Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.پطرس 1:8 - Hindu Sindhi Bible

8 جيڪڏهن اهي خوبيون اوهان ۾ موجود هونديون ۽ وڌنديون رهنديون تہ اهي اوهان کي اسان جي پرڀو يسوع مسيح کي ڄاڻڻ ۾ بيڪار ۽ بي‌ڦل ٿيڻ نہ ڏينديون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 ڇالاءِ جو جيڪڏهن اهي ڳالهيون اوهان ۾ موجود هونديون ۽ وڌنديون وينديون، تہ اُهي اوهان کي اسان جي خداوند يسوع مسيح جي سڃاڻپ ۾ سست ۽ بي ڦل ٿيڻ نہ ڏينديون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

8 جيڪڏهن اهي خوبيون اوهان ۾ موجود هونديون ۽ وڌنديون رهنديون تہ اهي اوهان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح کي ڄاڻڻ ۾ بيڪار ۽ بي‌ڦل ٿيڻ نہ ڏينديون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

8 ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن اھي خوبيون اوھان ۾ موجود ھونديون ۽ وڌنديون رھنديون، تہ اھي اوھان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي سڃاڻڻ ۾ بيڪار ۽ بي⁠ڦل ٿيڻ نہ ڏينديون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.پطرس 1:8
33 Iomraidhean Croise  

ڪانڊيرن واري اها زمين جنهن ۾ داڻا ڪريا تنهن مثل اهي آهن جيڪي سنديش تہ ٻڌن ٿا پر هن سنسار جي چنتا ۽ دولت جو فريب سنديش کي گھُٽي ڇڏين ٿو ۽ انهن ۾ ڦر نہ ٿو جھلي.


اٽڪل نائين بجي هو ٻيهر بازار ويو ۽ ڏٺائين تہ اُتي ٻيا مزدور بہ واندا بيٺا آهن.


آخر ۾ هو پنجين بجي ڌاري وري بازار ويو ۽ وري بہ ائين ئي ماڻهن کي واندو بيٺل ڏٺائين ۽ کانئن پڇيائين تہ ’اوهين هتي سڄو ڏينهن ڇو واندا بيٺا آهيو؟‘


تنهن تي سندس مالڪ چيو تہ ’اي بڇڙا ۽ سست نوڪر! جڏهن تو کي اها بہ سڌ هئي تہ آءٌ اهو لڻندو آهيان جيڪو پوکيندو ئي نہ آهيان ۽ اهو گڏ ڪندو آهيان جيڪو ڇٽيندو ئي نہ آهيان،


مون ۾ جيڪا ٽاري ميوو نہ ٿي جھلي تنهن کي هو وڍي اڇلائي ٿو. پر جيڪا ٽاري ميوو جھلي ٿي تنهن کي هو ڇانگي ٿو تہ جيئن اها وڌيڪ ميوو ڏئي.


امر جيون اهو آهي تہ اهي تو هڪ سچي ايشور کي ۽ مون يسوع مسيح کي ڄاڻين، جنهن کي تو موڪليو آهي.


ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کان واقف آهيان تہ اوهان جي دلين ۾ ايشور لاءِ پريم نہ آهي.


محنت ۾ سستي نہ ڪريو ۽ تن ۽ من سان پرڀو يسوع جي سيوا ڪندا رهو.


تہ پوءِ اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! مضبوط ۽ ثابت قدم رهو. پرڀو يسوع جي ڪم ۾ هميشہ وڌندا هلو، اهو ڄاڻيندي تہ سندس سيوا ۾ اوهان جو پورهيو اجايو نہ آهي.


اوهين پاڻ کي جاچي ڏسو تہ وشواس تي آهيو يا نہ. هائو، اوهين پنهنجو پاڻ کي آزمايو. اوهين ڇو نہ ٿا سمجھو تہ يسوع مسيح اوهان ۾ آهي. جيڪڏهن نہ، تہ اوهين انهيءَ آزمائش ۾ سچا ثابت نہ ٿيا آهيو.


اها هن ڳالهہ مان ظاهر ٿي جو مصيبت جي وڏي آزمائش ۾ انهن جي وڏي خوشيءَ ۽ بيحد غريبيءَ انهن ۾ امداد ڏيڻ جي سخاوت کي حد کان گھڻو وڌائي ڇڏيو.


جيئن تہ اوهين هر ڳالهہ يعني وشواس ۾، اُپديش ڏيڻ ۾، ڄاڻ توڙي هر طرح جي سرگرميءَ ۾ ۽ انهيءَ پريم ۾ جيڪو اسان سان رکو ٿا وڌندا ٿا وڃو، سو هن ڀلائيءَ واري ڪم ۾ بہ وڌندا وڃو.


ان کان علاوہ اوهان تي ايشور جي انهيءَ مهان ڪرپا کي ڏسي هو اوهان لاءِ ڏاڍي چاهت سان پرارٿنا ڪندا.


سو منهنجي پرارٿنا آهي تہ ڄاڻ ۽ هر طرح جي سمجھہ سان گڏوگڏ اوهان ۾ پريم گھڻي کان گھڻو وڌندو وڃي،


اوهين اهڙو ئي سڀاءُ رکو جهڙو يسوع مسيح جو هو.


سچ تہ يسوع مسيح جيڪو منهنجو پرڀو آهي، تنهن کي ڄاڻڻ واري مهان خوبيءَ جي ڀيٽ ۾ آءٌ هر هڪ شيءِ کي نقصان برابر ٿو سمجھان. هن جي خاطر مون سڀني شين تان هٿ کنيو آهي ۽ انهن کي گند ٿو سمجھان، تہ جيئن آءٌ مسيح کي حاصل ڪريان


اها پرارٿنا اسين انهيءَ لاءِ ٿا ڪريون تہ جيئن اوهين پنهنجو جيون پرڀو يسوع جي لائق گذاريو ۽ کيس هر طرح خوش رکو. هائو، اوهين هر ڪنهن نيڪ ڪم ۾ ڦلدار ٿيندي ايشور کي ڄاڻڻ ۾ وڌندا وڃو.


هائو، مسيح ۾ پاڙ ڄمائيندا ۽ مٿس پنهنجو جيون اڏيندا وڃو. جيئن اوهان کي سکيا ملي آهي، تيئن وشواس ۾ مضبوط ٿيندا وڃو ۽ بيحد شڪرگذاري ڪندا رهو.


مسيح بابت سنديش کي پوريءَ طرح پاڻ ۾ رهڻ ڏيو ۽ پوريءَ ڏاهپ سان هڪٻئي کي سکيا ڏيندا ۽ نصيحت ڪندا رهو. ان سان گڏ دل سان ايشور جي شڪرگذاري ڪندي زبور، ڀڄن ۽ آتمڪ گيت ڳائيندا رهو.


جيئن اسان کي اوهان سان بيحد پريم آهي، تيئن پرڀو يسوع شل اوهان جو پريم بہ هڪٻئي لاءِ، بلڪ سڀني لاءِ گھڻي کان گھڻو وڌائيندو رهي.


انهيءَ ڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي منٿ ٿا ڪريون ۽ پرڀو يسوع ۾ تاڪيد ٿا ڪريون تہ جيئن اسان اوهان کي سيکاريو هو تہ ايشور کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪيئن جيون گذارجي، جيڪو اوهين سچ پچ گذاري بہ رهيا آهيو، تيئن هاڻي اوهين انهيءَ ۾ اڃا بہ وڌندا وڃو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان تي لازم آهي تہ اوهان جي لاءِ هميشہ ايشور جو شڪر ادا ڪندا رهون. هي انهيءَ ڪري مناسب آهي جو اوهان جي وشواس ۾ گھڻي کان گھڻو واڌارو ايندو ٿو وڃي ۽ اوهان سڀني جو هڪٻئي لاءِ پيار وڌندو ٿو وڃي.


انهيءَ کان علاوہ اهي گھر گھر وڃي اجايو وقت وڃائڻ جون عادي بڻجن ٿيون. نہ رڳو اجايو وقت وڃائڻ بلڪ اجائي بڪ بڪ ڪن ٿيون ۽ ٻين جي ڪمن ۾ دخل ڏيندي اهڙيون ڳالهيون ڪن ٿيون، جيڪي ڪرڻ نہ گھرجن.


اهو بہ لازمي آهي تہ ڪريتي وارا اسان جا وشواسي ڀائر ڀينر چڱن ڪمن ڪرڻ ۾ مگن رهڻ سکن، انهيءَ لاءِ تہ جيئن هو ضرورتن جو پورائو ڪري سگھن ۽ بي‌فائدہ جيون نہ گذارين.


منهنجي پرارٿنا آهي تہ اسان کي مسيح ۾ مليل آسيسن جي ڄاڻ تو ۾ جيئن جيئن وڌندي وڃي، تيئن تيئن اسان سان تنهنجي وشواس واري صحبت مسيح جي خاطر اثرائتي ثابت ٿيندي وڃي.


سو اوهين سست نہ ٿيو، پر انهن جي نموني تي هلو، جيڪي وشواس ۽ ثابت قدميءَ جي وسيلي اها ميراث حاصل ڪن ٿا، جنهن جو وچن ايشور ڪيو آهي.


شل ايشور ۽ اسان جي پرڀو يسوع کي ڄاڻڻ جي وسيلي اوهان تي ڪرپا ۽ شانتي گھڻي کان گھڻي ٿيندي رهي.


پرڀو يسوع پنهنجي آڪاشي شڪتيءَ سان اهو سڀ اسان کي بخشي ٿو، جيڪو ڌرمچاريءَ سان جيون گذارڻ لاءِ ضروري آهي. اهو سڀ ايشور کي ڄاڻڻ جي وسيلي اسان کي حاصل ٿئي ٿو، جنهن اسان کي پنهنجي ذاتي مهانتا ۽ خوبين ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سڏيو آهي.


سو جيڪي ماڻهو اسان جي پرڀوءَ ۽ مڪتي ڏيندڙ يسوع مسيح کي ڄاڻڻ جي ڪري سنسار جي بڇڙاين کان ڇڏائجي ويا آهن، سي جيڪڏهن وري انهن بڇڙاين جي وس هيٺ اچي ڦاسي پون تہ انهن جي پوئين حالت اڳينءَ کان بہ وڌيڪ خراب ٿيندي.


ان جي بدران اوهين اسان جي پرڀوءَ ۽ مڪتي ڏيندڙ يسوع مسيح جي ڪرپا جي وسيلي کيس ڄاڻڻ ۾ وڌندا رهو. شل انهيءَ جي مهانتا جي مهما هاڻي بہ ٿئي ۽ هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan