي فطرت بي‌عقل جانورن وانگر آهي، جيڪي رڳو پڪڙجڻ ۽ ناس ٿيڻ لاءِ پيدا ٿيا آهن. اهي ماڻهو جن ڳالهين کان اڻ‌ڄاڻ آهن تن جي باري ۾ گھٽ وڌ ٿا ڳالهائين. جانورن وانگر اهي بہ ناس ٿي ويندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 پر اهي ماڻهو بي عقل جانورن وانگر آهن، جي رڳو پڪڙجڻ ۽ برباد ٿيڻ جي لاءِ حيوانن جهڙا پيدا ٿيا آهن، ۽ جن ڳالهين کان ناواقف آهن، تن جي نسبت ۾ اجايو سجايو پيا ڳالهائين. هو پنهنجي خرابيءَ ۾ پاڻ چٽ ٿي ويندا،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

12 انهن ڪوڙي تعليم ڏيندڙن جي فطرت بي‌عقل جانورن وانگر آهي، جيڪي رڳو پڪڙجڻ ۽ ناس ٿيڻ لاءِ پيدا ٿيا آهن. اهي ماڻهو جن ڳالهين کان ناواقف آهن تن جي باري ۾ گھٽ وڌ ٿا ڳالهائين. جانورن وانگر اهي بہ ناس ٿي ويندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

12 پر اھي ماڻھو بي⁠عقل جانورن وانگر آھن، جيڪي رڳو پڪڙجڻ ۽ ناس ٿيڻ لاءِ پيدا ٿيا آھن ۽ جن ڳالھين کان ناواقف آھن تن جي باري ۾ ڪفر ٿا بڪن. اھي جانورن وانگر ناس ٿي ويندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.پطرس 2:12
17 Iomraidhean Croise  

زناڪاري، لالچ، بڇڙائي، ٺڳي، ڇڙواڳي، ڪينو، گلاخوري، مغروري ۽ مورکتا.


يسوع وري يهودي اڳواڻن کي چيو تہ ”آءٌ هليو ويندس ۽ اوهين مون کي ڳوليندا. پر جتي آءٌ ويندس اتي اوهين اچي نہ سگھندا، بلڪ پنهنجن پاپن ۾ مرندا.“


جيڪو پنهنجي شريري فطرت جي لاءِ پوکي ٿو، سو انهيءَ فطرت مان موت جو فصل لڻندو. پر جيڪو پوِتر آتما جي لاءِ پوکي ٿو، سو پوِتر آتما مان امر جيون جو فصل لڻندو.


اهڙي قسم جا حڪم ۽ اهڙي سکيا انسانن جي ٺاهيل آهي، جڏهن تہ اهي سڀ شيون ڪم آڻڻ سان ناس ٿي وڃن ٿيون.


انهيءَ طرح هو اسان سان ڪيل نهايت وڏا ۽ قيمتي وچن پورا ڪري ٿو. هن چاهيو ٿي تہ اوهين انهن جي وسيلي سنسار جي برين خواهشن مان پيدا ٿيندڙ تباهيءَ واري خرابيءَ کان بچي سندس مهان ذات ۾ شامل ٿي وڃو.


هو انهن کي آزاديءَ جو وچن ڏين ٿا، جڏهن تہ پاڻ تباهيءَ واري بڇڙائيءَ جا غلام بڻيا وتن. ياد رکو، جيڪا شيءِ انسان تي حاوي ٿئي ٿي تنهن جو انسان غلام بڻجي وڃي ٿو.


پر هي ماڻهو جن ڳالهين کي ڄاڻن ئي نہ ٿا، تن تي ڦٽڪار ٿا ڪن ۽ جن ڳالهين کي هو بي‌عقل جانورن وانگر فطري طور ٿا ڄاڻن، تن جي پٺيان لڳي پاڻ کي تباهہ ٿا ڪن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan